مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مين سنڌي ماتلي جا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا؟

Ali Haider Shah

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ماتلي جي غريب آباد محلي ۾ ڪنهن يتيم ٻار جيان 1889ع کان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مين سنڌي ماتلي هلي رهيو آهي. هي اسڪول پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. هي قديمي ۽ تاريخي اسڪول ان ڪري به مشهور آهي جو هن اسڪول ۾ تعلقي ماتلي سان تعلق رکندڙ ڪيترائي وڏا ماڻهو به هن اسڪول مان پڙهي ويا آهن ۽ ان سان گڏ تعلقي ماتلي ۾ پرائمري ليول جو ٻيو ڪوبه اهڙو اسڪول نه آهي. پرائمري سطح تي ٿيندڙ سرڪاري ميٽنگون يا اهڙي قسم جون ٻيون سرگرميون به هن اسڪول ۾ ٿين ٿيون. ان ڪري هن اسڪول کي تعلقه هيڊڪوارٽر جي پڻ حيثيت حاصل آهي. ان کانسواءِ تعلقي ماتلي جي ٽنڊو غلام علي شهر سان تعلق رکندڙ وائسراءِ ليجسليٽو اسيملبي جو ميمبر ۽ سنڌ پرڳڻي جو وزير اعليٰ مير بنده علي ٽالپر به پرائمري تعليم هن اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کانسواءِ پ پ جي مخصوص سيٽ تي ماتلي جي ايم پي اي ٿيندڙ ميڊم تنزيلا قمبراڻي به شروعاتي تعليم هن اسڪول مان حاصل ڪئي، ٻيا به کوڙ نالا آهن جيڪي هن اسڪول ۾ پڙهي چڪا آهن. اهوئي سبب آهي جو پرائمري تعليم جي حوالي سان هي اسڪول تعلقي ماتلي جو نڪ تصور ڪيو وڃي ٿو. هن وقت هن اسڪول ۾ 600 شاگرد پڙهن ٿا جن کي پڙهائڻ لاءِ 17 استاد جن ۾ 10 مرد استاد ۽ 7 عورت استاد مقرر ٿيل آهن. موجوده صورتحال ۾ استادن جي اڃان به ضرورت آهي. اسڪول جي 13 ڪمرن واري بلڊنگ 1989ع ٺهي جيڪا زبون حالي جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن به خطري کان خالي نه آهي. ڇت ڪمزور هئڻ ڪري ڇت جا چاپوڙا ڪرندا رهن ٿا، اهڙي خطرناڪ صورتحال هوندي به معصوم ٻارڙا ڇت هيٺان ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ٻه چار ڪمرا ته اهڙا آهن جن ۾ شاگردن کي پڙهائي نٿو سگهجي، ڪنهن جاني نقصان ٿيڻ جي ڊپ کان انهن کي تالو هڻي بند ڪيو ويو آهي. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته اسڪول جا 3 عدد ڪمرا اسڪول جي پهرين تعمير کان بعد ۾ تعمير ڪيا ويا جيڪي بهتر حالت ۾ آهن. جڏهن ته پاڪ مسلم مڊل اسڪول جي بلڊنگ ڪجهه عرصو پهرين تعمير ٿي آهي جنهن مان به ٻه ڪمرا پرائمري اسڪول جي حوالي ڪيا ويا آهن. اسڪول جي ڪمپائونڊ وال جي اندر پاڪ مسلم مڊل اسڪول به هلي رهيو آهي، جنهن ۾ تقريبن 200 شاگرد پڙهن ٿا، جن لاءِ 10 استاد مقرر ٿيل آهن جن ۾ 3 عدد مرد ۽ 7 عورتون استاد شامل آهن. هنن ٻنهي اسڪولن جي گڏيل اسيمبلي ٿئي ٿي، پاڪ مسلم مڊل اسڪول جي بلڊنگ تازو تعمير ٿي آهي، جيڪا مين روڊ کان ڪافي مٿي آهي، پر پرائمري اسڪول ۽ اسڪول جو گرائونڊ روڊ کان تقريبن چار فوٽ جهڪو آهي ۽ برساتن وقت گرائونڊ پاڻي ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ منڇر ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. ان دوران ٻنهي اسڪولن جي اسيمبلي نٿي ٿئي ۽ ٻار گهٽ اچڻ ڪري شاگردن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي. گرائونڊ سڪڻ تائين استادن ۽ شاگردن کي ڪافي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. تقريبن ٻن مهينن کانپوءِ گرائونڊ جو پاڻي سڪڻ کانپوءِ گذريل ٽن ڏينهن کان ٻنهي اسڪولن جي اسيمبلي ٿيڻ لڳي آهي. ڏک جهڙي ڳالھه اها آهي ته هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومت هن اسڪول کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. اسڪول کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هي ڪا جنن ۽ ڀوتن جي رهڻ جي جاءِ آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته اسڪول جي بلڊنگ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري اسڪول زبون ۽ ڇت ڪمزور ٿي ڀڄي ڀري ڪري رهي آهي. ٻئي طرف اسڪول کي هلندي 100 سال پورا ٿيڻ تي گولڊن جوبلي ملهائي وئي، پر بدقسمتي سان اسڪول جي بلڊنگ ٺهڻ وقت به هي پرائمري اسڪول هو ۽ 137 سال گذرڻ کانپوءِ اڄ به هي پرائمري اسڪول ئي آهي ۽ شايد ترقي هن اسڪول جي نصيب ۾ لکيل ناهي. ٻنهي اسڪولن جي شاگردن لاءِ صرف ٽي باٿ روم آهن، سوئيپر نه هئڻ ڪري وقت تي باٿ رومن جي صفائي نٿي ٿئي. ان صورت ۾ معصوم شاگرد ننڍو يا وڏو پيشاب ڪرڻ لاءِ سخت پريشان ٿين ٿا. ان کانسواءِ ايڏي وڏي اسڪول ۾ ڪوبه چوڪيدار نه آهي ۽ اسڪول ۾ چوريون معمول بڻيل آهن. پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر ممتاز ڪيريو ٻڌايو ته اسڪول مان پنج ست دفعا اسڪول جا پکا ۽ ٻيو سامان چوري ٿي چڪو آهي. ايڏي وڏي اسڪول کي صرف هڪ پٽيوالو مليل آهي. اسڪول جي ديوار ننڍي هئڻ ڪري رسيس وقت اڪثر ٻار ديوار ٽپي ڀڄي وڃن ٿا. اسڪول ڪئمپس ٿيڻ ڪري گرلس هاءِ اسڪول جي انڊر ۾ اچڻ کانپوءِ هن اسڪول جو SEMIS ڪوڊ ختم ڪيو ويو آهي. مون کي اها به خبر ناهي ته هن اسڪول جو ساليانه ايس ايم سي فنڊ ڪيترو آهي. ساڳي شڪايت پاڪ مسلم مڊل اسڪول جي هيڊ ماستر اخلاق احمد چانگ ڪئي، هن چيو ته اڳي اسان جي اسڪول کي ساليانه اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽي ايس ايم سي فنڊ 50 هزار رپيا ملندو هو، پر اسڪول بوائز هاءِ اسڪول جي انڊر ۾ اچڻ کانپوءِ گذريل 10 ڏهن سالن کان اسان کي ٽڪو به نه مليو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها انتظامي نااهلي چئبي، اسان جي مڊل اسڪول ۽ پرائمري اسڪول کي اپ گريڊ ڪري پاڻ ۾ ملائي ڪئمپس ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پرائمري اسڪول جي ڪمزور بلڊنگ جي رپيئرنگ ڪرائي اسڪول ۽ اسڪول جو گرائونڊ پاڪ مسلم مڊل اسڪول جي برابر ڪري مٿي ذڪر ڪيل مسئلا حل ڪري معصوم شاگردن جو مستقبل روشن ڪيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو