چونڊون ٿيون ٻيهر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، پر اُتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، جنهن سبب عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ روز سوين وارداتون ٿين ٿيون لاڙڪاڻي، سکر، ڊويزنن جي مختلف ضلعن ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ميهڙ قمبر شهداڪوٽ، نوابشاھ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به باهه ٻريل آهي. ڦر ڌاڙا عام بڻجي ويا آهن ۽ بي گناھ ماڻهن جي قتل جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اغوا جا واقعا پڻ ٿيندا رهن ٿا، معصوم ٻار ۽ نياڻيون به محفوظ ناهن ان سڄي صورتحال ۾ بدامنيءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ قبيلائي جهيڙا پڻ آهن، جن کي هٿ وٺي وڌايو ويو آهي. سنڌ جا اتر وارا علائقا مختلف برادرين جي جهيڙن سبب سخت متاثر ٿيا آهن. قبيلائي جهيڙن سبب رت جي راند ۾ ڪيترائي بيگناھ معصوم ٻارڙا، عورتون، واٽھڙو ۽ ڪونڌر جوان گولين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا جنهن سبب مائرن جون جھوليون خالي ونيون بيواھ، معصوم ٻارڙا يتيم بڻجي دربدر ٿي وڃن ٿا.