مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

1973ع کان 2026 تائين نظام کي ان حالت تائين ڪنهن پهچايو؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اهي ئي پاروٿا منهن مهانڊا جيڪي 1973ع کان وٺي اڄ تائين اقتدار جي ايوانن ۾ گردش ڪري رهيا آهن، يعني ڪڏهن حڪومت ۾، ڪڏهن اپوزيشن ۾، ڪڏهن جمهوريت جا چيمپئن ۽ ڪڏهن نظام جا سڀ کان وڏا ماهر. اڄ جڏهن بلوچستان جو حالتون، سياسي خانداني جي هڪ هٽي، جمهوري نظام جي ڪمزوري ۽ رياستي ڍانچي جي خرابين ۽ خامين تي بحث ٿي رهيو آهي ته سڀ کان وڏو سوال اهوئي آهي ته نيٺ ان نظام جو معمار ڪير آهي “(معمار جي خرابي)”؟ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو رجسٽر کوليو ته هر ٻئي صفحي کانپوءِ ساڳيو ئي نالو، خاندان ۽ اهي ئي وارث يا مالڪ ڏيک ڏين ٿا. ائين پيو لڳي ته ڄڻ اقتدار هڪ عوامي امانت ناهي، بلڪه ڪجھه خاندانن جي نسل در نسل منتقل ٿيڻ واري وراثت هجي يا جاگير هجي. سنڌ ۾ ڀٽو خاندان کان زرداري خاندان تائين اقتدار جو سفر اڌ صدي تي رسي چڪو آهي. ذوالفقارعلي ڀٽو کان بينظير ڀٽو تائين ۽ وري آصف زرداري کان بلاول زرداري تائين اقتدار جو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهيو. سنڌ جو عوام اڄ به پيئڻ جي پاڻي، صحت، تعليم، روزگار ۽ بنيادي سهولتن لاءِ تڙپي رهيو آهي، مگر اقتدار جي ايوانن ۾ ويهڻ وارا چهرا بدلجڻ جي ڀيٽ ۾ نسل بدلبا رهيا آهن.
پنجاب ۾ شريف خاندان اٽڪل چئن ڏهاڪن کان قومي سياست جو مرڪزي ٿنڀ بڻيل رهيو آهي. نواز شريف، شهباز شريف، حمزه شريف ۽ مريم نواز تائين اقتدار جو دائرو پکڙجي چڪو آهي. ان سان گڏ چوڌري خاندان، لغاري، مزاري، کر ۽ ٻيا سياسي گهراڻا به هر دور ۾ اقتدار جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ شريڪ رهيا آهن. حڪومتون بدلبيون رهيون، مگر اقتدار جو رستو اڪثر انهن ئي دروازن کان کلي ٿو.
بلوچستان ۾ مينگل، بگٽي، رئيساڻي، مگسي، زهري ۽ بزنجو خاندان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سياست جا مرڪزي ڪردار آهن. اهي ئي خاندان بلوچستان جي حقن جي به ڳالھه ڪندا رهيا ۽ اقتدار جي ايوانن جو حصو به بڻيا رهيا، مگر سوال اڄ به اتي ئي بيٺو آهي. جيڪڏهن بلوچستان محروم رهيو ته ذميواري ڪنهن جي آهي؟ جيڪڏهن نوجوان ناراض آهن ته انهن جو آواز اقتدار جي ايوانن تائين ڇو نه پهچي سگهيو؟ جيڪڏهن وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نه هئي ته اڌ صدي تائين اسيمبلين ۽ ڪابينائن ۾ ويهڻ وارن ڇا ڪيو؟ خيبر پختونخواهه ۾ به سياسي وراثت ڪو ويڳاڻو تصور ناهي. ڪن پارٽين جي قيادت نسل در نسل منتقل ٿيندي رهي، نالا بدليا، چهرا بدليا، ليڪن اقتدار جو دائرو محدود ئي رهيو.
آزاد ڪشمير ۾ به صورتحال گهڻي مختلف ناهي، اتي به ڪي خاص سياسي خاندان ڏهاڪن کان اقتدار جي گرد گردش ڪندا پيا اچن. حڪومتون ٺهن ٿيون، ٽٽن ٿيون، اتحاد ٺهن ٿا، ٽٽي وڃن ٿا، مگر اقتدار جا وارث ساڳيا ئي رهن ٿا.
هتي سوال ڪنهن هڪ پارٽي، ڪنهن هڪ صوبي يا ڪنهن هڪ خاندان جو ناهي. سوال سموري نظام جو آهي. اهو نظام جنهن تي مک جيان مٿو به اهي پٽين ٿا، اهو نظام جنهن کان فائدو به اهي ئي ماڻهو وٺن ٿا، اهو نظام جنهن کي خراب قرار ڏيڻ وارا به اڪثر اهي ئي هوندا آهن، جيڪي سالن کان انهيءَ جا وارث بڻيا ويٺا رهيا، پر ڪهاڻي جو ٻيو به رخ آهي. اها به حقيقت آهي ته انهيءَ نظام جا ڪي طاقتور نگهبان به وقت بوقت انهن ئي سياسي خاندانن کي سهارو ڏيندا رهيا. ڪڏهن انهن کي استحڪام جو نالو ڏنو ويو، ڪڏهن انهن کي سياسي عمل جي قيادت قرار ڏنو ويو ۽ ڪڏهن انهن جي ئي وسيلي نظام هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ائين هڪ اهڙو سياسي بندوبست بڻجندو رهيو، جنهن ۾ سياسي خاندان به محفوظ رهيا ۽ نظام جا طاقتور مرڪز پڻ. ائين ڏوھ صرف وارثن جو ناهي، انهن محافظن جو به ٿئي ٿو، جن هن بار بار انهن چهرن کي نظام جو ناگزير حصو سمجهيو. جڏهن عوام نون چهرن ڏانهن ڏسي رهيو هو ته اقتدار جا دروازا اڪثر انهن ئي پراڻن نالن لاءِ کلندا رهيا.
عجيب تماشو آهي، جڏهن اهي خاندان کٽي وڃن ته جمهوريت ڪامياب، جڏهن اهي ئي حڪومت ۾ هجن ته نظام مضبوط، جڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته آئين محفوظ ۽ جڏهن اقتدار هٿ کان نڪري وڃي ته اوچتو جمهوريت خطري ۾، نظام ناڪام ۽ آئين زخمي ٿي وڃي ٿو. قوم اهو ٻٽو معيار 1973 کان ڏسي رهي آهي. پاڪستان جو عام ماڻهو اڄ بجلي جي بل، امن و امان، مهانگائي، بيروزگاري، ٽيڪس، تعليم، صحت ۽ انصاف جي بحران ۾ بيٺل آهي. ان کي سوچڻ جي واندڪائي ئي نٿو ڏئي. اهو “اميراڻو” نظام ته ڏسو سوچو ته اقتدار ۾ ڪهڙو خاندان آهي. جيڪڏهن اڄ نظام خراب آهي ته انهيءَ کي هلائڻ وارا ڪير هئا؟ جيڪڏهن اڄ ادارن تي سوال اٿي رهيا آهن ته اقتدار جي ايوانن ۾ ويهڻ وارا ڪٿي هئا؟ جيڪڏهن اڄ عوام مايوس آهي ته انهن جي اميدن جو سودو ڪنهن ڪيو؟ هتي اهو چوڻ به يقينن درست نه ٿيندو ته پاڪستان جا سمورا مسئلا صرف سياسي خاندانن پيدا ڪيا. رياستي ادارا، ڪمزور جمهوري روايتون، سياسي انجنيئرنگ، بيڪار حڪمراني ۽ ڪيترائي تاريخي مسئلا به ان بحران جو حصو آهن. ليڪن اهو چوڻ به حقيقت کان انڪار ٿيندو ته سياسي موروثيت ان نظام کي ڪمزور نه ڪيو. پارٽي جڏهن خاندان بڻجي وڃي ته نظام ڪمزور ٿيندو آهي. قيادت جڏهن ميرٽ جي بجاءِ نسبت سان طئي ٿئي ته نظام ڪمزور ٿيندو آهي ۽ جڏهن پنجاھ سالن کانپوءِ به عوام جي سامهون اهي ئي نالا ۽ اهي ئي خاندان موجود هجن ته سوال کڄڻ فطري آهي. پاڪستان جو مسئلو صرف سياسي موروثيت ناهي، بلڪه طاقت ۽ سياست جي ان پراڻي اشتراڪ جو به آهي جن نون چهرن کي اڀرڻ ئي نه ڏنو. انهيءَ لاءِ اڄ جڏهن نظام جي خرابي جو ذڪر ٿئي ٿو ته آڱر صرف اسيمبلين ڏانهن نٿي کڄي، ڪجھه سوال اقتدار جي انهن دروازن ڏانهن به وڃن ٿا، جتان کان سياسي موسمن جو رخ بدلايو ويندو رهيو. اڄ قوم صرف اهو نه پئي پڇي ته نظام ڇو خراب آهي. قوم اهو به پڇي رهي آهي ته جن ماڻهن اڌ صدي تائين اقتدار، وزارتون، پروٽوڪول، سهولتون ۽ اختيار حاصل ڪيا، اهي اڄ پاڻ کي ان نظام جي خرابين کان الڳ ڪيئن ڪري سگهن ٿا؟ ڇو ته سچي مورخ جو قلم وڏو بي رحم ٿيندو آهي، جيڪو صرف اهو نٿو لکي ته اقتدار ڪنهن وٽ هو، بلڪه هو اهو به لکي ٿو ته اقتدار سان ڪنهن ذميواري نڀائي ۽ ڪنهن صرف روايت سنڀالي ۽ شايد اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو سوال به اهوئي آهي: نظام کي بچائڻ جي ڳالھه گهڻي ٿي وئي، هاڻي اهو به ٻڌايو ته نظام کي ان حال تائين پهچائڻ ۾ حصو ڪنهن جو هو؟

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو