شريف خاندان ۾ اقتدار جي ورهاست ۾ “تبديلي” جا ڪهڙا سبب آهن؟
اها گهڙي شريف خاندان ۽ سندن پارٽيءَ جي سياست لاءِ تاريخي اهميت رکي ٿي. هڪ طرف نواز شريف بدران سندس ڀاءُ شھباز شريف ٻيو ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ وارو آهي ته ٻئي طرف نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير جو عهدو سنڀاليو آهي. انهن تاريخي گھڙين جا ٻه پھلو وڌيڪ توجهه جا مستحق آهن. پھريون ته شريف خاندان جي اندر اقتدار جي ورڇ ۾ تبديلي آئي آهي ۽ ٻيو ته نواز شريف جي پارلياماني سياست بظاهر ختم ٿي چڪي آهي.