مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

محبوب شاعر حسن درس کي ڪير وساري سگهندو!

Nafees Nohri وڪيل، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر

پرائمري استاد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هوٿي مشائخ جي ڊگهين کجين واري ڳوٺ جي زرخيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هڪڙي شهزادي جي سار وري ذهن جي گگن تي تازي گلاب جيئن ٽڙي پئي آهي. جنهن جي وڇوڙي کي تيرهن ورهيه کن گذري چڪا آهن، پر ويندي ويندي هن شهزادي پنهنجي پويان سندس چاهيندڙن جي هڪ ڊگهي قطار ڇڏي آهي. انهن سڀني جي دلين ۾ هر پل ساھ جي ويساهه جيان ڌڙڪندو رهي ٿو. انهي سان پيار ڪندڙ هر دل انهيءَ شهزادي کي وسارڻ اوکو سمجهي ٿي پنهنجو پاڻ سان دوکو سمجهي ٿي. ڀلا اهڙي پياري ماڻهو کي ڪهڙو بدنصيب سينو آهي جو سندس اندر جي ننڍڙي حسين دنيا ۾ سانڍي نه رکي..!! سنڌ جي سرواڻ شاعر حسن درس جو جنم 5 سيپٽمبر 1966 ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعليم شروعاتي اٺين ڪلاس تائين سندس ڳوٺ ۾ ۽ ميٽرڪ ٽنڊوالهيار شهر جي هاءِ اسڪول کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي سنڌي ڪيائين. حسن درس 4 فيبروري 1993ع تي نامور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جي نياڻيءَ، ارم محبوب سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ روحل ۽ چيزل ۽ هڪ نياڻي رڌم آهي. حسن درس 1988ع کان 2008ع تائين مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽي. وي چئنلن سان لاڳاپيل رهيو. ھاءِ حسن..!! حسن درس به ڀلا ڪو وسارڻ جهڙو آهي ڇا..!! ها سنڌ جو ڀلوڙ شاعر جنهن جي ڊگهن نظمن ۾ گهوڙن جون ٽاپوليون ۽ ڇرڪ ڀرائي ڇڏڻ جهڙيون تخليقون توڙي جو طنبيلي ۾ هڪ مست گهوڙي جو ذڪر ۽ منفرد انداز تي لفظن جي مالها ۾ الڳ اسلوب سان لکڻ جو ڏانءُ واقعي قلم به حيرت ڀري اونهي ٻوڏار ۾..!!
ھو روحل جو بابا…!! ها هو چيزل جو پيارو بابا حسن..!!! جنهن سندس پٽن جي نرالن نالن جيئن پنهنجي نياڻي جو نالو به رڌم رکيو، انهيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حسن شاعري سان ڪيتري نه محبت ڪندو هو. سندس اولاد کي به سندس شاعري جي سٽن ۾ سمائي رکيو آهي. هن ارڏي شخص جي اکين هميشه حُسن کي ترجيح ڏني پوءِ کڻي پکين جون پچارون هجن يا فطرتي حُسن هجي، انهيءَ تي جيڪو به لکيو ته خوب دل سان لکيو آهي. سندس خوبصورت پورهيو اڄ به انيڪ چاهيندڙ دلين بر زبان ياد ڪري رکيو آهي. توڙي انيڪ نوجوان ڪنهن ننڍڙي ڪچهري ۾ هجن يا کڻي ڪنهن محفل ۾ هجن، اتي حسن درس جي شاعري کي باقاعدي اوليت ڏيندا رهن ٿا. حسن جهڙو البيلو شاعر هو تهڙي ئي خوبصورت احساس رکندڙ توڙي خوش مزاج ڀري شخصيت هئي. سندس دوستي جي ڊگهي قطار ۾ هميشه محبتن جي ٻکن ۾ ٻکيل رهيو. دلبريون ملهائڻ، منڊلي مچائڻ توڙي ڊگھا سفر، گهڙي پل جيان کٽائڻ ڪو هن شخص کان سکي ها. جنهن جي دل ۾ پريت ڀريو گهر، زبان تي مٺاس ڀريا ٻول، توڙي ڪچهري ۾ ڊگھا نظم ۽ گجگوڙ ڪندڙ ٽهڪ سدائين سمايل رهيا. اهڙي ماڻهو سان ڀلا محبت نه ته ڀلا ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي..!! کيس آجيان لاءِ پکين جا جوڙا، سکين جا ٽولا توڙي منظرڪشي جا متوالا ٻانهون هار ڪري اوسيئڙي ۾ پيا پڄرندا هئا ته حسن اچي ته ڏسي ڪري اکين جا ٿڪ لاهيجن، ملي ڪري دل جو بار هلڪو ڪجي ۽ سندس مخمور شاعري ٻڌي ڪري غم کي ٽهڪ ڏئي ڀڄائجي ۽ روح کي ريجهائجي. پوءِ کڻي رات کٽي يا باک ڦٽي، جا ڀلا ڇو نه پھر ڪر موڙي جاڳ جي سهيلين سان ستارن جي جڳ مڳ ۽ چنڊ جون چلولائيون خوب رقص ڪري لطف اندوز ٿيڻ ۾ برابر ئي شريڪ سفر جا ساٿي بڻائڻ لاءِ هن شخص جي ڪمال ڀري فن ۽ ڏات جي ديوي جو مهربان رهڻ جهڙي نعمت مالڪ عطا ڪئي هئي. سندس ڀلوڙ وارو وڄائي ويو، انهيءَ ئي پيار ڀري انداز جي ڪري ئي اڄ به هر دل جي اندر کيس سمائي رکڻ، هر بي پناهه پيار ڪندڙ کي مجبور ڪري ڇڏيو ته توکي ڪير وساري سائين…!!! مٿي ذڪر ڪيل ڊگهين مسافرين، دلفريب ڪچهرين توڙي انيڪ ڳالهين ڀريا احساس حسن سان گڏ گذاريندڙ ويجهن دوستن جي لکڻين کي پڙهي ڪري ۽ انهي يادگيرين کي ساريندڙ مھتاب محبوب جو لکيل ڪتاب، “هي حسن…!!!” کي پڙهڻ سان اندازو ٿي سگهي ٿو ته، ڇا ته شخص هو..!!! حسن سندس شاعري ۾ ندين ۽ ڪنارن سان مخاطب ٿيو آهي ته ڪڏهن سمنڊ ٿو مونکي سڏي، ته ڪٿي وري ڪانڊيري هاري سان ڪچهري ڪئي، پاڻ ملڻ جا سنديسا توڙي وڇوڙي جا ڏوراپا به ڊگهي رواني سان لکي ڪري پڙهڻ واري تي اونهي سوچ ۾ گم سم خاموشي ڀري ڪيفيت طاري ٿي آهي. ڳوٺن جي مهڪ کي ميڙيندي سانجهيءَ ويلي مال جي ڌڻ جو واپس ورڻ ۽ وڻن تي ويٺل ڪانگ ڏسي ڪري انهيءَ سمي کي ساراهيندي لفظن جي آر اُڻي آهي. ٻوٽن کان وٺي گلن تائين ته قدرتي نظارن کان وٺي سڃ بر ٿيل پراڻن پڊن تائين ۽ عورت جي انداز کان مرد جي مزاج تائين سڀني تي باقاعدي لکيو آهي. جنهن ۾ ناريل جي وڻن سان تشبيهه ڏيندي ته ڪٿي وري ڪاتين سان ڪهڻ جهڙي احساسن سان ٽمٽاريل نظم توڙي غزل سندس پڙهندڙ دلين لاءِ ڀلوڙ تحفا ارپي، انهن ئي دلين ۾ سندس وجود کي سمائڻ ۾ سدا بهار ۽ امر بڻجي ويو آهي. زندگي ھلي پئي ته ڊگهي آهي ۽ حياتي هوا جو جهوٽو به آهي، اهائي جون جو مهينو اڌ مٽي چڪو هو ۽ رات جا پويان پھر هئا، راڻي باغ جي جهونن وڻن تان پکين ۾ ٽاھ پئجي ويو، رات کي سانت اچي وئي، سفر ڄڻ پنهنجي پنڌ جي راهي کي رڪيل ڏسي پاڻمرادو رڪجي ويو هجي. حيدرآباد شهر جي گلين کي ڄڻ سڃ گهيري ڇڏيو، هوائن رخ مٽائي ڇڏيا ۽ الائي ڪيتري دير کان خبر ناهي ڊگهن پنڌن جون هيراڪ اوجاڳيل اکيون هيون جيڪي هميشه لاءِ ابدي ننڊ ۾ سمهي پيون. پڙهندڙ دلين جو شهزادو..!! چاهيندڙ دوستن جو محبوبزادو وڇڙي ويو، اچانڪ اها وڄ جيان ڪرندڙ خبر جنهن به ڪن تائين ٿي پهتي ته هر ٻڌڻ واري دل سڪتي ۾ پئجي وئي، نه نه ائين نٿو ٿي سگهي..!! اعتبار ڪرڻ ڀلا ڪٿي ٿي ٿيو. هاءِ حسن وڇڙي ويو ۽ ساري سنڌ پرين جو پاڇو جهڙا ڊگھا پيار ارپيندڙ سنڌ امڙ جو سرواڻ شاعر الوداع ڪري ويو، پنهنجي راڻي جو ايترو تڪڙو رسڻ جي خبر نشر ٿيڻ تي سموري سنڌ سوڳ ۾ پئجي وئي…!!! حسن درس، 15 جون 2011ع تي، اسر ويل حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ حادثي جو شڪار ٿيو ۽ ڪيترا ڪلاڪ ٻن پوليس ٿاڻن قاسم آباد ۽ جي. او. آر جي حد جي تڪرار سبب زخمي حالت ۾ پيو رهيو ۽ گهڻو رت وهي وڃڻ سبب گذاري ويو. سندس اوچتي موت سبب سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، حسن درس جي وڇوڙي کي وڏو سانحو قرار ڏنو ۽ کيس هزارين آلين اکين سان ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي قديمي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
نوٽ: مٿي حسن درس جي ذاتي شخصيت ۽ آخر ۾ وڇوڙي بابت معلومات انسائيڪلوپيڊيا جي مدد سان حاصل ڪيل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو