اليڪشن کانپوءِ ٺهندڙ حڪومت ملڪ کي استحڪام ڏئي سگهندي؟
پاڪستان پاڪستان جي تاريخ سان گڏ هڪ لفظ آهي عدم استحڪام مُني صدي گذرڻ کانپوءِ به جڏهن پوئتي نظر ڦيرايون ٿا ته پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن به استحڪام نظر نه آيو آهي. پهرين اليڪشنون نه ٿيون هيون، جيڪي ٿيون انهن کي مڃيو نه ويو ۽ مارشل لا اچي وئي، بس پوءِ اهو ڪوئي ٻلي واري راند هلي رهي آهي. اليڪشنون ڪرايو ته به عدم استحڪام نه ڪرايو ته به عدم استحڪام. مارشل لائون هڻون ته به ملڪ ۾ استحڪام نه اچي سگهي. اهڙي سفر کانپوءِ اڄ اسان 2024 ۾ پهچي چڪا آهيون، جتي جڏهن اسان برصغير جي ٻين ٻن ملڪن يعني ڀارت ۽ بنگلاديش ڏي نهاريون ٿا ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي حالتن تي افسوس ڪرڻو ٿو پوي. اسين دنيا سان ڪهڙو مقابلو ڪنداسين، اسين ڀارت سان مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، پر بنگال جنهن وٽ وسيلن جي اڻ هوند آهي، انهن جي باوجود اهو هن وقت اسان کان هر شعبي ۾ اڳتي آهي، تعليم هجي، ترقي هجي، غير ملڪي لاڳاپا هجن، پر اسان ڪنهن به پاڙيسري سان سٺا تعلقات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيون. هينئر به ائين ئي ٿيو آهي.