ضلعي عمرڪوٽ ۾ مخصوص اسڪول بجيٽ جو استعمال نه ٿيڻ، ذميدار ڪير؟
Zaib Banglani
شاعر، اديب، صحافي، ڪالم نگار
تعليم ھر معاشري جي ترقي، شعور ۽ خوشحالي جي ضمانت ھوندي آھي، پر جڏھن تعليمي ادارا بنيادي سھولتن ۽ گھربل عملي کان محروم ھجن ته تعليم جو معيار متاثر ٿيڻ لازمي بڻجي وڃي ٿو. ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ ڪيترائي ٻھراڙي وارا پرائمري اسڪول اڄ به SNE (Standardization of New Establishment) کان محروم آھن. سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته آخر سامارو جا اسڪول SNE کان محروم ڇو آھن؟
SNE ڪنھن به اسڪول جي انتظامي ۽ عملي ڍانچي جي بنيادي ضرورت ھوندي آھي، جنھن تحت استادن، چوڪيدارن، پٽيوالن ۽ ٻين ضروري ملازمن جون پوسٽون منظور ڪيون وينديون آھن. پر سامارو جي ڪيترن ئي پرائمري اسڪولن ۾ اڄ تائين چوڪيدار ۽ پٽيوالي جون پوسٽون موجود ناھن، جنھن سبب استادن کي تدريس سان گڏ ڪيترائي اضافي ڪم به ڪرڻا پون ٿا. ھن صورتحال جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا. پھريون سبب اھو آھي ته ڪيترن اسڪولن جي SNE سالن کان اپڊيٽ نه ڪئي وئي آھي. آبادي ۽ شاگردن جي تعداد ۾ واڌ باوجود عملي جي منظوري پراڻن انگن اکرن مطابق برقرار آھي. ٻيو سبب لاڳاپيل اختيارين جي عدم توجھي ۽ سست رفتاري آھي، جنھن ڪري اسڪولن جون حقيقي ضرورتون نظرانداز ٿينديون رھيون آھن. چوڪيدار نه ھجڻ سبب اسڪولي عمارتون غير محفوظ آھن. جڏھن ته پٽيوالي نه ھجڻ سبب انتظامي معاملا متاثر ٿين ٿا. ڪيترن استادن جو چوڻ آھي ته انھن کي صفائي، رڪارڊ سنڀالڻ ۽ ٻين غير تدريسي ڪمن ۾ وقت ڏيڻ سبب تدريس تي مڪمل ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.
حڪومت سنڌ ۽ تعليم کاتي کي گھرجي ته سامارو تعلقي جي سڀني اسڪولن جو جامع جائزو وٺي، جتي SNE جي کوٽ آھي اتي فوري طور نيون پوسٽون منظور ڪيون وڃن. تعليم جي بھتري صرف عمارتن جي تعمير سان نه، پر مڪمل عملي ڍانچي جي فراھمي سان ممڪن آھي. سامارو جي اسڪولن جو SNE کان محروم رھڻ صرف انتظامي مسئلو ناھي، بلڪه اھو ھزارين ٻارن جي مستقبل سان لاڳاپيل اھم معاملو آھي. جيڪڏھن تعليم کي واقعي ترجيح ڏني وڃي ٿي ته پوءِ انھن اسڪولن کي گھربل عملي ۽ سھولتن سان ليس ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟