ڀِتِ، هيءَ ڀِتِ آهي: مزاح ۽ فلسفي تي ٻڌل ڪالم
Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ
پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.
انساني شعور اها وٿ آهي، جيڪا انسان کي ٻين جاندارن کان ممتاز ڪري ٿي؛ پر هن شعور جي به عجيب طبيعت آهي. ڪڏهن ڪجهه نه هوندي به انسان پاڻ کي ڪائنات جو مالڪ سمجِهي مست رهي ٿو ۽ ڪڏهن سڀ ڪجهه هوندي به اڻهوند جي پِيڙا ۾ پچندو ۽ پڄرندو رهي ٿو. هُو ڪڏهن فقيريءَ ۾ بادشاهت جو مزو وٺي ٿو ته ڪڏهن بادشاهت ۾ فقيريءَ جو روڳ پاليندو آهي. هُو ڪڏهن پنهنجي ئي گهڙيل ڪهاڻين تي اهڙو يقين ڪري ٿو، جو مشاهدو ماڻيل حقيقت ۽ ان جا دليلَ دروازي تان ئي واپس موٽي وڃن ٿا، نتيجي ۾ ٺوس حقيقتون به شڪ جي وادين ۾ گم ٿِي وڃن ٿيون. اهوئي شعور ڪڏهن انسان کي انسانيت جي اعليٰ قدرن خاطر پنهنجِي جان قربان ڪرڻ جي همت ڏئي ٿو ته ڪڏهن انا ۽ اقتدار جي نشي ۾ کيس لکين انسانن جو جانِي دشمن بڻائي ڇڏي ٿو ۽ ڪيترائي قتل ڪرائي ٿو. عقل ۽ بي عقليءَ جي وچ ۾ جيڪا ڀِتِ آهي، سا به شايد انساني شعور ئي اڏيندو ۽ ڊاهيندو رهي ٿو!
شايد ڀِتِ به انساني شعور جي اهڙي ئي دلچسپ تخليق آهي. تهذيب جي ابتدائي دور ۾ انسان رڳو سوچيو نه، پر “هي منهنجو، اِهو تنهنجو” واري فلسفي کي عملي جامو پهرائيندي پٿرن ۽ سِرن سان ڀِتِيون جوڙيون. گهر، آفيس، دڪان، ادارو، مارڪيٽ، محل، جيل، جتي به جاءِ الڳ ڪرڻي هجي، اتي ڀِتِ هڪئِي تڪئِي حاضر آهي! هن مضمون ۾ ڀِتِ مان مراد اُها اڏاوت آهي، جيڪا هڪ جاءِ کي ٻي جاءِ کان الڳ ڪري ٿي، چاهي اها مڪمل عمارت جي صورت ۾ هجي يا عمارت جو ڪو حصو هجي. مختصر طور، ڀِتِ اها انساني تخليق آهي جيڪا حد به ٺاهي ٿِي ۽ سڃاڻپ به! اچو ته هن مزاحيه مضمون ۾ ڀِتِ بابت ۽ ڀِتِ جي ڪجهه اهم ۽ ڳُوڙهن تصورن تي روشني وجھون.
ڪائنات ۾ کربين ڪهڪشائن، ستارن ۽ سيارن کي سندن ڪششِ ثقل پنهنجي پنهنجي خمدار شڪل، وقت ۽ وِٿِي بخشي ٿي. سماج ۾ شين کي الڳ ڪرڻ ۽ سڃاڻڻ جو ڪم انسان ورِي ڀِتِ کان وٺي ٿو. ڀِتِ ڄڻ ته انساني تهذيب جي بنا پگهاردار چوڪيدار آهي؛ هوءَ چوي ٿي: “هي گهر تنهنجو، اِهو پاڙيسريءَ جو؛ هي آفيس توهان جي، هوءَ آفيس هُنن جي!” فرق رڳو ايترو آهي جو ڪائنات ۾ سيارا مدار ۾ رهن ٿا، جڏهن ته اسان کي پاڙيسريءَ جي ڪُتي کان بچڻ لاءِ ۽ پاڙيسري جِي ٻڪريءَ کي اسان ۽ اسان جي ڪُتي کان بچڻ لاءِ ڀِتِ کپي!
ڀِتِ جو بنيادي ڪم رڪاوٽ وجھڻ ۽ حفاظت ڪرڻ آهي، پر ياد رهي ته مڪمل رڪاوٽ به انسان کي قبرستان جو مستقل رهواسي بڻائي سگهي ٿي، تنهنڪري ڀِتِ ۾ دروازا، دريون، روشندان رکڻا پون ٿا. دروازا، دريون، روشندان نه به هجن تڏهن به ڀِتِ ۾باريڪ مائيڪرو ۽ نينو (ميٽر جيترا) سوراخ ضرور هوندا آهن ته جيئن هوا، روشني ۽ گيسن جا ماليڪيول پنهنجِي اچ وڃ جو ڪاروبار جاري رکي سگهن. آڪسيجن ۽ ٻيون گيسون ڀِتِ جي باريڪ سوراخن مان ائين اچ وڃ ڪن ٿيون، ڄڻ کين تاحيات “پاسپورٽ ۽ وِيزا فِري” سهولت مليل هجي. مقناطيسي اثر، ڪششِ ثقل ۽ برقي مقناطيسي لهرون به ڀِتِ کي اهڙيءَ طرح پار ڪن ٿيون، ڄڻ “No Entry” جو بورڊ رڳو ماڻهن ۽ مِرُن لاءِ هجي. آخر ۾ تابڪاري ۽ گرمي به ڀِتِ منجهان پنهنجي رستو ڪڍي وٺن ٿا. ٻين لفظن ۾ ڀِتِ رڙيون ڪري چئي رهِي آهي ته: “سڀني کي روڪڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي؛ مون کان جيترو ٿي سگهيو، اوترو روڪيم”! هڪ سڌي ڀِتِ سادِي رڪاوٽ آهي؛ جي چار ڀِتِيون گڏ ٿين ۽ مٿان ڇت پئجي وڃي ته ساڳي رڪاوٽ گهر، آفيس، دڪان يا ادارو بڻجي وڃي ٿي. ان کانپوءِ ڀِتِ تي دروازا، دريون، ڪٻٽَ، جارا لڳِي وڃن ۽ رنگ روغن به ٿِي وڃي ته ڀِتِ رڳو رڪاوٽ نه، پر زندگيءَ جو مڪمل ڍانچو ۽ اِيڪو سسٽم بڻجي وڃي ٿي. يعني اڪيلي ڀِتِ چوي ٿي: “مان رستو روڪيان ٿي” ۽ ڇِتِ ۽ فرنيچر سميت چار ڀِتِين جي وحدت چوي ٿي: “هاڻي هي جاءِ ڪِرائي تي رهائش لاءِ خالي آهي”!
ڀِتِ ٻاهرين ماحول جون ڪيتريون ئي مصيبتون پاڻ تي وسائي ٿي ۽ اندر جي مڪينن کي محفوظ رکي ٿي. گرمي، سردي، مِينهن، هوا، مِٽي ۽ ٻيون مصيبتون پهريان ڀِتِ سان ٽڪر کائين ٿيون؛ ڀِتِ ڄڻ ته کين محبِ وطن وانگر للڪاري ٿِي ته: “پهريان مون سان معاملو ڪريو، پوءِ منهنجي مالڪن ۽ مڪينن تائين پهچجو!” ها اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ٻين شين وانگر ڀِتِ پڻ “اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولِي هنج جي” وانگر وڏِي اداڪاره آهي. سندس اداڪاري پلستر ۽ رنگ روغن سان شروع ٿئي ٿي. سندس اندر ۾ چاهي سِرن، بلاڪن، جوڙن ۽ اوساريءَ جون ڪيئي خاميون هجن، پر هوءَ ٻاهران بلڪل بي داغ ۽ خوبصورت نظر اچي ٿِي؛ يعني پلستر ڀِتِ جو ميڪ اپ آهي، جيڪو گهوٽَ کان سندس ڪنوار جا عيب لڪائي ان کي سندس سامهون “مس ورلڊ” بڻائي پيش ڪري ٿو. ڀِتِ جي هڪ خوبي اها به آهي ته اها پنهنجي وجود سان ڀروارِي ڀِتِ کي سهارو ڏئي ٿي، پر پاڻمرادو ڪنهن سان نفرت، تعصب يا دشمني نه ٿِي ڪري. ڪير به ڇانوَ يا سهارو گُهري ٿو، ته ڀِتِ لاءِ سڀ برابر آهن! هوءَ شايد ايئن چوڻ ٿِي چاهي ته، “ڪاش اي انسان! تون مون مان هڪٻئي سان تعاون ۽ هڪٻئي تي انحصاري جو سبق سکِين ها.” ڀت ماڻهوءَ کي فخر سان پنهنجي بقا جو اصول “آئون توکي سهارو ڏيان ٿي ۽ تون به مون کي سهارو ڏي” سمجهائيندِي رهي ٿِي، پر افسوس انسان ورِي ڀِتِ کي ئي استعمال ڪندي انتشار پکيڙي ٿو: “هي علائقو اسان جو آهي، ان ڪري باقي سڀ نِڪرو ٻاهر”!
ڀِتِين وٽ انسانن جا شايد سڀ کان گهڻا رازَ محفوظ آهن. گهرن جون خوشيون، غميون، جهيڙا، محبتون، سازشون، ٻارن جون شرارتون ۽ وڏن جا “هي ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائجانءِ” جهڙا انيڪ رازَ ڀِتِيون پنهنجي سيني ۾ هر وقت سانڍيو بيٺيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀِتِ سڀ ڪجهه ٻُڌي ٿي، پر شُڪر آهي جو گواهي ڏيڻ عدالت ۾ نٿي وڃي! ان ڪري چوندا آهن ته، “ڀِتِين کي به ڪَنَ آهن.” ٻئي پاسي ڀِتِ جو ٻيو اهم ڳڻ سندس خاموشي آهي. ان ڪري اهو به چوندا آهن ته، “ايئن ڪُڇي ڄڻ ڀِتِ!” ڀِتِ واقعي انسان جِي سڀ کان خاموش همراز آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڀِتِ جو تصور رڳو سِرن ۽ سيمينٽ تائين محدود نه آهي، پر اها سماجي زندگي جو حصو آهي؛ اهوئي سبب آهي جو ان کي محاورن ۾ به مستقل جاءِ مليل آهي. “ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪانون ڪيرائي وِڌي” جهڙا محاورا ٻڌائين ٿا ته ڀِتِ هاڻي اڏاوت کان اڳتي وڌي انساني حالتن ۽ سماجي تجربن جي علامت به بڻجي چڪي آهي. ڀِتِ جو هڪ وڏو سبق ان جي سِرن ۾ لڪل آهي. هر سرَ مضبوط هجي، پنهنجي جاءِ تي صحيح بيٺل هجي ۽ ٻين سِرن سان مناسب نموني جڙيل هجي ته پوءِ ڀِتِ مضبوط بڻجي ٿي؛ ڪمزور سِرن، سيمينٽ جي ناقص ريشي سان ڪيل اوساري تي ڪيترو به خوبصورت پلستر چڙهيل هجي ته اهو سندس ڪمزوريءَ کي لڪائيندو، پر ختم نه ڪري سگهندو. انسان ۽ سماج جي مضبوطي تي پڻ ساڳيو اصول لاڳو ٿئي ٿو. ان ڪري مضبوط عمارت گهربل هجي يا مضبوط سماج، ان لاءِ بنياد ۽ بنيادي گهرڙا مضبوط هجڻ گهرجن، اهي مضبوطي سان هڪ ٻئي سان جُڙيل هجڻ گهرجن؛ رڳو ظاهري رنگ روغن ڪافي ناهي!
ڀِتِ جو سڀ کان وڏو مذاق اهو آهي ته انسان ڀِتِ پنهنجي لاءِ ٺاهي ٿو، پر ان جا رهواسي رڳو انسان ناهن! ڪِيليون، ماڪوڙيون، تڏون، ڪاڪروچَ، ڪوئا ۽ ٻيا جيت جڻا به ان کي حڪومت طرفان مفت ۾ مليل گهر سمجِهي ان ۾ رهن ٿا. ماڻهو چوي ٿو: “هي منهنجو گهر آهي!” ڪوئو وري دل ۾ چوي ٿو: “ها، پر اناج وارو ڪمرو ته اسان جو آهي!” ساڳِي طرح سان ڪِيليون ۽ ماڪوڙيون توڙي ٻيا جيت جڻا سندس مالڪ بڻجي رهن ٿا. الميو اهو آهي ته مڪين ۽ رهواسِي چاهي ڪير به هجن، پر مستقل ڪير به نٿو رهي! هرڪو اتي پنهنجو پنهنجو وقت ڪڍي ٿو، يعني اهو فقط هڪ پاڙيسري طور رهي ٿو ۽ پاڙيسري هميشه کان مٽجندا رهن ٿا!
ڀِتِ کي رڳو سِرن، سيمينٽ ۽ پلستر جي بيجان اڏاوت سمجهڻ ان سان ناانصافي آهي. اها رڪاوٽ به آهي، ته سهارو به؛ اها حفاظت به آهي ته حدبندي به؛ اها پردو به آهي، ته رازدار به؛ اها ظاهري خوبصورتيءَ سان خامين کي لڪائيندڙ ميڪ اپ آرٽسٽ به آهي، ته مفت ۾ ٻين جي پناهه گاهه به! پر ڀِتِ جو سڀ کان وڏو فلسفو شايد اهو آهي ته ماڻهن، شين، ادارن ۽ لقائن لاءِ حدون ضروري آهن جيڪي اها حتيٰ الامڪان فراهم ڪري ٿي. ڀِتِ طرفان جوڙيل حدون ۽ رڪاوٽون سڀني شين ۽ قوتن کي مڪمل طور روڪي نٿيون سگهن. ڀِتِ هوا، روشني ۽ آواز کي ڪنهن حد تائين روڪي سگهي ٿي، پر انهن کي توڙي لاڳاپيل مخلوقن جي زندگيءَ کي مڪمل طور قيد نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري انسان لاءِ بهترين ڀِتِ اُها آهي، جيڪا حفاظت ڪري، پر قيد نه ڪري؛ حد مقرر ڪري، پر نفرت نه پيدا ڪري؛ سهارو ڏئي، پر رستو مڪمل بند نه ڪري. آخري سبق طور ڀِتِ به اسان کي اهوئي سيکاري ٿي ته دنيا ۾ حد بندي ضروري آهي، پر ڪابه حدبندي پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل ناهي، شايد ڀِتِ جي اصل شرارت به اهائي آهي!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟