مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماڻهو ڇا چوندا؟ سماج جو سڀ کان مهانگو جملو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان جي معاشري جو سڀ کان وڏو الميو غربت، بيروزگاري يا وسيلن جي کوٽ نه آهي، پر اها ذهني غلامي آهي، جيڪا صدين کان اسان جي سوچ تي قابض آهي. اها غلامي اسان کان سوچڻ جي آزادي کسي ورتي آهي. اسان جا ڪيترائي فيصلا اسان جي ضرورتن، خواهشن يا عقل موجب نه، پر سماج جي دٻاءُ هيٺ ٿين ٿا. اسان جي زندگيءَ جو وڏو حصو هڪ ئي سوال جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو: “ماڻهو ڇا چوندا؟” هي جملو اسان جي سماج جو سڀ کان مهانگو جملو آهي. ان جملي هزارين خاندانن کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي نوجوانن جا خواب دفن ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪيترين ئي ڌيئرن جون زندگيون انتظار جي صليب تي ٽنگي ڇڏيون آهن. ڪجهه سال اڳ هڪ يورپي ملڪ بابت پڙهيم ته اتي شاديون انتهائي سادگيءَ سان ٿين ٿيون. ڪنوار ۽ گهوٽ شاديءَ جا لباس به گهڻو ڪري ڀاڙي تي وٺندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي رڳو هڪ ڏينهن لاءِ هوندا آهن. مهمان ايندا آهن، معمولي تواضع ٿيندي آهي، يادگاري تصويرون ڪڍبيون آهن ۽ هر مهمان پنهنجي وس آهر نئين جوڙي کي مالي مدد ڏئي ويندو آهي. تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ جيڪي پئسا بچندا آهن، تن سان نئون جوڙو پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪندو آهي. ڪو گهر لاءِ سامان وٺندو آهي، ڪو ڪاروبار شروع ڪندو آهي ته ڪو مختصر سير تي هليو ويندو آهي. اهو احوال پڙهي دل ۾ هڪ ئي احساس جاڳيو ته ڪاش اسان وٽ به روايتن کان وڌيڪ عقل جي حڪمراني هجي ها. اسان وٽ شادي ٻن دلين جي ميلاپ کان وڌيڪ خاندانن جي مقابلي جو ميدان بڻجي وئي آهي. هر سال نيون رسمون جنم وٺن ٿيون ۽ پراڻيون وڌيڪ مهانگيون ٿينديون وڃن ٿيون. ڪنوار جي لباس جي قيمت ڪڏهن لکين رپين تائين پهچي وڃي ٿي، جڏهن ته اهو لباس شايد وري ڪڏهن به استعمال نه ٿئي. شاديءَ جا اسٽيج، گلن جا جبل، آتشبازي، مهندي، ونواهه، فوٽو سيشن، وڊيو شوٽ ۽ ٻين ڪيترين ئي رسمن تي اهڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ زندگيءَ جي سڄي خوشي هڪ ئي ڏينهن ۾ خريد ڪرڻي هجي. سوال اهو ناهي ته ماڻهو پنهنجي خوشيءَ تي خرچ ڇوٿا ڪن؟ سوال اهو آهي ته ڇا خوشي قرض کڻي ملهائجي؟ ڇا عزت جو معيار خرچن جو محتاج آهي؟ اسان جي سماج ۾ جيڪڏهن پاڙيسريءَ ڏهه ديڳيون پچايون ته ٻيو ويهه ديڳيون پچائڻ کي پنهنجي عزت سمجهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن جي ڌيءَ کي ڏهه لک جو ڏاج مليو ته ٻيو به ساڳي ريس ڪرڻ لاءِ قرض کڻڻ کان به نه ڪيٻائيندو. اها مقابلي جي ڊوڙ ترقيءَ جي نه، پر احساسِ ڪمتريءَ جي علامت آهي. سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شادين جي موسم ايندي آهي ته ماڻهن جي روزاني زندگي ئي تبديل ٿي وڃي ٿي. هر شام ڪنهن نه ڪنهن دعوت ۾ وڃڻو آهي. ڪيترائي ماڻهو خوشيءَ سان نه، پر مجبوريءَ ۾ وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته کين خوف هوندو آهي ته جيڪڏهن اڄ ڪنهن جي دعوت ۾ نه ويا ته سڀاڻي هو به سندن دعوت قبول نه ڪندا. اسان جو سماج خوشي ورهائڻ کان وڌيڪ حساب ڪتاب رکڻ ۾ مصروف ٿي ويو آهي. دعوت به هاڻي محبت جو اظهار نه رهي آهي، پر هڪ قسم جي سيڙپڪاري بڻجي وئي آهي، جنهن مان واپسيءَ جي اميد رکي وڃي ٿي. انهن سڀني رسمن جو سڀ کان وڏو نقصان غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿئي ٿو. هڪ مزدور، هڪ هاري يا هڪ ننڍڙو ملازم پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ سالن جا سال پئسا گڏ ڪندو رهي ٿو. ڪيترائي ماڻهو زمين وڪڻن ٿا، قرض کڻن ٿا يا پنهنجون ضرورتون قربان ڪن ٿا، رڳو ان لاءِ ته ماڻهو کين گهٽ نه سمجهن.
ڏاج جهڙي رسم ته ڪيترن ئي گهرن کي معاشي تباهيءَ تائين پهچائي ڇڏيو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترين ئي جڳهين تي اڄ به ڇوڪريءَ جي تعليم، اخلاق ۽ شخصيت کان وڌيڪ سندس ڏاج کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ڪيترين ئي نياڻين جون شاديون رڳو ان ڪري دير سان ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ ته سندن والدين وٽ فرنيچر، اليڪٽرانڪس يا گاڏي ڏيڻ جي سگهه نه هوندي آهي. هي صرف مالي مسئلو ناهي، پر اخلاقي بحران پڻ آهي. فضول خرچي رڳو شادين تائين محدود ناهي رهي. مرڻ کان پوءِ ٿيندڙ رسمون به ڪيترن ئي خاندانن لاءِ عذاب بڻيل آهن. ٽيجها، ڏهاڙا، چاليها، ختما ۽ وڏيون مانيون اهڙا خرچ آهن، جيڪي ڪيترن غريبن کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا. مذهب سادگي سيکاري ٿو، پر سماج ڏيکاءُ سيکاري ٿو ۽ ماڻهو اڪثر سماج کان وڌيڪ ڊڄن ٿا. ساڳي صورتحال افطار پارٽين، سالگراهن ۽ ٻين تقريبن ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. عبادت ۽ سادگيءَ جا موقعا به مقابلي ۽ نمائش جو حصو بڻجي ويا آهن. ڪنهن کي اهو خيال ئي نٿو اچي ته انهن ئي پئسن سان ڪيترن ئي غريبن جي گهرن جون چلهيون ٻري سگهن ٿيون. اسان کي اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته قانون اڪيلو سماج کي تبديل نٿو ڪري سگهي. حڪومت مهمانن جي تعداد تي پابندي هڻي سگهي ٿي، هڪ طعام جو قانون ٺاهي سگهي ٿي يا آتشبازي روڪي سگهي ٿي، پر احساسِ ڪمتريءَ تي ڪو قانون لاڳو نٿو ڪري سگهجي. اها تبديلي رڳو شعور سان ايندي. اسان جي استادن، اديبن، عالمن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن کي گڏجي ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻو پوندو ته عزت جو تعلق خرچن سان نه، پر ڪردار سان آهي. خوشحال اهو ناهي، جيڪو لکين رپيا هڪ رات ۾ خرچ ڪري، پر خوشحال اهو آهي، جيڪو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏئي، پنهنجي گهر کي قرضن کان بچائي ۽ پنهنجي وس آهر سادگيءَ سان زندگي گذاري. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي سيکارڻو پوندو ته ڪنهن جي نقل ڪرڻ ترقي ناهي. ترقي اها آهي ته انسان پنهنجي وسيلن مطابق زندگي گذاري، غيرضروري رسمن کي “نه” چوڻ جي همت پيدا ڪري ۽ پنهنجي آمدنيءَ کي مستقبل جي تعمير تي خرچ ڪري. آخر ۾ سوال اهوئي آهي ته ڇا اسان واقعي آزاد آهيون؟ جيڪڏهن اسان جي هر خوشي، هر رسم، هر تقريب ۽ هر فيصلو “ماڻهو ڇا چوندا؟” جي زنجير سان ٻڌل آهي ته پوءِ اسان کي پاڻ کي آزاد سماج چوڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ضرور سوچڻ گهرجي. حقيقي آزادي سياسي يا معاشي آزاديءَ کان اڳ ذهني آزادي آهي. جنهن ڏينهن اسان پنهنجي ذهن تان احساسِ ڪمتريءَ جو بار لاهي ڇڏينداسين، ان ڏينهن شاديون به آسان ٿينديون، ڏاج جهڙيون لعنتون به ختم ٿينديون، غريب پيءُ به سک جو ساهه کڻندو ۽ سماج ۾ انسان جي عزت سندس ڪردار، علم ۽ اخلاق سان ماپي ويندي، نه ڪي ديڳين، لباسن ۽ ڏيکاءُ جي نمائش سان. شايد تبديليءَ جي شروعات ڪنهن وڏي انقلاب سان نه، پر هڪ ننڍڙي فيصلي سان ٿيندي. جڏهن اسان مان ڪو هڪ ماڻهو پنهنجي ڌيءَ يا پٽ جي شادي سادگيءَ سان ڪندو ۽ فخر سان چوندو: “مون ماڻهن کي نه، پنهنجي ضمير کي راضي ڪيو آهي.”

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو