مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آخر سهڻي پارس جو قصور ڪهڙو آهي!؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

22 جولاءِ 2026 تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن مٿان پوليس روايتي انداز اختيار ڪندي مٿن ڪڙڪي پئي ۽ کين تشدد بعد گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ سهڻي پارس سميت 13 سڃاتل ۽ 150 اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته گذريل هڪ مهيني کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مغوي ٻارن جي بازيابيءِ لاءِ والدين پاران احتجاجي ڪئمپ لڳل هئي، جنهن ڪئمپ تي ڪو وزير يا مشير ته نه آيو، پر ايس ايس پين جي معرفت ڳالهيون ڪري وقت پاس ڪندي ڪندي مٿن تشدد جي حڪمت عملي ٺاهي وئي، جنهن ظلم تي آسمان به ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. ڇو ته مظلوم جو مددگار خدا کان سواءِ ٻيو نٿو ٿي سگهي. پريا ايڪشن ڪميٽي جي سرواڻ سهڻي پارس ۽ ڪنوينر لياقت جلباڻي سميت مغوي ٻارڙن جي مائرن مٿان رياستي بربريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پوري دنيا جي انساني حقن جي تنظيمن کان گهر ٿا ڪريون ته هن ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿارين ۽ سنڌ سرڪار جو چهرو نروار ڪن، جيڪا عوام کي پنهنجن آئيني حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ تي ظلم جو نشانو بڻائي رهي آهي. ماڻهن جو مطالبو اهو هو ته سندن معصوم ٻارڙا جيڪي مختلف جاين تان اغوا ٿي ويا آهن يا غائب ڪيا ويا آهن، انهن کي درآمد ڪيو وڃي. هي اسان جي سنڌ آهي جتي سنڌ حڪومت هر پرامن آواز جي کڄڻ تي ٿرٿلي ۾ اچي وڃي ٿي، پنهنجي طاقت ۽ بربريت ڏيکاري ٿي. جن مائرن کي دلاسو ڏنو وڃي ها، انهن کي سنڌ پوليس رستي تي گهلي گهلي تشدد ڪري گرفتار ڪيو آهي. پرامن ڌرڻي ۾ طوفاني برسات ۾ مائرون کليل آسمان اڳيان روئينديون رهيون ڄڻ ڪربلا جو ميدان هجي ۽ حسيني قافلي مٿان يزيدي فوج ڪڙڪي پئي ۽ پرامن احتجاجي ڪئمپ کي پٽي اڇلائي سمورن اڳواڻن جون گرفتاريون ٿينديون رهيون. خيرپورميرس جو امن امان خراب ڪندڙ ايس ايس پي خيرپور جيڪو امن قائم ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ويو، ڏينهن ڏٺي عورتن، ٻچن ٻارن پڪن پوڙھن کان ڦرون، ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا ماڻهو قتل، ڪوبه انصاف ناهي ڪوبه قانون ناهي. اڄ اهو ايس ايس پي خيرپور ايس پي سکر معصوم ٻچڙن جي بازيابيءَ لاءِ ويٺل مائرن، وڪيلن، صحافين ۽ قومي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ڪري پاڻ کي هيرو ٿو سمجهي. افسوس آهي ڊي آءِ جي سکر ۽ آءِ جي سنڌ تي جن ڌاڙيلن ۽ غير ذميوار آفيسرن جي رحم و ڪرم تي عوام کي ڇڏيو آهي، جيڪا نفري پوليس جي احتجاج ڪندڙن مٿان چڙهي وئي اهائي نفري امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائڻ ۾ استعمال ڪري ها ته اڄ سنڌ جون مائرون روڊن تي نه ويٺل هجن ها، بلڪه پنهنجي ٻچڙن سان گهر ۾ ويٺل هجن ها، پر جڏهن سندن جگر جا ٽڪرا کانئن کسيا ويندا ته انهن کي گهرن ۾ ڪهڙو سڪون ايندو! جيڪڏهن اهي پنهنجي ٻچن جي آزاديءَ لاءِ دانهون ڪن يا احتجاج ڪن ته انهن کي سندن اولاد ڏيڻ بجاءِ لٺيون وسائي کين گرفتار ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ آزادي جي تصور کي شل ھيءَ سنڌي قوم سمجھي! پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي، ھن رياست ۾ عوام کي آزادي نه، پر تاريخي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آھي. حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪرڻ يا پنھنجي ئي مٿان ظلم، جبر ۽ ڏاڍ خلاف دانھن ڪرڻ تي سالن کان ماڻھن جو کنڀجڻ ته ڏٺو آھي، پر جڏھن معصوم ٻارڙن جو گم يا اغوا ٿيڻ جهڙا ڪيترائي ڪيس سامهون اچن ٿا ته انهن خلاف هڪ منظم تحريڪ هلڻ لڳي ٿي، پر جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ حڪمران مٿن تشدد ڪرڻ لڳن ٿا. مان سمجھان ٿو ھن ملڪ جي اندر ڪو به ماڻهو محفوظ نه آھي ۽ نه ئي ڪو پاڻ کي محفوظ سمجھي ٿو.
حقيقت اها آھي ته اسان سنڌي ھن ملڪ ۾ بيوس ۽ بي اختيار قوم آھيون، جو اسان پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي وسيلن تي ڪو به حق نٿا سمجھون، سنڌ جي پالڻھار درياءَ ۽ سمنڊ تي قبضو آھي، تيل، گيس ۽ ڪوئلي تي ڌاريا قابض آھن، ھن رياست طرفان ڌاري آبادڪاري ڪري شھرن تي قبضو ڪيو ويو آھي، علم شعور، عقل ۽ سياسي سماجي وطن دوست ذھنن کي يرغمال بڻايو ويو آهي. نوجوان نسل کي پنھنجي ڏاڍ، جبر، لالچ ۽ خوف سبب پريشان ڪيو ويو آھي. سوال اھو ته ان رياستي چال کي، سمجھڻ لاءِ اڃان پنھنجي ڄنڊا پٽ ڪجي يا سنجيده ٿي قوم لاءِ جدوجھد ڪجي. اسان سڀني کي گهرجي ته متحد ٿي پنھنجا وسيلا بچايون ۽ پنھنجا ٻچا بچايون. پريا ڪماري کان ويندي سنڌ جي ظاهر ڪيل 30 ٻارن جي آزادي جي هلندڙ جدوجهد کي اڃان وڌيڪ تيز ڪيون ته جيئن اقتدار جي نشي ۾ غرق حڪمرانن کي هوش اچي ۽ معصوم ٻارڙا واپس پنهنجي امڙين جي گود ۾ اچي سک جو ساهه کڻن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو