انسان مايوس ڇو ٿيندو آهي؟
انسان مايوس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن سندس خواب ڀورا ڀورا ٿي ويندا آهن. انسان بک کان نه به مري، پر انسان خواب ٽٽڻ کان مريو وڃي. هو جڏهن ماءُ جي پيٽ مان دنيا ۾ اچي ٿو ته سندس هٿ خالي هوندا آهن، پر جڏهن شعور جون منزلون طئي ڪري ٿو ته وٽس هزارين خواب هوندا آهن. هو پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق نوان خواب ڏسندو ويندو آهي ۽ پنهنجي دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ اتساهڪ هوندو آهي ۽ انهن خوابن جي ذريعي ئي هو پنهنجي دنيا کي تبديل ڪرڻ چاهيندو آهي، پر پوءِ آهستي آهستي هن کي خبر پوندي آهي ته هيءَ دنيا ايتري سادي ناهي، جيتري ڪتابن ۾ لکيل آهي. جڏهن محنت بي قدر ٿي وڃي، جڏهن سچ جي ڪا به قيمت نه رهي، جڏهن پنهنجا ئي پرايا ٿي وڃن، جڏهن هر دروازو بند ملندو اٿس، تڏهن انسان جي اندر جو ڏيئو وسامي ويندو آهي. خوابن جو ڀورا ڀورا ٿيڻ ڪو معمولي موت ناهي، اهو حقيقت ۾ روح جو موت هوندو آهي. ديوارون ته بيٺل نظر اينديون آهن، پر انهن اندر رهندڙ ماڻهو مري ويندو آهي. هو هلندي، ڳالهائيندي، کلندي نظر ايندو آهي، پر اندر کان ختم ٿي چڪو هوندو آهي. مايوسي تڏهن جنم وٺندي آهي، جڏهن انسان پاڻ کان ئي سوال ڪري ته ڇا منهنجي ايتري محنت جو اهو ئي صلو هو؟ ۽ جڏهن ان سوال جو جواب ڪير به نه ڏئي، نه سماج، نه سسٽم ۽ ٻڌڻ وارو ڪوبه نه هجي، تڏهن انسان ٽٽي پوي ٿو. هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو هن ميڙ ۾ به. ان ڪري چوندا آهن، ماڻهو کي ڪڏهن به ايترو نه آزمايو جو هو خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏئي، ڇو ته جنهن ڏينهن انسان خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو، ان ڏينهن هو جيئڻ ڇڏي ڏيندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟