مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جڏهن فلمن ۾ تاريخ ڳالهائي ٿي

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دنيا جي تاريخ، نظريي ۽ نظام جي نالي تي وڙھندڙ جنگين، قتل، ظلم ۽ بربريت سان ڀري پئي آهي. انھن حقيقي واقعن تي ڪيتريون ئي فلمون ٺاھيون ويون آهن جيڪي تاريخ جي انھن پيچيده پھلوئن کي منظر عام تي آڻين ٿيون جن کي رياستون عام طور تي دٻائي ڇڏين ٿيون. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ دنيا ٻن طاقتور بلاڪن ۾ ورھائجي وئي ھئي. آمريڪا جو سرمائيداراڻو نظام ۽ سوويت يونين جو ڪميونسٽ نظام.
انڊونيشيا ۽ ڪمبوڊيا ۾ ٿيندڙ سانحن ۽ المين جو تعلق به ان سرد جنگ سان جڙيل آهي، جن کي فلمن ديانتداري سان عوام جي اڳيان اجاڳر ڪيو.
“دي ايڪٽ آف ڪلنگ” ۽ “دي ڪلنگ فيلڊ” ٻه اھڙيون فلمون آهن جيڪي تاريخ جي ھڪ ئي سچ کي ٻن مختلف زاوين سان ڏيکارين ٿيون. ھڪ ۾ قاتل ڳالھائي ٿو، ٻئي ۾ مقتول.
جوشوا اوپن ھائيمر جي ھدايتڪاري ۾ ٺھڻ واري فلم “دي ايڪٽ آف ڪلنگ” ھڪ دستاويزي فلم آهي، پر ان جو انداز غير روايتي آهي. ھي فلم 1965 کان 1966 جي انڊونيشيا جي قتل عام تي ٺهيل آهي، جڏھن لکين ماڻهن کي ڪميونسٽ چئي قتل ڪيو ويو. ھن ھڪ سال ۾ وڏي پئماني تي خونريزي ٿي ۽ لڳ ڀڳ پنجن لکن کان ڏھن لکن تائين ماڻهو ماريا ويا. قاتلن کي ڪا سزا نه ملي، پر ڪيترين ئي جڳھين تي اُھي طاقتور بڻجي ويا. فلم ۾ ڏيکاريل ماڻهو اداڪار نه، پر اصل قاتل آھن. انھن کي چيو ويو ته اُھي پنهنجا جرم جيئن چاھين ٻيھر پيش ڪن، ته جيئن انهن جي مجرماڻي ذھنيت اسڪرين تي عيان ۽ ظاهر ٿي سگهي ته اُھي پنهنجي سنگين جرمن کي ڪھڙي طرح ھيرو ازم سمجھن ٿا. تنهنڪري ڪٿي ھي فلم گينگسٽر ڪھاڻي معلوم ٿئي ٿي ۽ ڪٿي ھڪ ڀيانڪ تماشو.
انڊونيشيا ۾ ھي قتل عام ويھين صديءَ جي وڏي، پر نسبتن گهٽ زير بحث رھڻ وارن المين مان هڪ آهي. ان کان پھريون جو پسمنظر ڪجھه ھينئن ھو ته 1949 ۾ آزادي کانپوءِ ملڪ ۾ ٽي وڏيون قوتون ھيون؛ فوج، اسلام پسند گروھ ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊونيشيا (پي ڪي آئي). ھي ان وقت چين ۽ سوويت يونين کانپوءِ ٽين وڏي ڪميونسٽ پارٽي ھئي. صدر سوئيڪارنو انھن ٽنھي قوتن کي گڏ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قوم پرستي، ڪميونزم ۽ مذهب تي ٻڌل ھڪ تصور پيش ڪيو جنهن کي “ناساڪوم” سڏيو ويندو هو، پر اندروني ڪشمڪش وڌندي وئي.
1965 جي بغاوت اھا چڻنگ ثابت ٿي جنهن سڄي نظام کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. “ ٽيھه سيپٽمبر موومينٽ” جي نالي سان مشهور ان واقعي ۾ ڪجھه فوجي آفيسرن کي قتل ڪيو ويو ۽ الزام هڪدم ڪميونسٽ پارٽي (پي ڪي آئي) تي وڌو ويو. ان کان فورن بعد جنرل سوھارتو اقتدار سنڀاليو ۽ پي ڪي آئي کي “ملڪ دشمن” قرار ڏنو ويو. پوري ملڪ ۾ ڪميونسٽن، انھن جي حامين ۽ ايتري حد تائين جو رڳو شڪ جي بنياد تي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. انھن ۾ مزدور، يونين جا ڪارڪن، استادَ، اديب ۽ دانشور شامل ھئا.
افغان جھاد جيان، انڊونيشيا ۾ به ڪيترن ئي اسلامي تنظيمن “ڪميونزم جي خلاف جھاد” جي نالي تي حصو ورتو. مقامي مليشيائون ۽ ڏوھاري عنصر به ان قتل عام ۾ اڳيان اڳيان رھيا. ذاتي دشمنيون ۽ وير به ان خوني عمل ۾ شامل ٿي ويا. لکين ماڻهو ماريا ويا ۽ عورتن کي جسماني ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اڪثر ماڻهو واقعي ڪميونسٽ نه ھئا رڳو الزام ڪافي ھو. ان قتل عام ۾ فوج، مذهبي گروھ، مقامي مليشيائن جا مسلح ماڻهو ۽ ڏوهه جي دنيا جا بي تاج بادشاھ شريڪ ھئا.
ھاڻي سوال ھي ٿو پيدا ٿئي ته سرد جنگ سان ان جو ڪھڙو تعلق ھو؟ ڇاڪاڻ جو سوئيڪارنو سيڪيولر رجحان رکندو ھو ۽ هن ڪميونسٽن سان گڏ توازن قائم ڪري رکيو هو، ان ڪري آمريڪا ۽ مغرب کي خدشو ھو ته انڊونيشيا چين يا سوويت يونين جي ويجهو نه ھليو وڃي. تنهنڪري آمريڪا ڪميونسٽ مخالف قوتن جي حمايت ڪئي. شاھديون موجود آهن ته آمريڪي حڪومت ۽ سي آئي اي انڊونيشيائي فوج ۽ سوھارتو جي حامين کي سياسي پٺڀرائي فراهم ڪئي. آمريڪي سفارتخاني ڪميونسٽ نيٽ ورڪ جي معلومات ۽ پي ڪي آئي جي شڪي ماڻهن جون فھرستون به فراهم ڪيون. سوھارتو 1967 کان 1998 تائين ڊگهي عرصي تائين آمريت قائم رکي، ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي لڳائي وئي ۽ ڪميونزم کي ڏوهه قرار ڏنو ويو. “دي ايڪٽ آف ڪلنگ” انور ڪانگو جھڙن ڪردارن جي ذريعي ان ماٺار ۽ خاموشي کي ٽوڙيو.
ان جي برعڪس “دي ڪلنگ فيلڊ” ھڪ فيچر فلم آهي جيڪا گهڻي حد تائين حقيقي واقعن تي ٻڌل آهي، جيتوڻيڪ مڪمل طور تي دستاويزي ناهي. ھي ٻن صحافين، دِٿ پران ۽ سڊني شينبرگ جي ڪھاڻي آهي، جيڪا ڪمبوڊيا جي قتل عام کي بيان ڪري ٿي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ پندرهن کان ويھه لک ماڻهو ماريا ويا. رولينڊ جوفي جي ھدايتڪاري ۾ ٺھڻ واري ھي فلم رڳو خمير روج جي دور جي عڪاسي ناهي، پر انسان جي بيوسي، دوستي ۽ بقا جو اذيتناڪ داستان به آهي.
جيتوڻيڪ ڪھاڻي ٻن صحافين جي چوگرد گهمي ٿي، پر حقيقت ۾ ھي پوري انسانيت جي ڪھاڻي بڻجي وڃي ٿي. ھي فلم ڏيکاري ٿي ته جڏهن نظريا انتھا تي پھچي وڃن ته انسان محض ھڪ “جيوميٽري” بڻجي رھجي ٿو وڃي. خمير روج جي دور ۾ موت روزمره جي حقيقت بڻجي چڪو هو، پر ان اونداهيءَ ۾ ھڪ روشني به ھئي. انساني رشتو-شينبرگ ۽ پران جي دوستي ھن فلم جو سڀ کان طاقتور استعارو آهي. ھي فلم احساس ڏياري ٿي ته سياست ۽ جنگ جي وچ ۾ به انسان، انسان رھي سگهي ٿو. شايد اھا ئي سئنيما جي سڀ کان وڏي طاقت آهي ته اھا اسان کي انگن اکرن مان ڪڍي انسانن تائين وٺي وڃي ٿي.
ڪمبوڊيا جي سياسي حالتن کي سمجهڻ لاءِ ويٽنام ۽ لائوس جو پسمنظر به اھم آھي. 1954 جي جنيوا معاھدي کانپوءِ ويٽنام ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اتر ويٽنام ڪميونسٽ جڏهن ته ڏکڻ ويٽنام آمريڪا جو اتحادي ھو. آمريڪا 1950 واري ڏھاڪي جي آخر ۾ ڏکڻ ويٽنام جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 1965 ۾ وڏي فوجي مداخلت ڪئي. ان جو مقصد اتر ويٽنام تي قبضو نه، پر ڪميونزم کي ڦھلجڻ کان روڪڻ ھو. پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ جي لاءِ آمريڪا فوجي اڏا قائم ڪيا ۽ اتر ويٽنام تي شديد بمباري ڪئي. ان جي باوجود اتر ويٽنام ھٿيار ڦٽا نه ڪيا. 1973 ۾ آمريڪا پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ شروع ڪيون ۽ 1975 ۾ اتر ويٽنام ڏکڻ ويٽنام کي فتح ڪري ملڪ کي ملائي ھڪ ڪري ڇڏيو.
لائوس ۾ به انھيءَ دوران آمريڪا ھڪ خفيه ۽ ڳجهي جنگ وڙهي. 1964 کان 1973 تائين شديد بمباري ڪئي وئي ۽ ھي ملڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ بمباري جو نشانو بڻجڻ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو. آمريڪا سڌو سنئون قبضو نه ڪيو، پر مقامي قبيلن خاص ڪري ھمونگ، کي مسلح ڪيو ۽ سي آئي اي جي ذريعي خفيه ڪارروايون ڪيون. مقصد اهوئي ھو ته اتر ويٽنام جي سپلاءِ لائين “ھو چي من ٽريل” کي روڪيو وڃي ۽ ڪميونسٽ گروھ پاٿيٽ لائو کي ڪمزور ڪيو وڃي. 1975 ۾ پاٿيٽ لائو اقتدار سنڀالي ورتو ۽ ملڪ ھڪ ڪميونسٽ رياست بڻجي ويو. ھاڻي ڪمبوڊيا طرف اچون ٿا، جتي “دي ڪلنگ فيلڊ” جي ڪھاڻي جنم وٺي ٿي. بادشاھ نوروڊوم سيھانوڪ غير جانبدار پاليسي تي قائم ھو، پر فوجي سربراهه لون نول کي آمريڪي حمايت حاصل هئي. ٽين ڌر کھيمر روز ھو، جيڪو ھڪ انتها پسند ڪميونسٽ گروھ ھو. ويٽنام جنگ دوران 1969 کان 1973 تائين آمريڪا ڪمبوڊيا ۾ ڳجهي بمباري ڪئي، جنھن سبب ھزارين شھري مارجي ويا ۽ ڳوٺ تباھ ٿي ويا. 1970 ۾ لون نول آمريڪي حمايت سان بغاوت ڪري سيھانوڪ کي ھٽائي ڇڏيو، انھيءَ رساڪشي ۾ ڪمبوڊيا ۾ خانا جنگي تيزي سان پکڙجي وئي ۽ آمريڪي حمايت يافته حڪومت ۽ انتھا پسند ڪميونسٽ گروھ کھيمر روز وچ ۾ جنگ شدت اختيار ڪري وئي.
بلڪل اھڙي طرح جيئن سي آءِ اي جي آپريشن “ٽي پي ايجيڪس” جي معرفت ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق جي جمھوري حڪومت ڪيرائي عوام تي رضا شاھ پھلوي جي بادشاھت مسلط ڪئي وئي ۽ پوءِ عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ خميني جي ملائيت جي راھ ھموار ٿي.
ڪمبوڊيا ۾ به جاري عدم استحڪام کھيمر روز کي مضبوط ڪيو، جنھن “آمريڪي سامراج خلاف جدوجهد” جو نعرو لڳائي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ حمايت حاصل ڪئي. 1975 ۾ پول پوث اقتدار ۾ آيو. ھتي به آمريڪا جو اصل مقصد ڪميونزم کي روڪڻ ھو، پر نتيجي ۾ کھيمر روز مضبوط ٿيو ۽ 1975 ۾ پول پوث اقتدار سنڀاليو.
پول پوث جنهن جو اصل نالو سالوٿ سار ھو ويھين صديءَ جو سڀ کان متنازع ۽ خونريز حڪمرانن ۾ شامل ٿئي ٿو جنهن ڪمبوڊيا تي 1975 کان 1979 تائين حڪومت ڪئي. ھن جو مقصد ھڪ اھڙو معاشرو قائم ڪرڻ ھو جيڪو مڪمل طور تي زرعي ھجي، بغير پئسن، بغير شهر، بغير جديد ٽيڪنالاجي جي.Year Zero تحت ھن اعلان ڪيو سڀ ڪجھه نئين سر شروع ٿيندو. گادي جو ھنڌ خالي ڪرايو ويو. لکين ماڻهن کي ڳوٺڻ ۾ جبري مشقت ۽ محنت تي لڳايو ويو، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين تباھي مچائي ڇڏي. تعليم يافته فردن کي دشمن سمجهي ڪري قتل ڪيو ويو. استادن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ايتري قدر جو عينڪ پائڻ وارن فردن کي به نه بخشيو ويو. ماڻهن کي ڏنڊن، ھٿوڙن ۽ تيز ڌار ھٿيارن سان ماريو ويندو ۽ اجتماعي قبرن ۾ ڦٽو ڪيو ويندو هو. پوري ڪمبوڊيا ۾ اھڙيون بيشمار ڪلنگ فيلڊ قائم ٿي ويون. 1979 ۾ ويٽنام حملو ڪري ان حڪومت جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
“دي ايڪٽ آف ڪلنگ” ۽ “دي ڪلنگ فيلڊ” ھڪ ئي دور ۽ ھڪ ئي نظرياتي ڪشمڪش جون ڪھاڻيون آھن، پر ھڪ ۾ ظالم ڳالھائي ٿو ۽ ٻئي ۾ مظلوم. اڄ به دنيا ھڪ عجيب آزار جو شڪار آهي. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته موجوده بحران به انتھا پسندي جو ئي نتيجو آهي. انتھا پسندي چاھي مذھبي ھجي يا نظرياتي، هميشه تباھي ۽ موت ئي کڻي ايندي آهي. جڏهن طاقت جو مرڪز ڪنهن ھڪ نظريي يا شخصيت جي ھٿ ۾ اچي وڃي ٿو ان کي فاشزم ۾ بدلجندي دير ناهي لڳندي. چاھي اھا جمھوريت جي پردي پٺيان لڪل ھجي يا انقلاب جي نعرن ۾. مسئلو رڳو نظريي جو ناهي، پر ان يقين جو آھي جيڪو پاڻ کي حرف آخر سمجهڻ لڳي ٿو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو