ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 30 ملين ٽن ڪڻڪ استعمال ٿئي ٿي، مقصد ته کاڌي وڃي ٿي، ان جاءِ تي 2023 ۾ صرف 26.2 ملين ٽن گهرو پيداوار ٿي ۽ باقي رياست کي ٻين ملڪن کان گهرائڻي هئي، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڪڻڪ آمريڪا کان ورتي ويندي آهي، پر هيل ته يوڪرين مان سستي ڪڻڪ گهرائي رکي وئي، ان ڪري ته ڪاڪڙ جي دور ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ سستي هئي ۽ هنن کي وارو لڳي ويو، پر ان کانپوءِ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ آهستي آهستي اضافو ٿيندو رهيو، پر اگھ وري مستقل رهيا ۽ هڪ هنڌ بيهي ويا پر وڌندا نه ۽ نه ئي وري پوئتي موٽ کاڌن، نتيجي ۾ شهرن ۾ ماڻهن جون ڊگهيون قطارون ڪڻڪ (اٽي) خريد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويون. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي انگن اکرن موجب سيپٽمبر 2023 کان مارچ 2024 جي وچ ۾ عالمي منڊي مان 3.5 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پاڪستان ۾ امپورٽ ڪئي وئي. جڏهن قيمتون تمام گهٽ هيون ۽ اگهن ۾ سامت هئي. وري اها به حقيقت آهي ته قومي ۽ صوبائي خوراڪ اسٽوريج وارن کاتن وٽ 4.3 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پنهنجي اسٽاڪ ۾ موجود هئي، پر بدقستي سان شهرن ۾ اٽي حاصل ڪرڻ ۽ دڪانن (يوٽيلٽي اسٽورز) تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهو ميڙن ۾ دٻجي مري ويا، جنهن جا مثال اسان گذريل سال ڏٺا.