مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پوليس ڪنھن جوابدار جي ڏوھ جي سزا ان جي گھر ڀاتين کي ڇو ٿي ڏئي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پوليس جڏهن ڪنهن به مفرور جوابدار کي گرفتار ڪرڻ وڃي ٿي ۽ جڏهن اهو جوابدار انهن کي اتي نٿو ملي ته ان جوابدار جي گهرڀاتين کي تنگ ڪري ٿي يا انهن جي گھر کي ڊاھڻ يا ان مفرور جوابدار جي عيوضي ۾ گرفتار ڪري سخت غير قانوني قدم کڻي ٿي. پوليس جو شعبو جيڪو قانون جي حفاظت جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي اهو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. سنڌ ۾ اھا غير قانوني روايت سالن کان جاري آھي. جڏھن به ڪنھن جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ان جي گھر تي ڇاپو هڻندي آھي ته اڪثر حالتن ۾ جوابدار ته اتي ڪونه هوندو آهي، پر پوليس کي ان گهر مان قيمتي ٽپڙ، چوپايو مال ۽ ٻيون استعمال جون شيون جيڪي هڪ گهر جي لاءِ انتهائي اهم هونديون آهن کڻڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. ان کان سواءِ جيڪي شيون بچي وينديون آهن انهن کي به سخت نقصان رسائيندي آھي، کٽون، ٿانوَ ڀڃي ڇڏيندي آھي ۽ اھڙا منظر پوليس خود رڪارڊ ڪري وري ميڊيا تي قانوني ڪارروائي ڄاڻائي فخر سان خود وائرل به ڪندي آھي، نه صرف ايترو بلڪه ان مفرور جوابدار جي گهروارن کي به واڙي لاڪ اپ ۾ بند ڪندي آهي. اسان جي اٻوجهه عوام کي اها خبر هجڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو هڪ سنگين جرم آھي، جنھن جو نوٽيس پوليس کاتي جون اعليٰ اختياريون گهڻو ڪري نه وٺنديون آھن. ڪنھن به جوابدار جي گھرڀاتين خاص طور تي عورتن يا ٻارن جو آخر ڪھڙو قصور ھوندو آھي جو انھن کي ايئن ھيسايو ويندو آھي. هاڻي دور بدلجي چڪو آهي، اهو دور گذري ويو جڏهن پوليس جوابدار جي گھر ۾ گھڙي ان جون دانگيون به ڀڃي ايندا ھئا ۽ فخر سان چوندا ھئا ته جوابدار جڏھن گھر موٽي ته ان سان ان کي ماني به نه ملي، کٽون به ٽوڙي ايندا ھئا ته جيئن جوابدار گھر اچي ته ان کي سمھڻ لاءِ کٽ به نه ملي، ھاڻي اھڙا منظر سوشل ميڊيا تي اچڻ لڳا آھن، جيڪي نسورا ناحق آھن، جيڪي بيگناھ عورتن ۽ ٻارن خلاف سنگين ظلم وانگر آھن. سنڌ جي آءِ جي، ھوم منسٽري ۽ خاص طور تي اعليٰ عدالتن کي پوليس جي اھڙين مڙني ڪارروائين جو سخت نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروايون ڪرڻ کپن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو