جڏهن مصنوعي ذهانت خودڪشي ڪندي يا اسان سڀني کي ماري ڇڏيندي!
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
ڊجيٽل دنيا ۾ هڪ خاموش، پر تباهه ڪندڙ بحران جنم وٺي رهيو آهي، اهو بحران ڪنهن باغي مشينن يا سائنس فڪشن جي ڪهاڻين جي ڪري ناهي، پر ان جو سبب ڪا تمام ويجهي شيءِ آهي، يعني ڀروسي جو خاتمو. ان سڀ جي مرڪز ۾ جنريٽوِ آرٽيفيشل انٽيليجنس آهي. اهڙا اوزار جيڪي حيرت انگيز حد تائين حقيقي لڳندڙ تصويرون، وڊيوز، آواز ۽ متن تيار ڪري سگهن ٿا. جنهن شيءِ جي شروعات رڳو هڪ نئين تفريح طور ٿي هئي. جهڙوڪ: ڪنهن مشهور شخصيت جي وائرل ٿيندڙ ڊيپ فيڪ وڊيو، مذاق لاءِ ڪنهن جو ڪلون ڪيل آواز يا سياسي موضوع تي ٻڌل ڪو مصنوعي مزاحيه خاڪو، اهو هاڻي اسان جي عوامي زندگيءَ جي بنياد، يعني اسان جي گڏيل حقيقت کي اندر ئي اندر کائڻ لڳو آهي. اسان هاڻي هڪ اهڙي موڙ جي ويجهو پهچي رهيا آهيون، جتي حقيقي ۽ مصنوعي جي وچ ۾ فرق لڳ ڀڳ ختم ٿي رهيو آهي. عوامي شخصيتن جا اشتعال انگيز بيان ڏيندڙ وڊيوز، اهڙين جنگين جون تصويرون جيڪي ڪڏهن ٿيون ئي ناهن ۽ ڪوڙا اعتراف ڪندڙ مصنوعي آواز، انهن مان ڪابه شيءِ هاڻي رڳو خيالي ناهي رهي. اهو سڀ ڪجهه اڳ ئي هتي موجود آهي ۽ ان جي نشاندهي ڪرڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندي پئي وڃي. جيئن جيئن اي آءِ پاران تيار ڪيل مواد وڌيڪ سچو لڳڻ لڳندو، تيئن تيئن انسان جو پهريون رد عمل ڀروسو نه، پر شڪ هوندو. هيءَ وڌندڙ نااميدي رڳو ڪو ثقافتي يا اخلاقي مسئلو ناهي، پر هي بنيادي طور تي خود اي آءِ جي وجود لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. مصنوعي ذهانت جي طاقت جنهن ۾ صحت، تعليم، صحافت ۽ حڪمرانيءَ جي شعبن لاءِ وڏا دلاسا ۽ اُميدون شامل آهن. اهي سڀ هڪ ئي ڪمزور بنياد تي بيٺل آهن ۽ اهو بنياد هي ويساهه آهي ته جيڪا شيءِ هيءَ تخليق ڪري ٿي، ان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن اي آءِ کي دوکي ڪرڻ سان منسوب ڪيو ويو، جيڪڏهن هي ڪوڙي پروپيگنڊا جو ٻيو نالو بڻجي وئي ته عوام ان کي رد ڪري ڇڏيندو. هيءَ ڪا مثبت شڪي طبيعت نه هوندي، پر هيءَ لادينيت يعني مڪمل نااميدي هوندي. هيءُ هڪ اهڙو احساس آهي ته “هتي سڀ ڪجهه ڪوڙو آهي، ان ڪري ڪنهن به شيءِ جي ڪا اهميت ناهي” ۽ اهڙو رويو خاص طور تي انهن جمهوري سماجن لاءِ سخت تباهه ڪندڙ هوندو آهي جتي باخبر بحث مباحثي ۽ احتساب لاءِ گڏيل حقيقتن جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙي ماحول ۾، ڀروسو سڀ کان پهريان مري ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سڌريل گفتگو به ختم ٿي ويندي آهي.
جيڪڏهن هيءُ ڀروسو ڊهي پيو ته اي آءِ کي ساراهيو نه ويندو، پر ان کان خوف کاڌو ويندو، ان کي قانوني طور تي ڪنهن ڪنڊ ۾ بند ڪيو ويندو يا عوامي سطح تي ان کي مڪمل طور تي ترڪ ڪيو ويندو. اهي ڪمپنيون جيڪي اهي اوزار ٺاهي رهيون آهن، اهي شايد پنهنجي فني مهارت جي ڪري وقتي طور تي واهه واهه حاصل ڪري وٺن، پر اهي سماجي قبوليت واري ڊگهي راند هارائي ويهنديون. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اي آءِ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ڪو سياسي رد عمل يا قانوني منجهيل ڪاغذي ڪارروائي ناهي، پر اهو خود اي آءِ آهي. ان ڪري اسان کي پوري تڪڙ ۽ چٽائيءَ سان هن مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو.
پهريون، اي آءِ پاران تيار ڪيل مواد تي واضح ۽ نه مٽجندڙ نشان هجڻ لازمي آهي. چاهي اها ڪا مصنوعي وڊيو هجي، آواز جي ڪلپ هجي يا تصوير، ان تي هڪ واٽر مارڪ هجڻ گهرجي، جيڪو مشين ذريعي سڃاڻپ جوڳو، مستقل ۽ جنهن سان ڪا ڇيڙڇاڙ نه ٿي سگهي. هي اختياري نه هجڻ گهرجي، نه ئي وري ميٽاڊيٽا ۾ لڪيل هجي، پر اها ان جي جوڙجڪ جو حصو هجڻ گهرجي. هي فني طور تي ممڪن آهي، پر سياستدان يا ته ان جي خطرن کان بيخبر آهن يا ان جي مزاحمت ڪرڻ کان هٻڪ جو شڪار آهن، ان ڪري اهي قدم کڻڻ کان ڪيٻائين ٿا.
ٻيون، اسان کي تصديق لاءِ هڪ عالمي ڍانچي جي ضرورت آهي. جنهن طريقي سان اسان چونڊن يا ائٽمي مواد جي نگرانيءَ لاءِ ادارا قائم ڪيا آهن، تنهن طريقي سان هاڻي اسان کي ڊجيٽل مواد جي تصديق لاءِ هڪ مضبوط ۽ بين الاقوامي فريم ورڪ جي ضرورت آهي. هتي به اوزار موجود آهن، پر جنهن شيءِ جي کوٽ آهي، اها سياستدانن ۽ انڊسٽريءَ جي ارادي جي آهي. ٽيون، بدنيتيءَ تي ٻڌل ڊيپ فيڪ جي استعمال تي سخت سزائون هجڻ گهرجن. واقعن کي ڪوڙو ٺاهڻ، تشدد کي ڀڙڪائڻ، سچائي پڌري ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ يا چونڊن ۾ دوکي ڪرڻ لاءِ اي آءِ جو استعمال هڪ سنگين ڏوهه قرار ڏنو وڃڻ گهرجي، نه ڪي ٽيڪنالاجي جو هڪ هوشياريءَ سان ڪيل استعمال.
چوٿون، عوام کي ڊجيٽل پرک ۽ تميز جي تعليم جي ضرورت آهي. هي رڳو ميڊيا جي ساڃاهه کان وڌيڪ ڪجهه آهي؛ هيءَ اصل ۾ حقيقت جي ساڃاهه آهي. ماڻهن ۾ اها صلاحيت هجڻ گهرجي ته اهي جيڪي ڪجهه ڏسن ۽ ٻڌن ٿا تنهن تي سوال اٿاري سگهن. ان جو مقصد هر شيءِ کي رد ڪرڻ ناهي، پر معلومات جي هڪ اهڙي ماحول ۾ رستو ڳولهڻ آهي، جتي ڪوڙ ۽ سچ ۾ فرق ڪرڻ ناممڪن هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته اي آءِ ڪمپنين کي پنهنجي رخ ۽ طريقي تي نئين سر غور ڪرڻو پوندو. هڪ غلط فهمي موجود آهي. خاص طور تي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ته مڪمل حقيقت پسندي ئي حتمي مقصد آهي، پر جيڪڏهن اها حقيقت پسندي سماجي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿي، جيڪڏهن اها تصديق جي امڪان کي ئي ختم ڪري ٿي ته پوءِ اها ڪا ايجاد يا نواڻ ناهي، پر پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. اي آءِ جو ائين هجڻ ضروري ناهي. اسان اڃان به اخلاقي حدن ۽ ذميوار، پر طاقتور ذهين نظامن جي اندر مصنوعي مواد حاصل ڪري سگهون ٿا، پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن اسان هاڻي قدم کڻنداسين، ان کان اڳ جو هيءَ مايوسي ۽ بيزاري هميشه لاءِ پڪي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته اسان جنهن رستي تي هلي رهيا آهيون، اهو هڪ ڏکوئيندڙ تضاد ڏانهن وڃي ٿو، يعني اي آءِ جيتري وڌيڪ ذهين ٿيندي، اها انهن حالتن کي اوترو ئي وڌيڪ نقصان پهچائيندي جيڪي ذهانت کي چاهي اها انساني هجي يا مصنوعي قيمتي بڻائين ٿيون، يعني ڀروسو، سچ ۽ هڪٻئي سان معنيٰ خيز نموني ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي صلاحيت. اي آءِ ڪن نقادن يا قانونن جي ڪري تباهه نه ٿيندي، پر هيءَ پاڻ پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن اسان ان کي ايئن ڪرڻ کان نه روڪيو!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟