ايران کي اوچتو گوادر ڇو ياد آيو آهي؟
گوادر پاڪستان جو سڀ کان اسٽريٽيجڪ بندرگاهه آهي. ان جي اهميت چئن سطحن تي آهي، هڪ جاگرافيائي طور اسٽريٽيجڪ حوالي سان عمان جي نار واري واٽ تي واقع آهي ۽ دنيا جي 40 سيڪڙو تيل جو رستو هتان گذري ٿو. هي هرمز لنگهه کان رڳو 400 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. جيڪڏهن اهو رستو بند ٿئي ته گوادر متبادل بڻجي سگهي ٿو. ٻيو ته گوادر اقتصادي حوالي سان CPEC جو حصو آهي. چين پاڪستان اقتصادي رستي CPEC جي آخري پوائنٽ گوادر آهي. هي منصوبو 62 ارب ڊالرن سان ٺاهيو ويو آهي ۽ چين کي نار ۽ آفريڪا جو رستو ملاڪا جي تنگي کانسواءِ 12,000 ڪلو ميٽر بچت تي آهي. مطلب ته ڪارگو بحري جهاز 16 ڏينهن جلدي پهچي ٿو. ان کانسواءِ فري زون، LNG ٽرمينل، ايئرپورٽ، رستا، بجلي جا منصوبا هتي لڳي رهيا آهن جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. ٽيون واپار جي لحاظ کان هي وچ ايشيا، افغانستان، چين جي اولهه واري صوبي سنڪيانگ لاءِ سڀ کان ننڍو ۽ سستو رستو آهي، جيڪو “ٽرانس شپمينٽ حب” بڻجي سگهي ٿو، جتي وڏا جهاز لنگر انداز ٿي سامان ننڍن جهازن ۾ منتقل ڪندا. ان سان گڏ مڇيءَ جي صنعت، ڊيپ سي فشنگ، شپ بريڪنگ يارڊ جو امڪان پڻ آهي. هي بحريه جي نظر سان “پاڪستان جي ٽين اک” آهي. ڇوته پاڪ نيوي جي موجودگي علائقي ۾ توازن رکي ٿي. جڏهن ته چين، پاڪستان، ايران، خليجي ملڪن سميت سڀني جي دلچسپي جو مرڪز پڻ آهي. جيڪو گوادر تي اثر رکڻ سان گڏ، خطي جي واپار تي اثر رکندو. ڇو ته گوادر رڳو بندرگاهه نه آهي، پر اهو پاڪستان جي معاشي مستقبل جو دروازو آهي. جيڪڏهن ان کي صحيح طرح هلايو وڃي ته اهو “ايشيا جو دبئي” بڻجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ايران ۽ گوادر سڌو سنئون پاڙيسري آهن. ٻئي بندرگاهه عمان جي نار تي آهن ۽ وچ ۾ رڳو 170 ڪلو ميٽرن جو فاصلو آهي. جڏهن ته چابهار ايران ۽ ڀارت جو منصوبو آهي، جيڪو بين الاقوامي اتر ڏکڻ ٽرانسپورٽ راهداري آهي. افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين جو رستو آهي. هي ٻئي هڪٻئي جا متبادل آهن. ان ڪري ايران هميشه گوادر تي نظر رکي ٿو. ان جي تعاون جا ٽي حصا آهن. پهريون IP گيس پائيپ لائين ايران کان گوادر/ڪراچي تائين وڃڻي هئي، پر آمريڪا جي پابندين سبب پاڪستان وارو حصو مڪمل نه ٿيو آهي. جڏهن ته ايران بار بار ياد ڏياريندو رهيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجي پائيپ لائين کي مڪمل ڪرڻ گهرجي يا ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. ٻيو آهي سيڪيورٽي، هن سرحد تي اڪثر بلوچ جيش العدل جا حملا ٿيندا رهيا آهن. ٻنهي ملڪن کي گڏجي سرحد محفوظ ڪرڻي آهي. ايران مطابق گوادر جي ترقي بغير سرحدي امن جي ناممڪن آهي. ٽيون حصو اسمگلنگ يا اقتصاديات آهي، گوادر فري زون ۽ چابهار فري زون ضروري آهن. ايران چاهي ٿو ته ٻنهي پورٽس کي ڳنڍي “ڪوسٽل ڪوريڊور” ٺاهجي ته جيئن اسمگلنگ گهٽجي ۽ قانوني واپار وڌي سگهي. 2024-2025 ۾ چين گوادر ۾ نئين سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو. ايران سعودي لاڳاپا بحال ٿيا، ان کانپوءِ ايران خطي ۾ نرم پاليسي اختيار ڪري رهيو آهي. ايران چابهار کي چين ۽ روس سان ڳنڍڻ چاهي ٿو، پر گوادر جي تيز رفتار ترقي ڏسي کيس محسوس ٿي رهيو آهي ته کين CPEC جو حصو هجڻ گهرجي. گوادر صرف پاڪ چين جو نه، اهو سڄي خطي جو گيٽ وي آهي يا ائين کڻي چئجي ته هي ٻئي بندرگاهه هڪٻئي سان مقابلي واري حالت ۾ آهن. ايران چاهي ٿو چابهار سان گڏ گوادر به وٽس هجي. آمريڪا جي پابندين جي ڪري جيڪو بندرگاهه استعمال ۾ نه آهي. هاڻي ان سوال طرف اچون ٿا ته آخر گوادر ڇو؟ سبب تمام سادو آهي. گوادر ايران جي سرحد جي بلڪل ويجهو آهي. بلوچستان جي رستي زميني رستو سڌو ايران ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي سمنڊ به آهي ۽ زمين به آهي. فائنل آپشن هجڻ ڪري ايران اهو ڪڏهن به وساري نه سگهندو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪير بندرگاهه جي ويجهو آهي؟ گوادر يا چابهار؟ جيڪڏهن صاف چئجي ته اهو گوادر آهي. ايران جو سامونڊي رستو چين پاڪستاني پٽي آهي، جيڪا گوادر کان ايران جي زمين جي سرحد تائين ڇهن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي آهي. چين جي حساب سان گوادر ايران لاءِ وڌيڪ قدرتي ۽ اسٽريٽيجڪ رستو آهي. پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ٿو ته پهرين هن کي آپشن ڇو نه چيو ويو؟ ان جو سولو جواب اهو آهي ته هن وٽ اهو سڀ ڪجهه موجود هو جيڪو ايران وٽ نه هو، يعني ڪچو تيل، ريفائنري سسٽم، فري ٽريڊ زون، جديد پورٽ انفرااسٽرڪچر. هاڻي گوادر آهستي آهستي مقابلو ڪرڻ جي وسيع بندرگاهه بڻجڻ وارو آهي. هاڻي ايران پاڪستان سان تعاون ۾ اچڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن منظور ڪيو وڃي ته پاڪستان ۽ ايران جي واپار ۾ اربين ڊالرن جو اضافو ٿي سگهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟