سنڌ ۾ پريس ڪلبن جي باقاعدي اداري ۾ باقاعدي رجسٽريشن جي سرڪار وٽ ڪابه پاليسي ناهي. جيڪڏهن اسڪول، مدرسا ۽ سمورا ڪاروبار رجسٽر ٿين ٿا ته پريس ڪلب رجسٽر ڇو نه آھن؟ اصل ۾ انھن لاءِ قانون ۽ رولز آھن ئي ڪونه. ڊاڪٽر، وڪيل ۽ اسٽامپ وينڊر، ڊرائيور ۽ ٻيا لائسنس ھولڊر آھن ته صحافي ڇو نه آھن. اگر ڪي پريس ڪلب رجسٽرڊ آھن به ته اھي فلاحي اداري طور ٻين ھنڌن تي ٻين ادارن ۾ ٻين ڪمن طور رجسٽر آھن، صحافين جي بطور صحافي ڪٿي به رجسٽرڊ ناھن.