مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جڏهن لفظ بي اثر ٿي وڃن ته اگهاڙو ٿي احتجاج ڪرڻ گهرجي ڇا؟

Riaz Ahmed Soomro

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جڏهن رياست، عدالتون، انتظاميا ۽ سماج ڪنهن مظلوم جو آواز ٻڌڻ کان انڪار ڪن ٿا، تڏهن اهو مظلوم پنهنجو آواز اختيارين جي ڪنن تائين پهچائڻ لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪري ٿو، اهي عام حالتن ۾ سندس تصور کان به ٻاهر هوندا آهن. آخر انسان کي پنهنجي حق لاءِ ايتري انتها تي ڇو وڃڻو پوي، جتي هو پنهنجي جسم، سماجي وقار ۽ ذاتي حياءُ کي به احتجاج جو هٿيار بڻائڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو؟ دنيا جي تاريخ ۾ احتجاج جا ڪيترائي رنگ ۽ طريقا رهيا آهن. ڪنهن بک هڙتال ڪئي، ڪنهن جيل ڀريو، ڪنهن پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي حڪمرانن جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن ريل جي پٽڙيءَ تي ليٽي پنهنجي احتجاج جو اظهار ڪيو ته ڪنهن پنهنجي جسم کي ئي احتجاج جو اهڙو علامتي هٿيار بڻايو، جنهن کي ڏسي دنيا جون اکيون کلي ويون، پر جڏهن ڪنهن سماج ۾ عورتون پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اجتماعي طور پنهنجا ڪپڙا لاهي روڊن ۽ چوراهن تي حڪومتي ادارن جي دروازن اڳيان بيهي احتجاج ڪن ٿيون، تڏهن اهو منظر رڳو هڪ احتجاجي عمل نه، پر سماج جي اجتماعي شعور، حڪومتي بيحسي ۽ انصاف جي نظام تي هڪ وڏو سوال بڻجي وڃي ٿو.
آخر اهڙي ڪهڙي مجبوري هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ يا خاندان جي عزت ۽ وقار جو تصور کڻي جيئندڙ عورت کي پنهنجي جسم کي احتجاج جو آخري ذريعو بڻائڻ تي مجبور ڪري ٿي؟ ڇا اهي عورتون ايتريون مجبور ٿي وڃن ٿيون جو انهن کي اهو رستو نظر اچي ٿو يا کين پنهنجن ادارن تي ڀروسو ناهي ۽ اهي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن؟
ميڪسيڪو جي پي آر ڊي پارٽيءَ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر انتونيو گارشيا ڪونيخو جو تاريخ 12 ڊسمبر 2013ع تيل جي صنعت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۽ نجڪاريءَ جي اجازت ڏيندڙ توانائيءَ واري آئيني ترميم جي خلاف تقرير دوران آهستي آهستي پنهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏڻ ۽ رڳو انڊر ويئر پهري بيهي تقرير ڪرڻ، جنهن ۾ هن اهو موقف رکيو ته حڪومت ملڪ جي قومي وسيلن کي به ايئن اگهاڙو ڪري رهي آهي، جيئن هو پاڻ ڪپڙا لاهي ٿي رهيو آهي. اهو منظر ڏسي ڪي کليا ته ڪي شرمائيندا هوندا، پر ان جي پويان هڪ تلخ سچائي لڪل هئي. جڏهن ايوان ۾ دليل ٻُڌڻ وارو ڪو نه هجي، تڏهن احتجاج پنهنجي زبان بدلائي ڇڏي ٿو. اڄ جڏهن آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي ويڙهه جي ڪري تيل ۽ توانائيءَ جي وسيلن تي قبضي جا سوال ٻيهر اڀري آيا آهن، تڏهن ان تصوير جو ٻيهر بحث هيٺ اچڻ عجيب ڳالهه ناهي. ويڙهه جي پويان به وسيلا ئي آهن، جن لاءِ ملڪي ايوانن ۾ سودا ٿين ٿا ۽ عوام کان پڇيو نٿو وڃي.
دنيا ۾ اگهاڙي احتجاج جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور تاريخ عورتن جي آهي ۽ اهو هڪ مرد ميمبر جي ڪنهن هڪ ڏينهن جي ڊرامي کان گهڻو وڌيڪ سنجيده آهي. هتي اگهاڙپ تماشو نه، آخري هٿيار آهي. ان کان علاوه 1929ع ڌاري نائيجيريا ۾هزارين اِگبو عورتن نوآبادياتي برطانوي انتظاميا جي پاليسين خلاف التشا + هڪ عورتن جي جنگ دوران اڌ اگهاڙي حالت ۾ احتجاج ڪيو.
1990ع ڌاري ڏکڻ آفريڪا ۾ سوويٽو جي ڊوبسن ويل واري علائقي ۾ بي گهر عورتن پنهنجا گهر ڊاهڻ خلاف پوليس ۽ انتظاميا اڳيان ڪپڙا لاهي احتجاج ڪيو. 1992ع ڌاري ڪينيا ۾ سياسي قيدين جي مائرن نيروبي جي اهورو پارڪ ۾ بک هڙتال دوران ڪپڙا لاهي احتجاج ڪيو، سندن مطالبو پنهنجن قيد ٿيل پٽن جي آزادي هو، هن احتجاج ۾ وانگاري ماٿائي ۽ ٻين عورتن جو پڻ اهم ڪردار هو.
جولاءِ 2002ع ۾ نائيجيريا جي لڳ ڀڳ 600 عورتن، جن ۾ ڪجهه مڪمل ۽ ڪجهه اڌ اگهاڙيون هيون، انهن تيل واري ٽرمينل تي قبضو ڪري احتجاج ڪيو. سندن گهر تيل جي گدلاڻ جو خاتمو، روزگار، پاڻي، اسپتالون، اسڪول ۽ مقامي آباديءَ جا حق هئا.
2003ع ڌاري لائبريريا ۾ ليما گبووي جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن جي امن تحريڪ گهرو ويڙهه ختم ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو. امن ڳالهين ۾ رڪاوٽ پوڻ تي عورتن ڪپڙا لاهي احتجاج ڪيو ۽ جنگبنديءَ لاءِ دٻاءُ وڌو. 15 جولاءِ 2004ع تي مني پور ڀارت ۾ٻارهن پوڙهين ۽ وچولي عمر جي عورتن فوجي هيڊڪوارٽر اڳيان مڪمل اگهاڙو ٿي احتجاج ڪيو. سبب 32 سالن جي ٿانگجم منوراما جي مبينا جنسي زيادتي ۽ قتل جو واقعو هو. انهن جو بينر فوج خلاف سخت احتجاجي پيغام هو. 2011ع ڌاري آئيوري ڪوسٽ ۾ عورتن چونڊن سان لاڳاپيل سياسي ناانصافي اي اينڊ ايس ڊپارٽمينٽ خلاف اگهاڙو ٿي احتجاج ڪيو. 2012ع ۾ يوگنڊا جي عورتن زمينن تي قبضي ۽ بي دخليءَ خلاف امورو ضلعي ۾ زمين وڪرو ڪرڻ جي تجويز تي اگهاڙو ٿي احتجاج ڪيو. جڏهن ته 2013ع ۾ لڳ ڀڳ 50 عورتن زمينن تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو.
تحقيق دوران هڪ ٻيو اهم پهلو سامهون آيو آهي، يونيورسٽي آف شڪاگو جي علمي رسالي سائينز ۾2026ع ۾ شايع ٿيل تحقيق عورتن جي اگهاڙي احتجاج کي شرم، خوف، سماجي پابندين ۽ رياستي تشدد جي تناظر ۾ ڏسي ٿي. بروٽ نالي هڪ عالمي ڊجيٽل ميڊيا ۽ صحافتي ادارو آهي، فرانس مان شروع ٿيل ڊجيٽل نيوز پليٽفارمن ۾ بروٽ نالي هڪ عالمي صحافتي ادارو آهي، جيڪو مختصر وڊيوز ذريعي سماجي، سياسي ۽ انساني حقن جا موضوع پيش ڪري ٿو.
2008ع ۾ يوڪرين ۾ قائم ٿيل عورتن جي حقن، جنسي تشدد، عورتن جي آزادي ۽ ٻين سماجي مسئلن تي احتجاج ڪندڙ “فيمين” نالي تنظيم آهي، ان تنظيم جون ڪارڪن عورتون اڪثر مٿيون ڪپڙو لاهي جسم تي نعرا لکي احتجاج ڪنديون آهن. اهڙن احتجاجن ۾ لنڊن، برطانيا 6 ڊسمبر 2014ع، لڳ ڀڳ 40 مائرن پنهنجا ٻار کڻي هوٽل ٻاهران گڏجي کير پيارڻ جو احتجاج ڪيو. سبب هڪ ماءُ کي هوٽل اندر ٻار کي کير پيارڻ وقت ڍڪڻ لاءِ چوڻ هو. ڊينمارڪ آڪٽوبر 2014ع، ستن شهرن ۾ لڳ ڀڳ 200 عورتن پنهنجن ٻارن کي عوامي هنڌن تي کير پيارڻ جو گڏيل احتجاج ڪيو. انهن واقعن کي ڏسندي هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته عورتن جو اهڙو احتجاج ڪنهن هڪ ملڪ، مذهب، نسل يا تهذيب تائين محدود ناهي. مختلف معاشرن ۾ عورتن پنهنجي جسم کي مزاحمت جي علامت بڻائي اقتدار جي طاقت کي للڪاريو آهي، پر اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪنهن عورت جو اگهاڙو ٿي احتجاج ڪرڻ سندس عزت وڃائڻ جي برابر آهي؟ يا ان جي ابتڙ، ڇا سندس عزت کي پامال ڪندڙ اهي حالتون، ظلم ۽ بي حسي آهن، جن کيس اهڙي انتها تائين پهچايو؟ اسان کي سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي روشنيءَ ۾ هن سوال تي سوچڻ گهرجي. سماج ۾ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي حق لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته ان جي ڪردار تي سوال اٿاريا وڃن ٿا. سندس احتجاجن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، تڏهن هوءَ پنهنجي جسم کي احتجاج جو آخري هٿيار بڻائي ٿي ته بحث سندس مطالبي کان هٽي سندس ڪردار تي اچي بيهي ٿو، نتيجي ۾ اصل ڏوهاري ۽ اصل مسئلو بحث کان ٻاهر هليو وڃي ٿو.
اهڙن واقعن کي رڳو عورتن جي بي حيائي يا بداخلاقي سان ڀيٽڻ درست ناهي. هر احتجاج جي پويان موجود سبب، حالتون، انصاف جي دستيابي ۽ اقتدار ۾ ويٺل طاقت جي رويي کي سمجهڻو پوندو. جڏهن هڪ فرد يا گروهه جا جائز مطالبا ٻڌڻ لاءِ ڪو دروازو کليل نه رهي، تڏهن احتجاج جا طريقا به روايتي حدن کان ٻاهر نڪري سگهن ٿا. ڇا اهو ممڪن ناهي ته اهڙو سماج جوڙڻ گهرجي جتي اهڙي نوبت ئي نه اچي؟ ڇا حڪومتن، عدالتن، انتظامي ادارن ۽ سماجي تنظيمن جي اها ذميواري ناهي ته مظلومن کي پنهنجي حقن لاءِ ايترو انتهائي قدم کڻڻ کان اڳ انصاف فراهم ڪن؟
اصل سوال انهن انسانن جي اگهاڙپ نه، پر انهن حالتن جو آهي، جن ۾ سندن آواز کان وڌيڪ سندن اگهاڙپ جو آواز ٻڌو وڃي ٿو. ڪنهن به مهذب سماج لاءِ ان کان وڌيڪ شرمناڪ صورتحال نٿي ٿي سگهي. ڇو ته اهڙي وقت ۾ رڳو فردن جو جسم اگهاڙو ناهي ٿيندو، پر حڪمران ۽ طاقتور طبقي جي اجتماعي ضمير جي پوشاڪ به لهي پوندي آهي.
ميڪسيڪو جي ميمبر کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جو حق هو، تڏهن به هن ڪپڙا لاٿا ته جيئن ڳالهه ٻڌي وڃي. اهي عورتون جن کي ڳالهائڻ جو حق ئي ڪونه ڏنو ويو، انهن وٽ پنهنجو جسم ئي آخري ايوان رهجي ويو. اصل سوال اهو ناهي ته ڪنهن ڪپڙا لاٿا. سوال اهو آهي ته ماڻهن کي اهو قدم ڇو کڻڻو پيو. حڪمرانن لاءِ پيغام سادو آهي يا ته ٻُڌو يا اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ تيار رهو، جيڪي توهان جي نظام کي بي آبرو ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو