نيها بورا ڪير آهي؟
Tufail Magsi
ڪالم نگار
اٽڪل 29 سال جي نيها بورا جو تعلق رياست اتراکنڊ سان آهي. هن شروعاتي تعليم سکي گوڙي جي دهلي پبلڪ اسڪول کان حاصل ڪئي، جڏهن ته دهلي يونيورسٽي کان سماجيات (Sociology) ۾ بي اي ۽ اميڊڪر يونيورسٽي، دهلي يونيورسٽي کان پوسٽ گريجوئيشن مڪمل ڪئي. هن وقت هوءَ جواهر لال نهرو يونيورسٽي ( JNU) جي اسڪول آف آرٽس اينڊ ايسٿيٽڪس ۾ پي ايچ ڊي جي محقق آهي. نيها بورا هڪ سماجي محقق، ٿيٽر ڪارڪن ۽ سرگرم شاگرد اڳواڻ جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي. ٿيٽر سان لاڳاپيل هن جي ڳالھه ٻولهھ ۽ عوام سان بهتر رابطي جي صلاحيت کي وڌيڪ سنواريو آهي، جن اين يو ۾ تعليم جي دوران هو شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿي، آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسي ايشن (AISA) سان لاڳاپيل رهي ۽ بعد ۾ هن جي قومي صدر بڻي. هن تعليم ۾ نجڪاري، فيس واڌارو، هاسٽل، اسڪالرشپ، عورتن جي تحفظ، دلت، قبائلي، پسمانده ۽ اقليتي شاگردن جا حق، بلقيس بانو ڪيس جي مجرمن جي سزا جي مطالبي ۽ غزه جي متاثرن سان همدردي واري اظهار جهڙن موضوعن تي مسلسل سرگرم رهي. نيها جو موقف آهي ته معياري تعليم تي هر شهري جو حق آهي ۽ هن کي صرف معاشي طور تي خوشحال طبقي تائين محدود نه هئڻ گهرجي. ڪاڪروچ جنتا پارٽي جيتوڻيڪ هن جي پارٽي ناهي، پر پوءِ به ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاجي تحريڪ ۾ هو مرڪزي اسٽيج تي نظر آئي ۽ عورت شاگردياڻين جي قيادت ڪئي.
احتجاج ۾ ڪردار: نيها بورا نئين دهلي جي جنتر منتر تي جاري ڊگهي احتجاج ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو. رپورٽن مطابق هن اٽڪل 23 ڏينهن تائين بک هڙتال ۾ حصو ورتو، جنهن کانپوءِ سندس صحت متاثر ٿي، ليڪن هو احتجاجي جلسن کي خطاب ڪندي رهي.
تقرير ۽ عوامي مقبوليت: نيها بورا جون تقريرون سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿيون. هن الزام هنيو ته احتجاج جي دوران پوليس طاقت جو استعمال ڪيو ۽ عورت مظاهرو ڪندڙن کان به اڍنگا سوال ڪيا. نيها مطابق اها صرف ڪجھه فردن جي نه بلڪه لکين شاگردن جي تحريڪ هئي.
حمايتي ۽ چاهيندڙ: نيها بورا کي ڪافي شاگرد ۽ نوجوان هڪ بهادر ۽ بي خوف اڳواڻ قرار ڏين ٿا، ڪن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ته هن کي مستقبل جي قومي قيادت لاءِ موزون شخصيت پڻ قرار ڏنو آهي.
تحريڪ جو نتيجو: ڪاڪروچ پارٽي جي تحريڪ جي عروج تي پهچڻ کانپوءِ حڪومت، تعليم جي وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ قبول ڪئي، جنهن کي احتجاج ڪرڻ وارن نوجوانن پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. باوجود ان جي تحريڪ جي اڳواڻ، جن ۾ نيها بورا به شامل هئي، اعلان ڪيو ته ان جي جدوجهد صرف هڪ استعيفيٰ تائين محدود ناهي، بلڪه هوءَ تعليمي سڌارن ۽ نوجوانن جي حقن جي لاءِ پنهنجي مهم جاري رکندي. واضح رهي ته نيها بورا جو لاڳاپو مارڪس ليننسٽ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ سان آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟