مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يوناني فلاسافر عورتون: هيپيشيا فلسفي ۽ رياضي جي راڻي (حصو چوٿون)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي رڳو پنهنجي دور جون نه، پر زمانن جي وچ ۾ بيٺل هڪ اهڙي پُل بڻجي وينديون آهن، جنهن تان گذرندي انسان پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل کي هڪ ئي وقت ڏسي سگهي ٿو. اسڪندريه جي هيپيشيا به اهڙي ئي هڪ شخصيت آهي. سندس نالو رڳو فلسفي، رياضي يا فلڪيات جي تاريخ جو هڪ باب ناهي، پر اها هڪ اهڙي الميي جي علامت به آهي، جنهن ۾ علم ۽ جهالت، رواداري ۽ انتهاپسندي، تحقيق ۽ تعصب هڪٻئي جي سامهون اچي بيهن ٿا.
هيپيشيا بابت لکڻ، اصل ۾ هڪ فرد بابت لکڻ نه آهي. اها هڪ تهذيب جي آخري ڪاڳرن بابت لکڻ آهي اها ان شهر جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هڪ وقت دنيا جو علمي مرڪز هو؛ اها ان دور جي ڳالھه آهي، جڏهن ڪتابن جي خوشبو اڃان هوا ۾ موجود هئي، پر تلوارن جي ڌار آهستي آهستي ان خوشبوءَ تي غالب اچي رهي هئي. هڪ محقق لاءِ هيپيشيا جي شخصيت، رڳو هڪ تاريخي موضوع نه، پر هڪ فڪري سوال آهي! ڇا علم واقعي ايترو طاقتور آهي جو زمانن کي بدلائي سگهي يا تاريخ جي سياسي طوفانن اڳيان علم به ڪڏهن ڪڏهن بيوس ٿي پوي ٿو؟
هيپيشيا جي زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ، سڀ کان پهرين ان شهر کي سمجهڻ ضروري آهي، جتي هوءَ پيدا ٿي ھئي. اسڪندريه جيڪو صرف هڪ شهر نه هو؛ ھي قديم دنيا جي عقل جي گاديءَ جو هنڌ هو. جڏهن سڪندر اعظم مصر ۾ هن شهر جو بنياد رکيو، تڏهن شايد کيس اندازو به نه هو ته صدين کانپوءِ هي شهر علم، فلسفي، رياضي ۽ فلڪيات جو اهڙو مرڪز بڻجندو، جنهن جو مثال دنيا ۾ گهٽ ملندو.
اسڪندريه جي عظيم لائبريريءَ بابت جيڪي روايتون ملن ٿيون، اهي ڪڏهن ڪڏهن افسانوي محسوس ٿين ٿيون، پر انهن افسانن جي پٺيان هڪ حقيقت ضرور موجود آهي: اهو شهر مختلف تهذيبن، ٻولين ۽ فڪرن جو سنگم هو. يوناني فلسفو، مصري حڪمت، يهودي فڪر ۽ مشرقي روايتون هتي هڪٻئي سان ملي رهيون هيون. اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ ذهن لازمي طور محدود نه ٿي سگهندو.
هيپيشيا جو پيءُ اسڪندريه جو ٿيون پنهنجي دور جو مشهور رياضيدان ۽ فلڪيات جو ماهر هو. قديم ذريعن مان اهو تاثر ملي ٿو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي تعليم ۾ غير معمولي دلچسپي ورتي. هي ڳالهه معمولي نه هئي. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ عورتن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا گهڻو ڪري بند هوندا هئا، پر ھن پنهنجي ڌيءَ کي رڳو پڙهايو نه، پر کيس فڪر جي اهڙي دنيا ۾ داخل ڪيو، جتي سوال ڪرڻ کي عبادت سمجهيو ويندو هو.
تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته هيپيشيا رڳو پنهنجي پيءُ جي شاگرد نه رهي. وقت سان گڏ، هن پنهنجي ذاتي علمي سڃاڻپ پيدا ڪئي. هوءَ رياضي پڙهائيندي هئي، فلڪيات تي تحقيق ڪندي هئي ۽ فلسفي جون مجلسون هلائيندي هئي. سندس شاگردن ۾ رڳو عام ماڻهو نه، پر اعليٰ سرڪاري عملدار، سياسي اڳواڻ ۽ دانشور به شامل هئا.
هتي هڪ دلچسپ سوال پيدا ٿو ٿئي ته هيپيشيا جو فلسفو اصل ۾ ڇا هو؟
عام طور کيس “نيوفلاطوني”(Neo-Platonist) فلسفي چيو ويندو آهي، پر هي اصطلاح گهڻو ڪري غلط فهميون پيدا ڪري ٿو. نيوفلاطونيت صرفPlato جي فڪر جي تڪرار نه هئي؛ اها هڪ وسيع فڪري تحريڪ هئي، جيڪا عقل، روح ۽ ڪائنات جي وچ ۾ لاڳاپن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
هيپيشيا جي فڪر ۾ ڪائنات هڪ افراتفري نه، پر هڪ ترتيب هئي. هن لاءِ علم جو مقصد رڳو ڄاڻ گڏ ڪرڻ نه هو، بلڪه انسان جي روح کي وڌيڪ روشن بڻائڻ هو. اها روايت، جيڪا بعد ۾ اسلامي فلسفي ۽ يورپي نشاة ثانيه جي فڪر تي به اثرانداز ٿي، هيپيشيا جي درسگاهه ۾ زنده هئي.
قديم ذريعن ۾ سندس شاگرد Synesius of Cyrene جا خط خاص اهميت رکن ٿا. انهن خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيپيشيا صرف استاد نه هئي؛ بلڪه هوءَ هڪ اخلاقي رهنما به هئي. سندس شاگردن لاءِ هوءَ رياضي جا مسئلا حل ڪندڙ عالمه نه، پر زندگيءَ جي پيچيدگين کي سمجهائڻ واري مفڪر هئي.
هيپيشيا جي شخصيت جو سڀ کان حيران ڪندڙ پهلو شايد اهو آهي ته هن پنهنجي علمي حيثيت کي سماجي اثر ۾ تبديل ڪيو. ان دور ۾، جڏهن عورتن جي موجودگي گهڻو ڪري خانگي دائري تائين محدود هوندي هئي، هوءَ شهر جي اهم ترين فڪري شخصيتن مان هڪ هئي. سندس مجلسن ۾ ماڻهو علم سکڻ لاءِ ايندا هئا، پر ساڳئي وقت سياسي ۽ اخلاقي معاملن تي به صلاح وٺندا هئا، پر تاريخ جي سڀ کان وڏي الميي مان هڪ اهو آهي ته علم ۽ طاقت جو تعلق هميشه هم آهنگ نه هوندو آهي. پنجين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ اسڪندريه هڪ فڪري مرڪز کان وڌيڪ سياسي ۽ مذهبي تڪرارن جو ميدان بڻجي چڪو هو. پراڻي يوناني روايت، نئين مذهبي قوتن، ۽ سياسي مفادن جي وچ ۾ هڪ خاموش جنگ جاري هئي. هيپيشيا پنهنجي شهرت ۽ اثر سبب، ان جنگ جي مرڪز ۾ اچي وئي.
ڪيترائي جديد محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته هيپيشيا جو قتل محض مذهبي تعصب جو نتيجو نه هو. ان جي پٺيان سياسي طاقت جي جدوجهد، سماجي خوف ۽ فڪري اختلافن جو به وڏو ڪردار هو. جڏهن هڪ معاشرو فڪري گهڻائيءَ کي خطرو سمجهڻ لڳي، تڏهن سڀ کان پهرين نشانو اڪثر اهي ماڻهو بڻجن ٿا، جيڪي سوال ڪرڻ سيکارين ٿا.
415ع ۾ هيپيشيا جو المناڪ قتل رڳو هڪ عورت جو قتل نه هو. ڪيترن مورخن لاءِ اهو قديم يوناني علمي روايت جي زوال جي علامت طور به ڏٺو وڃي ٿو. يقينن تاريخ ايتري سادي نه آهي جو هڪ واقعي کي پوري تهذيب جي خاتمي سان ڳنڍي سگهجي، پر اهو ضرور سچ آهي ته هيپيشيا جو موت، علمي آزاديءَ جي تاريخ ۾ هڪ اونداهي يادگار بڻجي ويو.
جديد دور ۾ هيپيشيا جي شخصيت کي مختلف نمونن سان پڙهيو ويو آهي. ڪجهه ماڻهن لاءِ هوءَ سائنس جي شهيد آهي. ڪجهه لاءِ عورتن جي علمي آزاديءَ جي علامت. ڪجهه لاءِ مذهبي عدم برداشت خلاف مزاحمت جو نشان، پر هڪ محقق لاءِ شايد هنن سڀني تشريحن کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هيپيشيا هڪ اهڙي انسان هئي، جنهن پنهنجي عقل تي اعتماد ڪيو.
هن نه ڪو نئون مذهب قائم ڪيو، نه ڪا سياسي سلطنت. هن وٽ نه فوج هئي، نه خزانو. سندس اصل طاقت رڳو علم هو ۽ شايد اهوئي سبب آهي جو سندس نالو اڄ به زنده آهي، جڏهن ته سندس ڪيترائي مخالف تاريخ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي چڪا آهن.
هيپيشيا جي زندگي اسان کي اهو به سيکاري ٿي ته تهذيبن جو عروج صرف عمارتن، لشڪرن يا دولت سان نه ماپيو ويندو آهي. ڪنهن به تهذيب جو اصل معيار اهو هوندو آهي ته اها سوال ڪرڻ وارن ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري ٿي. جيڪڏهن سوال ڪندڙ محفوظ آهن، ته علم جي روشني باقي رهندي. جيڪڏهن سوال ڪندڙ خطري ۾ آهن، ته پوءِ تهذيب جي ظاهري شان به گهڻي دير تائين قائم نه رهي سگهندو.
انهيءَ معنيٰ ۾ هيپيشيا رڳو قديم يونان يا مصر جي شخصيت نٿي رهي، پر هوءَ هر دور جي شخصيت بڻجي وڃي ٿي. جتي به علم ۽ تعصب جو ٽڪراءُ ٿيندو، جتي به سوال ۽ طاقت هڪٻئي جي سامهون ايندا، جتي به تحقيق ۽ عقيدت جي وچ ۾ توازن جو مسئلو پيدا ٿيندو، اتي هيپيشيا جو نالو وري وري ياد ڪيو ويندو.
۽ شايد انهيءَ ڪري، تاريخ جي ڊگهي رات ۾، هيپيشيا اڄ به هڪ وساميل ڏيئي جيان نظر اچي ٿي، اهڙو ڏيئو، جيڪو وسامي وڃڻ کانپوءِ به پنهنجي روشنيءَ جو احساس ڇڏي ويو آهي.
حوالا..
Hypatia of Alexandria
Theon of Alexandria
Synesius of Cyrene
Maria Dzielska, Hypatia of Alexandria
Edward J. Watts, Hypatia: The Life and Legend of an Ancient Philosopher
Stanford Encyclopedia of Philosophy
Encyclopaedia Britannica
Socrates Scholasticus, Ecclesiastical History
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو