ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن کي مدِ نظر رکندي 2 لک گيلن واري ٽانڪي محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ 1985ع ۾ منظور ٿي، جيڪا 1988ع ۾ مڪمل ٿيڻي ھئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڪم جي قابل نه ٿي سگھي آھي. ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن جي ھيءَ 10 سالا منصوبابندي ھئي جيڪا 1998ع ۾ ختم ٿي وئي. 1998ع کانپوءِ واٽر سپلاءِ جي نئين گھرجن لاءِ نئين سر سوچڻو ھو جنھن کي به ھِن وقت تائين 30 سال ٿيڻ وارا آھن، پر ان ٽانڪي جو استعمال نه ٿي سگھيو آھي، نه ڪا نئين اسڪيم ملي سگھي آھي. پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ناقص رٿابندي سبب اھا 2 لک گيلنن واري ٽانڪي واٽر سپلاءِ جي تلائن کان گھڻو پري ٺاھي وئي ۽ اڻ مڪمل اسڪيم ڪنھن اٽڪل بازي سان ڪنھن زماني ۾ ميونسپل ايڊمنسٽريشن کي ھينڊ اوور به ڪئي وئي، ھن اسڪيم ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن واري انڪوائري جي فائل کي به گم ڪيو ويو، ھن وقت ان ٽانڪي جي چوطرف پلاٽن تي قبضا آھن ۽ ٽانڪي جي ھيٺان مينھن جو واڙو قائم ٿيل آھي، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي جي آفيس جي ديوار سان لڳو لڳ ٺھيل ان ٽانڪي جي حالت مخدوش پڻ ٻڌائي وئي آھي، جيڪا پاڻ مرادو يا زلزلي جي جھٽڪي سان آبادي يا سرڪاري عمارتن مٿان ڪري جاني نقصان پڻ ڪري سگھي ٿي.