مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هالا ناڪا ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڇو؟

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ھالا ناڪا حيدرآباد شھر جي ڦهلاءَ جي نتيجي طور آباد ٿيو آهي، جتي مال جا واڙا، ٽرانسپورٽ جا اڏا، واپاري مال جا گودام، گاڏين جا گئراج، گرڊ اسٽيشن، واپدا ڪالوني، سبزي منڊي، اسپتال، زرعي فارم، رھائشي اسڪيمون تعميراتي سامان جا دڪان جنگي مقدار ۾ موجود آهن. ھالا ناڪا جي سڃاڻپ اقتصادي حب طور ڪري سگهجي ٿي، پر افسوس ھن ڳالهه جو آهي ته هن علائقي جو ڍانچو ناڪاره رھيو آھي، روڊ رستا، ڊرنيج سسٽم، بجلي ٽيليفون، پارڪ، شادي هال جي لحاظ کان محروم رکيو ويو آهي. ھتي مال جا واڙا ججھي مقدار ۾ هجڻ سبب ماحولياتي گدلاڻ جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوبه ادارو ناھي. ھالا ناڪا جي مک چينل واھ فلائي اوور يا مٿانھين لنگھه ويجھو موجود مارڪيٽ، بينڪون، واپاري مرڪز، گودامن جي باوجود سمورا روڊ رستا، تباھ ٿيل آھن، ڪنھن به گھٽي ۾ پيور بلاڪ لڳل ناھن، جنهن سبب ماڻهن جي اچ وڃ مشڪل آهي.
سمجھه ۾ نٿو اچي ته ھتان جي تاجر برادري جيڪا غير مقامي ڏسجي ٿي اهي سهولتن جي لاءِ ڇو نٿا ڳالهائين، ڇو ميڊيا ھن علائقي کي رپورٽ نٿو ڪري؟ ھالا ناڪا مارڪيٽ ۾ ايترا وڏا واپاري ويٺا آهن، پوءِ ترقياتي ڪم ڇو نه پيا ٿين؟ لڳي ٿو ھتان جي تاجر برادري ان معاملي ۾ دلچسپي نٿي رکي يا ووٽ داخل نه آھن، ھن مارڪيٽ جي پسمانده ھجڻ جو ڪو واضح سبب ٿي سگهي ٿو. ھالا ناڪا جي مک روڊ چينل کان اسرا اسپتال تائين روڊ جي کاٻي پاسي کان گاڏين جا گئراج آهن، ھن روڊ تي خراب پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪوبه وڏو نالو ناهي. تازو ھڪ ۳۰ انچ جي پائپ لائين رکي وئي آهي. ھن روڊ تي پيادل پيچرو پڻ ناھي، جنھن جي ڪري پيادل ھلڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. دڪانن جي پٺيان چار واٽر ڪورس آھن جن جي صفائي گھربل آھي، گئراج جي گندگيءَ لاءِ ڪو ڪنٽينر رکيل ناھي، روڊ جي صفائي گھربل آھي. هالا ناڪا جي مٿانھين لنگھه جي اولھه طرف چار واٽر ڪورس ۱۹۷۰ جي ڏهاڪي ۾ تعمير ڪيا ويا، جن جي واھ مان نڪرندڙ موري ٺھيل ھئي جنھن کي ھاڻي ختم ڪري نئين پائپ لائين ۽ پمپنگ اسٽيشن تعمير ڪئي وئي آهي. مٿانھين لنگھه جي تعمير سان گڏ چئن واٽر ڪورسن جي موري يا پمپنگ اسٽيشن جو ڪم پڻ ڪيو ويو آهي، جيڪو ترقياتي ڪم جي حوالي سان قابلِ ذڪر ڪم شمار ڪري سگهجي ٿو. مال جا وڏا واڙا موجود آهن جن جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو جوڳو بندوبست نه ھجڻ ڪري بدبوءِ، گندگي جو آزار آهي. قادر اوينيو جي داخلي دروازي کان لنگهندي ساهه گهٽجيو وڃي. ڀرپاسي جي رھواسين لاءِ ماحولياتي گندگي وڏو مسئلو بڻيل آهي. ھالا ناڪا ۾ مال جي واڙن جو ٻيو وڏو مرڪز سبزي منڊي جي اولھه ۾ چينل واھ کان حيدرآباد نيو سٽي روڊ تي واقع آھي، بدبوءِ سبب جتان گذرڻ به مشڪل آهي، ضلعي انتظاميه کي ماحولياتي تحفظ ڪاڻ ڪجھه ڪرڻ کپي. ان کان علاوه سبزي منڊي جي گندگي، ڪچري کي نيڪال ڪرڻ لاءِ پڻ جوڳو بندوبست ڪرڻ کپي. ھن علائقي جي گندگي جي نيڪالي لاءِ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي کي ٺيڪو ملڻ کپي.
سبزي منڊي ۽ مال جي واڙن سبب ھن علائقي جي سڀ کان وڏي رھائشي اسڪيم فضل سن سٽي کي ماحولياتي آلودگي جو خطرو آهي.
چئن واٽر ڪورسن جي ٻنهي پاسن کان وڏا مال جا گودام ٺھيل آھن، قادر اوينيو جي دروازي ۽ روڊ کان اڳ ھتان گذر ڪرڻ مشڪل ھو، ھاڻي ھڪ ڪشادو ٻطرفو روڊ ٺھي ويو آهي، جيڪو اسڪيم جي بلڊر عارف ميمڻ طرفان ٺاهيو ويو آهي. سرڪاري يا ضلعي انتظاميا طرفان علائقي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناھي ٿيو. نجي رھائشي اسڪيمن جي ڪري ھن علائقي ۾ ڪجھه ترقياتي ڪم نظر اچن ٿا، باقي بلدياتي ادارن طرفان ھتي ڪوبه ترقياتي ڪم نٿو ڏسجي. ھالا ناڪا ۾ ترقياتي ڪم نه ھجڻ ڪري رھائشي توڙي واپاري برادري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي. ھر تاجر برادري جي ڪا تنظيم به ناھي جيڪا ڪوشش ڪري سگھي.
چينل واھ جي مٿانھين لنگھه جي ٻنهي ڪنارن سان ڪجھه ڪچي آبادين سبب واھ جي خوبصورتي به متاثر ٿي رهي آهي. چينل واھ جي ساڄي پاسي نيشنل مارٽ، خورشيد ٽائون واري پاسي ڪناري سان ڪو روڊ تعمير ناھي، جنھن جي ڪري واھ جي خوبصورتي سان گڏ علائقي جي ماڻهن لاءِ متبادل رستو، روڊ ناھي، جنھن جي ڪري ھي علائقو بند گلي وانگر لڳي ٿو. اڳيان ھڪ موري آهي، جيڪا سبزي منڊي کي ايڪسپو سينٽر ۽ خورشيد ٽائون کي پاڻ ۾ ملائي ٿي، جيڪا ڪافي اھميت واري آهي. چينل واھ جي ساڄي ڪناري سان باءِ پاس کان مرزا ڦاٽڪ تائين روڊ جي تعمير سان ھن واھ جي خوبصورتي بحال ڪري سگهجي ٿي. ھالا ناڪا ۾ ھلندڙ ترقياتي منصوبا: (1) چينل واھ روڊ (2) بينظير مٿانھين لنگھه جي تعمير جو منصوبو (3) باءِ پاس کان صائمه پلازه پڃاري واھ جي ساڄي ڪناري روڊ جي تعمير (4) ھالا ناڪا روڊ تي شمسي توانائي تي هلندڙ روشني جو بندوبست.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو