جڏهن ضياءُ الحق فلسطينين کي رت سان ريٽو ڪري ڇڏيو
Tufail Magsi
ڪالم نگار
سيپٽمبر 1970 جڏهن اردن ۾ فلسطيني پناهگيرن جي خلاف وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي برگيڊيئر ضياءُالحق وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي بعد ۾ ڪيترين ئي ڌرين “فلسطينين جو قاتل” سڏيو هو.
بليڪ سيپٽمبر ڇا هو؟: اهو 1960ع جو ڏهاڪو هو، جڏهن ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيل اردن، مصر ۽ شام کي شڪست ڏني ۽ اولهائون ڪنارو، اوڀريون يروشلم، غزه ۽ گولان هائٽس تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ لکين فلسطيني اردن ۾ پناھ وٺڻ تي مجبور ٿيا. فلسطين لبريشن آرگنائزيشن (PLO) اردن کي پنهنجو اڏو بڻايو ۽ اسرائيل خلاف گوريلا حملا شروع ڪيا. اهي حملا اردن جي شاھ حسين لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيا. ڇو ته PLO جي سرگرمين کان اردن جي اندرين سلامتي خطري ۾ پئجي وئي. سيپٽمبر 1970ع ۾ حالتون ان وقت بگڙي ويون. جڏهن PLO جي هڪ شاخ پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين (PFLP) چئن جهازن کي هاءِ جيڪ ڪيو ۽ انهن کي اردن ۾ لاهي تباھ ڪري ڇڏيو، اهو هڪ وڏو صدمو هو. شاھ حسين 16 سيپٽمبر تي مارشل لا نافذ ڪئي ۽ اردني فوج کي فلسطيني ڪيمپن (خاص ڪري عمان ۽ اتر اردن) تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان ڪارروائي ۾ هزارين فلسطيني شهري ۽ جنگجو مارجي ويا، جن جو اندازو 2,000 کان 3,000 هو ۽ اهو تاريخ جو اهڙو باب هو ته جنهن کي بليڪ سيپٽمبر سڏيو وڃي ٿو.
پاڪستان ۽ ضياءُ الحق جو ڪردار: پاڪستان 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ اردن سان گڏ فوجي تعاون شروع ڪيو. ان وقت برگيڊيئر ضياءُالحق (پوءِ صدر پاڪستان بڻيو) کي اردن موڪليو ويو ته جيئن هو اردني فوج کي تربيت ڏئي. هو 1967ع کان 1970ع تائين عمان ۾ رهيو ۽ اردني فوج جي ٻي “ڊويزن کي منظم ڪيو، جڏهن بليڪ سيپٽمبر شروع ٿيو ته ضياءُ الحق نه صرف تربيتي ڪردار ادا ڪيو بلڪه ڪن رپورٽرز مطابق، سڌو سنئون فوجي حڪمت عملي بنائڻ ۾ شامل رهيو. انڊيا ٽو ڊي جي هڪ رپورٽ 20 آڪٽوبر 2023 جي مطابق، جڏهن شامي فلسطينين جي حمايت ۾ ٽينڪون موڪليون ته شاھ حسين جنرل ضياءُ کي اتر اردن موڪليو ته جيئن هو شامي فوج جو جائزو وٺي. ضياءُ رپورٽ ڪئي ته اردن پنهنجي فوج سان شام جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ هن اردني جوابي حملي جي قيادت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان دوران فلسطيني ڪيمپن تي ڳري بمباري ٿي، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي ويا. ان ڪارروائي سبب ضياءُ کي ڪن پاڪستاني ۽ بين الاقوامي ڌرين ۾ “فلسطينين جو قاتل” سڏيو ويو.
“غداري” جو الزام ڇو؟: پاڪستان سدائين فلسطيي ڪاز جي دعويٰ ڪندو رهيو، پر بليڪ سيپٽمبر ۾ پاڪستان جي فوجي مدد جيڪا اردن جي حق ۾ PLO جي خلاف هئي. فلسطينين لاءِ هڪ صدمو هو. ڪيترن ئي فلسطينين ۽ عربن ان کي “غداري” قرار ڏنو. ڇو ته هڪ مسلم ملڪ فلسطينين خلاف ويڙھ ۾ حصو ورتو. باوجود ان جي پاڪستان نقطهءِ نظر کان اهو هڪ فوجي معاهدي جو حصو هو، جيڪو اردن جي خود مختياري جي حمايت لاءِ هو، پر اڄ اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهو معاهدو ڊالرن ۽ ريال لاءِ هو.
نتيجا ۽ سبق: بليڪ سيپٽمبر کانپوءِ پي ايل او اردن کان نڪري لبنان ڏانهن وئي، جتان کان فلسطيني مزاحمت نئين شڪل اختيار ڪئي. پاڪستان جي نقطهءِ نظر کان اهو هڪ فوجي مشن هو، پر فلسطينين لاءِ اهو هڪ زخم آهي، جيڪو اڄ به تازو آهي. سعودي عرب وٽ ريال آهي، اتي معاهدا ڪيا پيا وڃن، پر فلسطين وٽ ڇا آهي؟
اڄ جي جهڳڙي لاءِ پيغام: موجوده اسرائيل، فلسطين جهڳڙي جي وقت اهو واقعو اسان کي سيکاري ٿو ته جاگرافيائي سياست ڏکي هوندي آهي، اتحاد عارضي هوندا آهن ۽ فيصلا ڊگها اثر ڇڏيندا آهن. پاڪستان کي پنهنجين تاريخي غلطين کان سکڻ گهرجي ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت ۾ چٽو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. اڄ جڏهن غزه ۾ هزارين شهري مشڪل حالتن کان گذري رهيا آهن. اسان کي پنهنجو آواز انصاف لاءِ بلند ڪرڻ گهرجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟