مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڇا سڪندر اعظم کي زنده دفن ڪيو ويو هو؟

Barkat Chandio تعليمدان، قانوندان، آر-جي، ليکڪ

ايم.اي (انگلش)، ايم.ايڊ، ايل ايل بي، گورنمينٽ ٽيچر.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تاريخ کي اسان اڪثر هڪ اهڙي ڪتاب وانگر سمجهندا آهيون، جنهن ۾ لکيل هر لفظ ڄڻ آخري سچ هجي، پر حقيقت ۾ تاريخ ايئن ناهي. تاريخ دراصل انسانن جي يادگيرين، لکيل شاهدين، آثارن، روايتن ۽ مختلف دورن جي مورخن جي بيانن مان ٺهندي آهي؛ ۽ انهن مان ڪجهه ڳالهيون وقت گذرڻ سان تبديل به ٿينديون رهيون آهن. ڪڏهن نئين کوٽائي پراڻي دعويٰ کي بدلائي ڇڏيندي آهي، ڪڏهن نئون دستاويز ڪنهن پراڻي واقعي جي ٻي تصوير پيش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن جديد سائنس هزارين سال پراڻي واقعي کي نئين زاويي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
مثال طور: ڪنهن وقت يورپ جي ڪيترن ئي طبي حلقن ۾ اهو خيال عام هو ته بيماريون خراب ۽ زهريلي هوا، يعني Miasma، سبب پکڙجن ٿيون. ليڪن بعد ۾ جراثيمي نظريي، لوئي پاسچر ۽ رابرٽ ڪوخ وغيره جي تحقيقن بيمارين جي سببن کي سمجهڻ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو. جڏهن ته اوڻيهين صديءَ جي آخر تائين مائيسما وارو خيال طبي سوچ تي گهڻو اثرانداز رهيو هو.
اهڙي ئي تبديلي معدي جي السر بابت به ٿي. هڪ ڊگهي عرصي تائين سمجهيو ويندو هو ته معدي جو السر بنيادي طور تي تيزابيت ۽ ٻين اهڙن سببن سان لاڳاپيل آهي، پر پوءِ 1979ع ۾ “رابن وارن” معدي اندر هڪ عجيب جراثيم ڏٺو ۽ بيري مارشل سان گڏجي پنهنجي تحقيق اڳتي وڌائي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهو Helicobacter pylori هو، جنهن السر بابت پراڻي طبي سوچ کي وڏي حد تائين تبديل ڪيو.
هائنرش شليمان جڏهن ٽراءِ جي کوٽائي ڪئي ته هن دعويٰ ڪئي ته کيس هومر جي بيان ڪيل بادشاهه پريام جي ٽراءِ جا آثار مليا آهن ۽ سندس هٿ آيل خزانو شايد هيلن سان لاڳاپيل هجي. سندس دعويٰ کي تمام جلد پوري دنيا ۾ ڀرپور پذيرائي ملي، پر پوءِ وڌيڪ آثارياتي تحقيق مان معلوم ٿيو ته جنهن کنڊر کي شليمان پريام جي ٽراءِ سمجهيو هو، اهو ٽراءِ جي جنگ واري ممڪن دور کان گهڻو پراڻو هو ۽ انھيءَ مان ثابت ٿيو ته ھڪ وڏي تاريخي دعويٰ کي به بعد ۾ ڪيل تحقيق غلط ثابت ڪري سگهي ٿي، پر ان جو اھو مطلب به ناهي ته تاريخ ۾ هر پراڻي ڳالهه غلط آهي. مطلب رڳو اهو آهي ته تاريخ سوالن، شاهدين ۽ نئين تحقيق سان اڳتي وڌندي آهي ۽ شايد تاريخ جو سڀ کان دلچسپ حسن به اهوئي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن هزارين سال پراڻو سوال جديد دور جي سائنس کي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو.
اهڙو ئي هڪ حيران ڪندڙ سوال ڪافي عرصي کان سڪندر اعظم جي موت بابت به ڪيو وڃي ٿو ته ڇا سڪندر اعظم واقعي ان وقت مري چڪو هو، جڏهن سندس موت جو اعلان ڪيو ويو ھو؟ يا شايد هو اڃان زنده هو؟ ۽ جيڪڏهن هو زنده هو ته ڇا ممڪن آهي ته کيس مئل سمجهي سندس لاش کي دفن ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي هجي؟ هي سوال جديد دور ۾ خاص طور تي ڊاڪٽر ڪيٿرين هال جي تحقيق کانپوءِ ٻيهر بحث جو موضوع بڻيو.
سڪندر اعظم جي حالات تي نظر وجھڻ سان خبر پوندي ته سڪندر اعظم، جنهن کي Alexander the Great چيو وڃي ٿو، مقدوني بادشاهه فلپ ٻئي جو پٽ هو. هو 256 ق. م ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش مقدوني شاهي درٻار ۾ ٿي ۽ کيس ان دور جي بهترين تعليم ڏني وئي. سندس استاد مشهور فلسفي ارسطو هو. ارسطو کان هن فلسفو، ادب، سياست ۽ ٻين علمن سان گڏ يوناني ثقافت بابت به گهڻو سکيو. سڪندر ننڍپڻ کان ئي غير معمولي فوجي ۽ سياسي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. جڏهن سندس پيءُ فلپ ٻيو 326 ق. م ۾ قتل ٿيو ته سڪندر تخت تي ويٺو. ان وقت هو اڃان نوجوان هو، پر ڪجهه ئي عرصي اندر هن يونان ۾ سڀني قبيلن کي پاڻ سان ملائي پنهنجي طاقت مضبوط ڪري ورتي.
330 ق.م ۾ سڪندر وڏي فوج سان يورپ کان ايشيا ڏانهن روانو ٿيو. هن هيلسپونٽ پار ڪري ايشيا مائنر ۾ قدم رکيو ۽ پوءِ فارس جي وڏي سلطنت سان مقابلو شروع ڪيو. سندس فوجي مهم تقريبن يارهن سالن تائين هلي ۽ ان دوران هن فارسي سلطنت کي شڪست ڏني، مصر تي قبضو ڪري، وڃي وچ ايشيا تائين پهتو ۽ سنڌو درياءَ جي علائقي تائين پنهنجي سلطنت وڌائي ڇڏيائين. فارس جي بادشاهت کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ به سڪندر نه رڪيو. هو وچ ايشيا ڏانهن وڌيو ۽ پوءِ هندستان ڏانهن آيو. 336 ق.م ۾ هائيڊاسپس، يعني موجوده جهلم، جي جنگ ۾ هن راجا پورس سان مقابلو ڪيو. جنگ سخت هئي، خاص طور تي ھندستاني فوج طرفان هاٿين جي استعمال سبب، پر پوءِ به فتح سڪندر کي ئي حاصل ٿي، پر هتي هڪ دلچسپ موڙ آيو. سڪندر جي فوج مسلسل جنگين ۽ ڊگهن سفرن کان ٿڪجي چڪي هئي. جڏهن ته هو هندستان کان به اڳتي وڌڻ چاهي پيو، پر سندس سپاهين وڌيڪ اڳتي وڃڻ کان انڪار ڪيو. آخرڪار سڪندر کي پنهنجي فوج طرفان مجبور ٿي واپس موٽڻو پيو ۽ سندس فتحن جو سلسلو هتي اچي بيهي رهيو، پر صرف يارهن سالن جي فوجي مهم دوران سڪندر هڪ اهڙي وڏي سلطنت قائم ڪئي، جيڪا يونان کان ايشيا مائنر، مصر ۽ فارس کان ٿيندي هندستان تائين پکڙيل هئي، پر جنهن نوجوان بادشاهه ايتري وڏي دنيا فتح ڪئي، تنهن لاءِ زندگيءَ جو آخري دشمن ڪا وڏي فوج نه، پر هڪ پراسرار بيماري بڻجي وئي. تاريخي روايتن مطابق 338 ق. م ۾ سڪندر بابل ۾ هو. سندس عمر تقريبن 32 سال هئي. جڏهن اوچتو سندس طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي.
قديم ماخذن ۾ سندس آخري بيماري جا مختلف تفصيل ملن ٿا. انهيءَ ۾ بخار، پيٽ ۾ شديد سور، ڪمزوري ۽ آهستي آهستي جسم جي حرڪت ختم ٿيڻ جو ذڪر ملي ٿو. ڪجهه روايتن ۾ شراب پيئڻ کانپوءِ بيماري شروع ٿيڻ جو بيان پڻ آهي. جديد دور ۾ وري ماهرن مختلف امڪان پيش ڪيا آهن، جن ۾ مليريا، ٽائيفائيڊ، زهريلو مادو ۽ ٻيون بيماريون شامل آهن.
سڪندر جي موت جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ سندس موت بابت جيڪي تفصيلي روايتون موجود آهن، اهي واقعي کان ڪيترائي سال پوءِ جي لکيل ماخذن ذريعي اسان تائين پهتيون آهن. تنهنڪري انهن کي بلڪل لفظ به لفظ اکين ڏٺي شاهدي سمجهڻ ۾ احتياط ضروري آهي، پر انهن روايتن مان هڪ تفصيل اهڙو آهي، جيڪو ھر روايت ۾ ساڳيو آھي ۽ جنهن صدين کان مورخن ۽ طبي ماهرن کي حيران پڻ ڪيو آهي ۽ اھو تفصيل اھو آھي ته مرڻ کانپوءِ مختلف سببن جي ڪري سڪندر جو لاش ڇهن ڏينهن تائين رکيو ويو، پر ان دوران اھو نه خراب ٿيو نه ان ۾ ڪا بدبو پيدا ٿي!
قديم روايت موجب سندس جسم گرم ۽ نمي واري ماحول ۾ رکيل هو، پر ان جي باوجود ان ۾ اهڙي خرابي نظر نه آئي، جيڪا عام طور تي موت کانپوءِ توقع ڪئي ويندي آهي. قديم يونانين لاءِ اهو واقعو هڪ مافوق الفطرت نشاني بڻجي ويو. ڪجهه ماڻهن ان کي سڪندر جي غير معمولي حيثيت سان ڳنڍيو ۽ سمجهيو ته شايد هو عام انسان نه، پر خدائي نسبت رکندڙ شخص هو ۽ ڪجهه ماڻهن ان کي يوناني ديوتا زيوس جو پٽ قرار ڏنو، پر هزارين سال پوءِ 2018 ۾ هڪ ڊاڪٽر هن واقعي کي ٻئي انداز سان ڏسي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو! 2018ع ۾ نيوزيلينڊ جي يونيورسٽي آف اوٽاگو سان لاڳاپيل طبي ماهر ڊاڪٽر ڪيٿرين هال سڪندر جي موت بابت هڪ تحقيق شايع ڪئي، جنهن جو عنوان هو:
“Did Alexander the Great Die from Guillain-Barr Syndrome?”
هي تحقيق The Ancient History Bulletin ۾ شايع ٿي. ڪيٿرين هال جو بنيادي خيال اهو هو ته سڪندر جي موت کي صرف بخار ۽ پيٽ جي سور جي بنياد تي سمجهڻ ڪافي ڏکيو آھي. انھيءَ ڪري سندس بيماريءَ جي سموري ترتيب کي گڏ ڏسڻ گهرجي. انھيءَ ڪري ھال لاءِ سڀ کان اهم سوال اھو ھو ته “جيڪڏهن سڪندر ان وقت واقعي مري چڪو هو ته پوءِ سندس جسم ڇهن ڏينهن تائين خراب ٿيڻ کان ڪيئن بچيو؟ انهيءَ ڪري ھن سوال جو جواب ڳولهڻ لاءِ هال قديم تاريخي بيانن کي جديد طبي علم سان ڀيٽيو.”
هال جي تحقيق موجب سڪندر جي بيماريءَ ۾ ڪجهه اهڙيون نشانيون هيون، جيڪي عام بخار واري بيماريءَ کان وڌيڪ اهم آهن. جنهن ۾ پهريون، کيس بخار ٿيو. ٻيو، کيس پيٽ ۾ سور ٿيو ۽ ٽيون سڀ کان اهم، سندس جسم ۽ مٿي ڏانهن وڌندڙ فالج جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي. يعني جسم جي حرڪت آهستي آهستي گهٽ ٿيندي وئي. هال جي نظر ۾ اها نشاني خاص اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته جديد ميڊيڪل ۾ اهڙي قسم جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڪمزوري کي فالج جو هڪ مشهور سبب Guillain-Barr Syndrome (GBS) چئبو آهي ۽ اھا Guillain-Barré Syndrome هڪ اهڙي اعصابي حالت آهي، جيڪا جسم جي مدافعتي نظام کي نقصان پهچائي ٿي ۽ ان سان عضون ۾ تيزيءَ سان ڪمزوري پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ سخت حالتن ۾ ساهه کڻڻ وارا عضوا به متاثر ٿي سگهن ٿا. ڪيٿرين ھال جو خيال هو ته سڪندر کي بهGBS جو هڪ خاص قسم، يعني Acute Motor Axonal Neuropathy (AMAN)، ٿيو ھو. سندس مطابق اهو ممڪن آهي ته هن کي اهڙي بيماري ڪنهن Campylobacter jejuni نالي جراثيم سان ٿيل انفيڪشن کانپوءِ ٿي هجي.
قديم بيانن مان هال کي اهو به اهم لڳو ته سڪندر سخت بيمار هوندي به آخري وقت تائين ذهني طور هوش ۾ هو. يعني سندس جسم ڪمزور ٿيندو ويو، پر ذهن لازمي طور تي ان ئي رفتار سان متاثر نه ٿيو. انهيءَ ڪري ھال جو خيال هو ته سڪندر کي GBS جو ھڪ اهڙو شديد قسم ٿيو هو، جنهن ۾ جسم جا عضوا لڳ ڀڳ مفلوج ٿي وڃن ٿا ۽ سندس ساهه کڻڻ جون حرڪتون ايتريون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون جو قديم طبي مشاهدي ۾ انهن کي محسوس ڪرڻ تمام ڏکيو ھو ۽ اھڙي صورتحال کي ميڊيڪل جي اصطلاح ۾ Pseudo Thanatos چئجي ٿو يعني اهڙي حالت، جنهن ۾ ڪنهن زنده انسان کي مئل سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر هال جو مفروضو اهو هو ته شايد سڪندر جو جسم تقريبن مڪمل طور تي مفلوج ٿي ويو هوندو، جڏهن ته سندس دماغ ۽ شعور اڃان ڪجهه وقت تائين ڪم ڪري رهيا هئا، پر شديد فالج ۽ تمام گهٽ نظر ايندڙ ساهه سبب قديم طبيب شايد اهو سمجهي ويٺا ته سندن بادشاهه مري چڪو آهي، ليڪن ان صورت ۾ ڇهن ڏينهن تائين لاش جو خراب نه ٿيڻ ڪنهن معجزي جي ڪري نه، پر ان ڪري ٿيو ھو جو سڪندر اڃان مئو ئي نه هو ۽ اھا ئي ڳالهه ئي هال جي نظريي کي وڌيڪ پختو بڻائڻ ۾ مدد فراھم ڪري ٿي.
اڄ ڪنهن شخص جي موت جي تصديق لاءِ جديد ميڊيڪل وٽ ڪيترائي طريقا موجود آهن، پر 2300 سال اڳ نه جديد مشينون هيون، نه جديد اعصابي جاچ ڪرڻ جا طريقا ۽ نه ئي وري دل جي ڌڙڪن ۽ دماغي سرگرمي ماپڻ جا جديد اوزار دستياب ھئاـ هال دليل ڏي ٿي ته اڄ اسان نبض چيڪ ڪري به ڪنهن جي زنده يا مرده ھجڻ جي تصديق ڪري سگھون ٿا، پر قديم زماني ۾ ساهه جي موجودگي موت يا زندگيءَ جي سڃاڻپ لاءِ تمام اهم هئي ۽ ماڻهو جي موت جي تصديق ان جي ساھ کڻڻ يا نه کڻڻ کي ڏسي ڪري ڪئي ويندي هئي انهيءَ ڪري جيڪڏهن ان زماني ۾ ڪو انتهائي مفلوج ماڻهو جيڪو ساهه تمام گهٽ ۽ ڏکيو کڻي رھيو ھجي ان کي زنده چوڻ يا سڃاڻڻ انتهائي ڏکيو ھو. ڪيٿرين ھال جي مطابق اڄ جي ميڊيڪل سائنس ۾ به اهڙا دستاويزي مثال موجود آهن، جتي شديدGuillain-Barr Syndrome يا ان جي خاص قسمن ۾ مريض جون حرڪتون ۽ ساھ کڻڻ جو عمل ايترو ته گھٽجي ويو جو ان مريض جي حالت ظاهري طور انتهائي سنگين يا ٻين لفظن ۾ دماغي موت جهڙي نظر اچڻ لڳي.
هال جي خيال ۾ سڪندر جي جسم جي گهٽ ٿيندڙ حرڪت، سندس ذهني سجاڳي ۽ مبينا طور تي ڇهن ڏينهن تائين جسم جي خراب نه ٿيڻ کي گڏ رکڻ سان هڪ نئون امڪان پيدا ٿئي ٿو ۽ اھو ممڪن آهي ته جنهن ڏينهن سڪندر کي مئل قرار ڏنو ويو، ان ڏينهن سندس اصل موت نه ٿيو هجي، پر جيڪڏهن واقعي ائين ٿيو ته پوءِ سندس جسم سان ان کانپوءِ جيڪي رسمون ٿيون، انهن بابت هڪ انتهائي خوفناڪ امڪان پيدا ٿئي ٿو ته شايد کيس اهڙي حالت ۾ مئل سمجهيو ويو، جڏهن هو اڃان زنده هو.
هال جي نظريي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ اسان کي اهو ڇهن ڏينهن وارو تفصيل به ذھن ۾ رکڻو پوندو. ڇو ته عام طور تي موت کانپوءِ جسم ۾ تبديليون اچڻ شروع ٿين ٿيون ۽ قديم بابل جي گرم ماحول کي نظر ۾ رکندي، هال جو نظريو وڌيڪ پختو نظر اچي ٿو ته اھڙي گرم ماحول ۾ سڪندر جو جسم مبينا طور تي ڇھن ڏينهن تائين تازو ڪيئن رهيو. قديم ماڻهن لاءِ ان جو جواب خدائي نشاني ٿي سگهي ٿو، پر اڄ جي دور ۾ ان مفروضي کي سائنس جي نظر سان ڏٺو وڃي ۽ بقول ھال جي سڪندر جي جسم جو خراب نه ٿيڻ جو ڪارڻ اھو ھو ته ھو ان وقت زنده ھو جنهن وقت ان کي مئل سمجھيو ويو.
بهرحال ڪيٿرين هال جي تحقيق هڪ retrospective diagnosis آهي، يعني هزارين سال اڳ جي هڪ تاريخي شخص جي علامتن کي جديد طبي علم جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ جي ڪوشش. ڇو ته سڪندر جو جسم اسان وٽ موجود ناهي ۽ نه ان تي ڪا جديد طبي ٽيسٽ ٿي سگهي ٿي. جڏھن ته سندس موت بابت اصل شاهدين جو وڏو حصو اسان تائين پوءِ جي قديم تاريخدانن جي ذريعي پهتو آهي. تنهنڪري حتمي تشخيص ممڪن ناهي. ان کان علاوه وري سڪندر جي موت بابت ٻيا نظريا به موجود آهن. جنھن ۾ ڪجهه محققن ٽائيفائيڊ بخار کي ممڪن سبب سمجهيو آهي. جڏهن ته ٻين مليريا يا ٻين انفيڪشنن تي بحث ڪيو آهي. 2021ع جي هڪ طبي تاريخي مطالعي ۾ ٽائيفائيڊ واري مفروضي لاءِ بخار ۽ شعور جي گهٽتائي سان لاڳاپيل دليل پڻ پيش ڪيا ويا ھئا. بهرحال سڪندر جي موت بابت انهن سڀني نظرين مان سڀ کان وڌيڪ سگھارو نظريو ڊاڪٽر ڪيٿرين ھال جو ئي نظر اچي ٿو، پر هال جي نظريي کي تاريخ جو آخري فيصلو سمجهڻ بدران، هڪ اهڙي تحقيق طور ڏسڻ گهرجي جنهن سڪندر جي موت جي پراڻي راز کي نئين طبي سوال سان ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو آھي.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو