ضلعي عمرڪوٽ ۾ مخصوص اسڪول بجيٽ جو استعمال نه ٿيڻ، ذميدار ڪير؟
Zaib Banglani
شاعر، اديب، صحافي، ڪالم نگار
سنڌ جي تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن جي بھتري، مرمت، بنيادي سھولتن جي فراھمي ۽ تعليمي ماحول کي بھتر بڻائڻ لاءِ مختلف مدن ۾ فنڊ جاري ڪيا ويا آھن. انھن فنڊن جو مقصد اھو آھي ته اسڪولن ۾ موجود مسئلا مقامي سطح تي حل ٿين، شاگردن کي بھتر ماحول ملي ۽ تعليم جي معيار ۾ واڌارو اچي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ضلعي عمرڪوٽ، خاص طور تي تعلقي ساماري جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ مخصوص بجيٽ (Specific Budget) اڃان تائين استعمال نه ٿي سگھي آھي. جڏھن ته ان بجيٽ جي استعمال جي آخري تاريخ 15 جون 2026 مقرر ڪئي وئي آھي. اطلاعن موجب تعليم کاتي طرفان بجيٽ استعمال ڪرڻ جا اختيار صرف ھيڊ ماسترن يا اسڪولن جي سربراھن کي ڏنا ويا ھئا. جڏھن ته اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين (SMCs)، والدين، ڳوٺاڻن ۽ مقامي نمائندن کي عملي طور تي فيصلا سازي واري عمل کان پري رکيو ويو. نتيجي طور ڪيترن ئي ھنڌن تي بجيٽ جي استعمال بابت نه رڳو غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي آھي، پر شفافيت بابت به سنجيده سوال اڀرڻ لڳا آھن. تعليم صرف عمارتن جو نالو ناھي، پر اھا ھڪ اھڙي ذميواري آھي جيڪا پوري سماج سان جڙيل آھي. جڏھن اسڪولن جي ترقي لاءِ جاري ٿيل فنڊن جي منصوبابندي ۾ مقامي ماڻھن ۽ اسڪول انتظامي ڪميٽين کي شامل نه ڪيو ويندو ته پوءِ شڪ ۽ شبھا پيدا ٿيڻ فطري ڳالھه آھي. ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته کين خبر ئي ناھي ته سندن اسڪول لاءِ ڪيترو بجيٽ جاري ٿيو آھي، اھو ڪھڙن ڪمن تي خرچ ٿيڻ وارو ھو يا خرچ ٿيو به آھي يا نه. ھاڻي جيڪڏھن 15 جون تائين بجيٽ استعمال نه ٿي سگھي ۽ حڪومت طرفان ان جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته امڪان آھي ته اھي فنڊ واپس ھليا وڃن. اھڙي صورت ۾ ڪيترائي اسڪول مرمت، رنگ روغن، فرنيچر، بجلي، پاڻي، راندين جي سامان، اسڪول جو پارڪ، واش روم ۽ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم رھجي ويندا. ان جو سڌو سنئون اثر ھزارين شاگردن جي تعليم تي پوندو، جيڪي اڳ ئي محدود وسيلن واري ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. ھتي ھڪ اھم سوال جنم وٺي ٿو ته جيڪڏھن بجيٽ واپس ھلي وئي ته ان جو ذميوار ڪير ھوندو؟ ڇا صرف ھيڊ ماستر ذميوار ھوندا؟ ڇا تعليم کاتي جا ضلعي ۽ تعلقي آفيسر پنھنجي ذميواري کان آجا ٿي ويندا؟ يا وري اھا ذميواري انھن پاليسين تي لاڳو ٿيندي جن تحت بجيٽ جي استعمال جو اختيار محدود ماڻھن تائين رکيو ويو؟ حقيقت اھا آھي ته ڪنھن به ترقياتي فنڊ جي شفاف ۽ بروقت استعمال لاءِ گڏيل ذميواري ضروري ھوندي آھي. ھيڊ ماستر، تعليم کاتي جا آفيسر، اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽيون ۽ لاڳاپيل اختياريون سڀ ان عمل جا حصيدار آھن. جيڪڏھن فنڊ استعمال نه ٿيڻ سبب واپس ھليا وڃن ٿا ته پوءِ صرف ھڪ فرد کي ذميوار قرار ڏيڻ بدران پوري نظام جو احتساب ٿيڻ گھرجي. ٻئي طرف جيڪڏھن بجيٽ جي مڪمل رقم خرچ ٿي وڃي ٿي ته پوءِ به اھو سوال رھندو ته ڇا اھا رقم واقعي اسڪولن جي ضرورتن مطابق شاگردن جي مفاد ۾ شفافيت سان خرچ ٿي آهي؟ ڇا ان جي نگراني لاءِ ڪو موثر نظام موجود ھو؟ ڇا مقامي برادري کي اعتماد ۾ ورتو ويو؟ اھي سوال اڄ به جواب طلب آھن. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته تعليم کاتو فوري طور تي صورتحال جو جائزو وٺي، جتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگھيو آھي، اتي مناسب مدي ۾ واڌ ڏئي اسڪولن کي موقعو فراھم ڪيو وڃي ته جيئن ضروري ڪم مڪمل ٿي سگھن. ان سان گڏ اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين، والدين ۽ مقامي ماڻھن کي به فيصلن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن شفافيت، احتساب ۽ عوامي نمائندگيءَ کي يقيني بڻائي سگھجي. تعليم ڪنھن به قوم جي مستقبل جي ضمانت ھوندي آھي. جيڪڏھن تعليم لاءِ جاري ٿيل بجيٽ وقت تي ۽ صحيح نموني استعمال نه ٿيندا ته نقصان صرف بجيٽ جو نه، پر ايندڙ نسلن جو ٿيندو. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته 15 جون کان اڳ لاڳاپيل ادارا ڪھڙا قدم کڻن ٿا ۽ جيڪڏھن بجيٽ واپس وڃن ٿا ته ان جي ذميواري آخر ڪنھن تي عائد ڪئي ويندي؟ اھو سوال اڄ عمرڪوٽ جي والدين، شاگردن ۽ سموري سماج جي زبان تي آھي “جيڪڏھن بجيٽ واپس ٿي وئي ته ذميوار ڪير ھوندو؟”
هي مضمون ڪيئن رهيو؟