مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نون صوبن جي پويان ڪير آهي؟

Ambassador M. Alam Brohi سي.ايس.ايس، اڳوڻو سفير، پرڏيهي وزارت ۾ ڊپٽي چيف آف پروٽوڪول ڊائريڪٽر.

سفير محمد عالم بروهي ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ بين الاقوامي لاڳاپن، عالمي سياست ۽ پاڪستان، خاص طور سنڌ بابت سندس يادگيرين ۽ فڪري تجربن کي موضوع بڻايو ويو آهي.<br /> (1) The Global Power Politics: Overview of Current International Issues (2022). (2) The Changing Global Geo-Political and Strategic Dynamics: Challenges for Pakistan: Past and Present (2018). (3) A Voice In The Wilderness: Memoirs & Reflections (2017). (4) Sindh: Saga of Betrayal, Resilience and Hope. (5) Pakistan: A Sad Betrayal

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نون صوبن جي قيام واري تجويز هڪ ڀيرو ٻيهر نسلي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو آهي، خاص طور تي سنڌ ۾. ان تجويز سان اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار، صوبائي خود مختياري، پاڪستان جي وفاقي ڍانچي جي مستقبل ۽ انتظامي اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي بابت ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن. نون صوبن جي قيام جي تجويز گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقويءَ هڪ اهڙي معاشي ڪانفرنس ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي اهم صنعتڪارن شرڪت ڪئي هئي. سندس ان تجويز ننڍن صوبن، خاص طور تي وفاق جي ٻئي وڏي صوبي سنڌ ۾ سخت رد عمل پيدا ڪيو. پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌ پنهنجي جاگرافيائي وحدت جي ورهاست بابت ڪنهن به تجويز تي هميشه حساس رهي آهي. ملڪ جي قيام کان پوءِ ڪراچيءَ کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ بعد ۾ ان کي وفاقي علائقو قرار ڏنو ويو. محسن نقويءَ جي اعلان، سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سياسي خاموشيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. درياءِ سنڌ مان سڌو پاڻي کڻندڙ غيرقانوني ڪئنالن جي تعمير خلاف احتجاجن کان پوءِ اهي ڌريون هڪ اهڙي سياسي ماٺ ۾ هليون ويون هيون، جنهن ۾ بي عملي ۽ خود اطمينانيءَ جو عنصر نمايان هو. هاڻي انهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي جاگرافيائي وحدت جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ لهي آيون آهن. قومپرست اتحاد جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ آچر، 22 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف هڪ وڏي ريلي ڪڍي، جنهن جي پڄاڻي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هڪ وڏي عوامي جلسي جي صورت ۾ ٿي. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي آچر، 29 نومبر تي ڪراچيءَ ڏانهن مارچ ڪندي. ان مارچ جي حمايت سرائيڪي ۽ بلوچ قومپرست پارٽيون پڻ ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي سنڌ ۾ ڪافي عوامي حمايت حاصل آهي. حيدرآباد ۾ يومِ مادرِ وطن جي حوالي سان سندس سالياني تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. سندس ايندڙ ريليءَ بابت اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته اها قومپرست احتجاجن جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ پنهنجي ريليءَ جو شيڊيول 12 آڪٽوبر 2026ع تي حيدرآباد ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلي کان پوءِ جاري ڪيو هو. ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نمائندگي پارٽيءَ جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙي ڪئي هئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين پارٽين ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي، عوامي جمهوري پارٽي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي شامل هيون. ان ڪانفرنس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جا نمائندا پڻ شريڪ هئا. ڪانفرنس ۾ ٻين فيصلن سان گڏ سنڌ جي جاگرافيائي حدن اندر وڌيڪ صوبا يا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ واري تجويز جي مذمت پڻ ڪئي وئي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مقبول احمد به 29 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ نون انتظامي يونٽن جي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت بابت سندن نعرن جو مذاق اڏائيندي هڪ اشتعال انگيز مهم پڻ شروع ڪئي آهي. سندن هڪ سينيئر اڳواڻ ته پنهنجي ننڍي قد ڪاٺ کي بنياد بڻائي، سنڌين جي شهر ۾ وڌندڙ آباديءَ تي سوال اٿاريندي کين ڪراچي ڇڏي وڃڻ جو کليل پيغام ڏنو آهي.
29 نومبر تي امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ يا عوامي امن ۾ خلل پوڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي، نثار کهڙي جي سربراهيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ کين پنهنجي ريلي ملتوي ڪرڻ جي صلاح ڏني. ان کان پوءِ وفد ساڳي درخواست کڻي حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ وٽ پڻ ويو. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ نثار کهڙي کي ياد ڏياريو ته سندس ريليءَ جو اعلان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ شريڪ پارٽين جي حمايت پڻ حاصل آهي، تنهنڪري هو اها ملتوي نٿو ڪري سگهي. تنهن هوندي به هن پيپلز پارٽيءَ جي وفد کي خاطري ڪرائي ته ريلي پرامن رهندي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڪراچي پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي دعويٰ ڪئي ته نون صوبن جي تجويز بابت نه ساڻس ۽ نه ئي صدرِ مملڪت سان ڪا مشاورت ڪئي وئي آهي، نه اها وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آئي آهي. هو هڪ سچي ڳالهه ڪري رهيو هو. هن اهو پڻ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نئون صوبو قائم ڪرڻ لاءِ آئيني طريقيڪار کي پاسيرو رکڻ يا سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙن کي دٻائڻ لاءِ زور زبردستيءَ وارا قدم کنيا ويا ته رت وهندو. بلاول جو اهو بيان ڪراچيءَ ۾ موجود نسلي ۽ لساني ڇڪتاڻ ۽ شهر ۾ ماضيءَ جي خوني واقعن جي پسمنظر ۾ سامهون آيو. دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته هڪ گڏيل ۽ جامع دستاويز تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سڀني ڌرين جا نقطه نظر شامل ڪيا ويندا. کيس اهو به واضح ڪرڻ گهرجي ها ته اهو اهم ڪم ڪير يا ڪهڙو ادارو ڪري رهيو آهي. محسن نقويءَ جو چوڻ آهي ته ماڻهو چاهين يا نه چاهين، صوبا ضرور ٺاهيا ويندا. سندس ان بيان مان اهو تاثر ملي ٿو ته ڄڻ ان بابت فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو آهي. سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيو ويندڙ محمد علي درانيءَ جو چوڻ آهي ته نون صوبن جا مخالف سياسي طور ختم ڪيا ويندا. رانا ثناءُ الله عوامي سطح تي محسن نقويءَ کي ان ڳالهه تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ته هن هڪ حساس مسئلو غلط فورم تي اٿاري غلطي ڪئي آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف رانا ثناءُ الله کي پنهنجو وفادار سياسي ساٿي قرار ڏئي سندس ساراهه ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وزيرن کي نظم و ضبط ۾ رکڻ کان لاچار نظر اچي ٿو، جڏهن ته هن تڪراري مسئلي تي وفاقي ڪابينا اندر موجود اختلاف به هاڻي کلي عام سامهون اچي چڪا آهن. سوال اهو آهي ته محسن نقوي آخر ڪنهن جي چوڻ تي هن تڪراري منصوبي جي وڪالت ڪري رهيو آهي ۽ سندس پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي؟
بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽيءَ جي صورتحال اڃا تائين ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ملڪ ۾ هڪ نئين سياسي ڇڪتاڻ جنم وٺي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي رهائشگاهه جي چوڌاري پوليس جي گهيري خلاف احتجاج ڪيو آهي، جنهن سبب هو شهر ۾ وڪيلن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت به نه ڪري سگهيو. ڪراچيءَ ۾ پڻ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. ان جو هڪ سبب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جا اهي بيان آهن، جن ۾ هو سنڌ جي قومپرست ڌرين جي ڪراچيءَ ۾ سياسي ريليون ڪڍڻ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ورهاڱي يا ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ واري حق تي سوال اٿاري رهيا آهن. ملڪ جي معيشت اڃا تائين بحران مان ٻاهر نه نڪتي آهي. اسان بار بار خوشحال دوست ملڪن کي قرضن جي ادائگيءَ جي مدي ۾ واڌ لاءِ اپيلون ڪري پنهنجي خودمختياريءَ تي سمجهوتا ڪندا رهيا آهيون. مهانگائيءَ اسان جي لڳ ڀڳ اڌ آباديءَ کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪي ڇڏيو آهي. روزمره جي استعمال وارين شين ۽ دوائن جا اگهه ايترا وڌي ويا آهن، جو وچولو طبقو ته ڇڏيو، هيٺيون وچولو طبقو ۽ غريب ماڻهو به اهي خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن. روزگار جا موقعا محدود ٿي ويا آهن ۽ نوڪرين جي منڊي ۾ ڪا خاص چرپر نظر نٿي اچي. ٻارڻ ۽ بجلي، گئس سميت ٻين بنيادي سهولتن جي وڌندڙ خرچن عوام جون پريشانيون اڃا به وڌائي ڇڏيون آهن. عوام کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران حڪمرانن قوم کي نون صوبن جي هڪ بي مقصد بحث ۾ الجهائي ڇڏيو آهي. ڇا اهو ماڻهن جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ جي ڪا حڪمت عملي آهي؟ ڇا حڪمرانن نون صوبن جي قيام کان پوءِ رياست کي درپيش سياسي، معاشي، مالي، انتظامي ۽ آئيني نتيجن جو مڪمل جائزو ورتو آهي؟ اسان ته اڃا تائين فاٽا کي خيبر پختونخواهه ۾ ضم ڪرڻ کان پوءِ پيدا ٿيل مسئلا به حل ڪري نه سگهيا آهيون. ضم ٿيل ضلعن ۾ گهربل انتظامي ڍانچا قائم ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرڻ لاءِ به مناسب فنڊ مختص نه ڪيا ويا آهن.
ڇا نون صوبن جي قيام جو اصل مقصد اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ آهي؟ اختيارن جي منتقليءَ بابت هڪ اهڙو جواب، جنهن تي تڪرار جي گنجائش نه هجي، اهو آهي ته يونين ڪميٽين کان وٺي ميونسپل ڪارپوريشنن تائين مقامي حڪومتن کي انتظامي ۽ مالي طور بااختيار بڻايو وڃي. سنڌ ۾ چونڊيل ۽ فعال مڪاني حڪومتون موجود آهن. تازو ئي لاڙڪاڻي، بينظيرآباد، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ميئرن ڪراچيءَ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري تجويز جي مخالفت ڪئي. ان جي ابتڙ پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪا به فعال مڪاني حڪومت موجود ناهي. ننڍن صوبن کي اهو خدشو آهي ته موجوده وفاقي وحدتن کي ورهائي ڪيترائي ننڍا صوبا ٺاهڻ سان اسٽيبلشمينٽ کي انهن علائقن تي پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. انهن کي اهو ڊپ پڻ آهي ته موجوده وفاقي وحدتن جي ورهاست کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ موجوده پارلياماني نظام جي جاءِ تي حڪمرانيءَ جو ڪو نئون نظام مڙهي سگهي ٿي. اهڙي نظام هيٺ آباديءَ جي لحاظ کان وڏي صوبي کي ننڍن صوبن ۽ علائقائي وحدتن تي سياسي ۽ معاشي بالادستي حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ انهن جي قدرتي وسيلن تي پڻ قبضو ڪري سگهجي ٿو. موجوده نظام جي خاتمي، ان جي ممڪن نئين سر جوڙجڪ ۽ ريفرنڊم ڪرائڻ بابت غيرذميواراڻين ڳالهين آئيني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ بدران هيءَ سموري غيريقيني ۽ مونجهاري واري صورتحال پيدا ڪئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو