جيجي زرينه بلوچ جي ريڊيو تي ڳايل مقبول سهرو ”وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو“ جي شاعر، اديب ۽ استاد سائين بلاول پرديسي سان نيازمندي ڪاليج جي زماني کان هئي. پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي گهر هيرآباد کان گول بلڊنگ تائين روزاني شام جو پسار ڪندي نظر ايندا هئا ۽ اهڙي طرح اسان جي سلام دعا ٿيندي رهندي هئي.