ڪرمپور ڪنڌڪوٽ ۾ 50 ڏينهن نوڪري ڪرڻ کان بعد ڪراچي واپسي ٿيڻ ۽ 12 ڏينهن موڪل ملڻ کانپوءِ فقيرياڻيءَ ۽ ڌيئڙيءَ سان سير و تفريح جو منصوبو جوڙڻ لڳس، پر جيئن ته سومر 04.12.2023 تي ڳوٺ کاهي ڳڙهي ياسين ۾ سالن کان هلندڙ قبيلائي تڪرارن ۽ خوني جهيڙن عيوض ذات ۽ برادري سطح تي منهنجي گهر واريءَ جو 15 سالن جي عمر ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڀائٽيو علي شاد ولد شاهد علي مهر ۽ هڪ ٻيو قريبي عزيز محمد عاصم ولد مهتاب علي مهر عمر 15 سال جن کي شفقت پئٽرول پمپ وٽ معرفاڻين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو هو سا انهيءَ غم منجھ مبتلا هئي، تنهنڪري هن ڀيري ڪيڏانهن به گهمڻ کان انڪار ڪري رهي هئي پوءِ به جيئن تيئن ڪري کيس راضي ڪيم ته جيئن دل جو ماحول مٽجيس سو آخرڪار ها ڪيائين.