مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيل جي طاقت پٺيان ڪير آهي؟

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيل جنهن جي ٽوٽل آبادي 92 لک آهي، باوجود ان جي اسرائيل دنيا جو 14طاقتور ملڪ بڻجي ويو آهي. جڏهن ته اسرائيل کان اڳتي جيڪي طاقتور اسلامي فوجي ملڪ آهن انهن ۾ صرف پاڪستان، ترڪي ۽ مصر آهن، جيڪي اسرائيل کان ٽيڻ چئوڻ تي وڏا ملڪ آهن. اسرائيل وٽ ڳجهي جوهري طاقت به موجود آهي. سوال ته اهو ٿو پيدا ٿئي ته نيٺ اسرائيل کي ايترو طاقتور ملڪ ڇو بڻايو ويو آهي!! ان جي ڀيٽ ۾ درجنين عرب ملڪ آهن، جيڪي وڏي فوجي طاقت نٿا رکن، انهيءَ جو جواب شايد اهوئي آهي ته هڪ ته اسرائيل کي 1948ع ۾ برطانيه ۽ آمريڪا جي مدد سان ۽ آباد ڪيو ويو هو، يعني چاهيندي توڙي نه چاهيندي به انهن کي اسرائيل جي هر مدد ڪرڻي پوي ٿي. آمريڪا اسرائيل جي هينئر تائين 260 بلين ڊالر جي مدد ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ اڌ فوجي مدد پڻ آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري اسرائيل جي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي مدد ۽ حمايت جي پٺيان عالمي واپاري ۽ سياسي مفاد پرستي جو وڏو ڪارڻ آهي. آمريڪا جو هر ايندڙ صدر اهوئي چاهيندو آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ 70 لک يهودين جا ووٽ انهن کي ملن. انهيءَ کانسواءِ به آمريڪي يهودين جو ۽ آمريڪا جي سياست، واپار، دفاع، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت تي وڏو اثر و رسوخ آهي.
هن وقت به آمريڪي جي اسيمبلي ۾ 34 ميمبر يهودي آهن، ٻيو مامرو پاڻ اسرائيل آهي. اسرائيل ڄاڻي ٿو ته خاص طور تي سمورا ملڪ ڪنهن نه ڪنهن ريت اسرائيل جي وجود، قبضي ۽ نظريي جا مخالف آهن. اسرائيل سان شام، لبنان، مصر، عراق جنگ ڪري چڪا آهن. اها الڳ ڳالھه آهي ته هڪ منصوبابندي سان يا ته اسرائيل مخالف ملڪن کي مغلوب ڪيو ويو يا انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت مغلوب بڻايو ويو. اسرائيل جو ويزن آهي ته هو هر صورت ۾ پنهنجي ملڪ کي طاقتور بڻائيندو. فلسطين جي آزادي (اوسلو 2) جي مطابق به اسرائيل کي قبول ناهي، اصل جنگ يروشلم جي آهي. يهودي نهايت بنياد پرست، مذهب پرست ۽ شدت پسند آهن. اوهان تل ابيب جي نالي سان ئي اندازو هڻو ته اسرائيل جا ڪهڙا ارادا آهن. اسرائيل سموري قوت ۽ وسيلا پنهنجي فوجي قوت تي خرچ ڪري ڇڏيا آهن.
انهيءَ جي ڀيٽ ۾ عرب ملڪن پنهنجو پئسو وڏين وڏين عمارتن ٺاهڻ تي هنيو آهي. عيش ۽ عشرت جو نشو! عرب اسرائيل سان نيٺ ڇو وڙهن انهن وٽ عيش و عشرت جو سمورو سامان موجود آهي. بيت المقدس جي آزادي کي عرب ڇا ڪندا. فلسطيني ڄاڻين يا اسرائيل، درست ڳالھه اهائي آهي ته مسجد اقصيٰ جي مامري کي هاڻي اهميت نٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن سڀاڻي يهودي مسجد اقصيٰ ڊاهي ڪري هيڪل سليماني ٺاهيو به ته مسلمان ڪجھه به نه ڪندا. بابري مسجد جو ڇا ٿيو، حماس جنگ کي عرب انهيءَ ڪري به اهميت نه پيا ڏين ته ان جي پٺيان ايران آهي. عرب ڄاڻن ٿا ته پوئين ڏينهن ۾ يمن ۽ شام سان ڇا ٿيو. ايران وچ اوڀر ۾ پنهنجي بالادستي چاهي ٿو. جڏهن ته عرب ملڪ ائين نٿا چاهين. حماس کي اسرائيل بار بار Nazis ۽ ISIS سڏي رهيا آهن ۽ انهن جيان حماس کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي اسرائيل کي آمريڪا، يورپ کان مدد ملي رهي آهي. انهيءَ سان گڏ ترڪي ۽ سعودي عرب به منافقي وارو رول ادا ڪن پيا. تازو ئي ترڪي اسرائيل کي پنهنجي هٿيارن جي وڏي کيپ موڪلي آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي بار بار ڏيکاري وئي آهي. انهيءَ کان علاوه ترڪي هفتي کان بقول سوشل ميڊيا جي دمشق وٽ پنهنجيون فوجيون کڙيون ڪيون آهن ۽ انهيءَ دوران اسرائيل دمشق تي حملا به ڪري چڪو آهي، مگر ترڪيءَ جون اجايون ڀڀڪيون ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهن ٿيون. جڏهن ته عملي قدم زيرو آهي، آمريڪا کان صبح ۽ شام ٻه وڏا جهاز هٿيار کڻي Ben Gurion تي لهن ٿا. هيستائين اسرائيل 81 هزار ٽن بارود غزه تي وسائي چڪو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا 40 ڀيرا اسرائيل مخالفت کي ويٽو ڪري چڪو آهي. ايران وڇ اوڀر ۾ پنهنجي موجوده جنگي بحران جي مخالفت ۽ جنگبندي جي قراردادن کي اسرائيل کلي طرح رد ڪري رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪندو رهيو آهي. آمريڪا پنهنجو جديد ترين نيو ڪليئر سپر ڪيريئر جنگي ٻيڙو Gerald Ford به اوڀر سمنڊ ۾ اسرائيل جي مدد وٺي آيو آهي. خبردار! جيڪڏهن ڪنهن اسرائيل کي اک ڏيکاري ته! بهرحال جيڪي ڪجھه ٿي رهيو آهي يا اڳتي جيڪي ڪجھه ٿيندو نهايت برو ٿيندو، شر غالب ٿي رهيو آهي، ڇو ته هي آخري دور جون وڏيون نشانيون به آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو