پڙهڻ جي عادت برقرار رکڻ ضروري آهي
والدين، استادن، اسڪول جي سربراهن ۽ رهنمائن جو هڪ اهم ۽ پسنديده موضوع “نوجوان نسل ۾ پڙهڻ جي عادت جو گهٽجڻ آهي.” جيتوڻيڪ ٻارن جي سکيا جي طريقن ۾ تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي هو ڊجيٽل ۽ بصري (وڊيوز وغيره) ذريعن کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا، پر ان سان گڏ والدين جي پنهنجي عادتن ۾ ايندڙ تبديليءَ کي ڏسڻ پڻ ضروري آهي. چئن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي 24 والدين کان جڏهن پڇيو ويو ته هو پنهنجي ٻارن کي ڪيترا ڀيرا آواز سان پڙهي ٻڌائيندا آهن، ته رڳو ٻه سيڪڙو والدين اهڙا هئا جيڪي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ٻارن کي پڙهي ٻڌائيندا هئا. اسان جي ثقافت مان پڙهڻ جي عادت ختم ٿيڻ جا ڪارڻ نه صرف حيران ڪندڙ، پر ڳڻتي جوڳا پڻ آهن.
پهريون سبب اهو آهي ته ٻارن جي زندگيءَ ۾ معلومات جو وڏو هجوم کين فائدي واريون سرگرميون چونڊڻ نٿو ڏئي. شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ، کين اتساهڻ ۽ حوصلي افزائي ڪرڻ جي ذميواري والدين، استادن ۽ رهنمائن تي آهي، جيڪي روزاني جي مصروف شيڊيول مان ٻارن کي وقت ڏيارڻ ۾ سڀ کان بهتر مدد ڪري سگهن ٿا. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته، جڏهن اسان پنهنجي قديمي سياڻپ ۽ ڏاهپ تي ٻڌل ريتن رسمن جي ختم ٿيڻ تي افسوس ڪيون ٿا، تڏهن اسان کي انهن کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ مان وڏو فائدو ٿي سگهي ٿو. اهڙي ئي هڪ روايت “قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائڻ” آهي. ڏاڏين نانين کان وٺي وڏين ڀينرن ۽ ڀائرن کان وٺي پاڙيسرين تائين، سماج جي هر طبقي جا رشتا ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي سٽاءُ ۾ پوتل هئا. اسان مان گهڻا ماڻهو جِنن، پرين ۽ ديون جي ڪهاڻين کان واقف آهن، جيڪي خوف، وهم، اميدن، خوابن ۽ اتساهه توڙي تخليق جو سبب بڻجنديون هيون. ڪهاڻيون ٻارن جي سوچ، سندن سٺي ۽ بري جي تميز، پاڻ تي ڀروسي، انساني سوچ جي پرک ۽ زندگي جي جهنجهٽن، چئلينجن، موقعن توڙي صلاحيتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. ڪهاڻيون ٻڌائڻ ۽ پڙهڻ جو اصل مقصد ٻارن ۾ تجسس ۽ ڳولها جي تڙپ، سوچ ۽ علم کي وڌائڻ آهي. ان کان سواءِ ٻار پنهنجي خاندان، دوستن ۽ استادن کان مليل “سينه به سينه” هلندڙ معلومات تي گذارو ڪرڻ جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ اسان پڙهڻ مان ملندڙ تبديليءَ جو وڏو فائدو وڃائي ويهندا آهيون.
جڏهن اسڪولن ۾ شاگردن لاءِ پڙهڻ جا حلقا يا لائبريريءَ جو وقت مقرر ڪيو ويندو آهي، تڏهن کين تمام گهٽ اهو وقت يا موقعو ڏنو ويندو آهي ته هو جيڪو ڪجهه پڙهي چڪا آهن، ان بابت پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار ڪري سگهن. جيڪڏهن پڙهڻ جي عادت ذريعي ڪا مثبت تبديلي آڻڻي آهي، ته پوءِ ان کي صرف هڪ طرفو عمل نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن شاگرد ڪنهن پڙهيل مواد کي پنهنجن لفظن ۾ ٻيهر بيان ڪن، ان جو تجزيو ڪن يا پرک ڪن، سوال پڇن ۽ ٻين جي اڳيان پيش ڪن ته ان سان منجهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ، ڳالهين کي ترتيب ڏيڻ ۽ پنهنجي اصل سوچ کي ٻين تائين پهچائڻ جو اعتماد پيدا ٿيندو آهي. پڙهڻ جي عادت کي برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ هڪ اهڙي تبديل ڪندڙ طاقت آهي جيڪا فردن ۽ سماج ٻنهي کي فائدو پهچائي ٿي. هيءَ عادت علم، پرکڻ جي صلاحيت، همدردي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي مهارت ۽ معاشي پيداوار کي وڌائي ٿي. پڙهڻ جي ثقافت کي هٿي ڏئي ٿي، سماج پڙهيل لکيل، روادار ۽ تخليقي شهري پيدا ڪري سگهي ٿو. دنيا جو ڪو به سماج پنهنجي اڳواڻن، سگهاريون تبديليون آڻيندڙن، مفڪرن ۽ رهنمائن کان سواءِ ڪڏهن به ناهي بدليو ۽ اسان جو نئون نسل انهن جو ئي پڙاڏو هوندو آهي. تنهنڪري، اصل سوال اهو آهي ته: جڏهن رهنما، والدين ۽ استاد پنهنجي ذميواري نئين نسل ڏانهن منتقل ڪن ٿا، ته ٻار انهن مان ڪهڙي ڳالهه پرائي رهيا آهن؟ ان بدران جو اسان اهو پڇون ته ٻار هاڻي ڇو نٿا پڙهن، اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي رهيا آهن ۽ ڪهڙيون عادتون سکن پيا. ٻار پنهنجي سنڀال ڪندڙن، استادن ۽ رهنمائن جو ئي نقل ڪندا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ٻار پڙهڻ ڏانهن اتساهجن، ته کين پنهنجي آسپاس پڙهڻ جي هڪ مڪمل ماحول جي ضرورت آهي.
ٻارن کي مختلف قسمن جي ڪتابن تائين رسائي ۽ پنهنجي پسند چونڊڻ جي آزادي پڻ ملڻ گهرجي. جيڪڏهن مٿن ڪتاب مڙهيا ويندا يا کين مخصوص ڪتاب پڙهڻ لاءِ چيو ويندو، ته هو پڙهڻ کان لهرائيندا. فيصلو ڪرڻ پڙهڻ جي عمل جو هڪ اهم حصو آهي، جيئن ان مان مطلب ڪڍڻ ۽ ان تي پنهنجو رد عمل ڏيڻ ضروري آهي. ٻار جيڪو ڪجهه پڙهندا آهن، ان بابت ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن؛ کين پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جو موقعو ۽ هڪ ڌيان سان ٻڌندڙ ڪن گهرجي. سادي لفظن ۾، ان لاءِ صرف هڪ اهڙي وڏي ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو صبر سان ويهي ٻار کان ڪهاڻي ٻڌي يا سندس خيالن کي سمجهي، چاهه سان جواب ڏئي ۽ سوال پڇي. اسان اڪثر سوشل ميڊيا ۽ معلومات جي ھجوم جي هن دور ۾ ٻارن جي گهٽجندڙ ڌيان بابت ڳالهائيندا آهيون، پر ان ڳالهه تي گهٽ بحث ڪندا آهيون ته اسان ٻارن کي هڪ منظم طريقي سان مسلسل ۽ ڌيان ڏئي هن مسئلي کي ڪيئن حل ڪري سگهون ٿا. اسان مان ڪيترا وڏا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي هٿن ۾ موجود موبائيل فونن تان ڌيان هٽائي، بيزاريءَ کان سواءِ ڪنهن ٻار سان هڪ طويل گفتگو ڪري سگهن ٿا؟
اهڙي دنيا ۾ جتي تصويرن کي ھيٺ مٿي ڪرڻ ۽ سرسري نگاهه سان ڏسڻ جو تمام گھڻي مقدار ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ ماحول آهي، اتي تيز رفتار گفتگو هڪ معمول بڻجي چڪي آهي. پڙهڻ ٻارن کي رفتار گهٽ ڪرڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو، ۽ کين فوري طور هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي منتقل ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ گهرائي کي چونڊڻ سيکاري ٿو. تنهن هوندي به، ٻارن کي هن سفر ۾ وڏن جي ساٿ ۽ رهنمائيءَ جي ضرورت هوندي آهي. ٻارن جي اسڪرين ٽائيم کي محدود ڪرڻ سان خود بخود اهو طئي نه ٿيندو ته هو ڪنهن ٻئي هنڌ وڌيڪ فائدي واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويندا، پر سندن پڙهيل ڪتابن بابت ٻه طرفي گفتگو ڪرڻ پڙهڻ جي مستقل عادت کي وڌائڻ تي گهرو اثر رکي ٿو. پڙهڻ سان تجسس پيدا ٿيندو آهي، نه ڪي تجسس سان پڙهڻ؛ ۽ تجسس ئي هر قسم جي سکيا لاءِ بنيادي مهارت آهي.
حوالو: ڊان نيوز پيپر. تاريخ: 8 آگسٽ 2026
موضوع: Reading woes
هي مضمون ڪيئن رهيو؟