والٽيئر جي جيون ڪٿا (قسط ٽين)
Kamran Jatoi انجنيئر، تعليمدان، مفڪر، ليکڪ
اليڪٽريڪل انجنيئر (فلسفو، سائنس، اينٿروپالاجي پسنديده موضوع)
والٽيئر جي فريڊرڪ اعظم سان هڪ گهري ۽ عجيب و غريب دوستي چوٽ چڙهي رهي هئي. فريڊرڪ ان وقت اڃان شهزادو هو، پر هڪ ڏينهن کيس پروشيا جو بادشاهه ٿيڻو هو. هُو شڪي مزاج، روادار ۽ انسانيت نواز خيالن سان لبريز هو. کيس جنگ کان نفرت ۽ علم سان محبت هئي، هن والٽيئر جو قدر ڪيو ۽ پنهنجي گهري بصيرت سان کيس يورپ جو عظيم ترين انسان قرار ڏنو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ خطن جو سلسلو تمام وسيع هو ۽ هر قسم جي ڏکيائين ۽ جهيڙن جي باوجود سندس موت تائين جاري رهيو. فريڊرڪ کيس “پيارا دوست،” “سحر انگيز، ڏاها والٽيئر،” “عظيم روح،” “فڪر رکندڙ انسانن ۾ اول” چئي مخاطب ڪندو هو. والٽيئر لاءِ فريڊرڪ “مارڪس اوريليل،” “اتر جو ستارو،” “بادشاهن ۾ بادشاهہ نه، پر انسانن ۾ بادشاهه” هو. فريڊرڪ ھڪ دفعي چيو هو ته سندس سڄو عقيدو “هڪ خدا ۽ هڪ والٽيئر” تي ٻڌل هو. هڪ ڊگهي وقت تائين هنن هڪٻئي کي پري کان چاهيو، جو محبت ڪرڻ جو هميشه هڪ محفوظ طريقو هوندو آهي. فريڊرڪ مسلسل والٽيئر کي پنهنجي درٻار ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو، پر ميڊم ڊي شيٽليٽ رستي جي رڪاوٽ هئي. هوءَ هڪ ساڙيلو عورت هئي. هڪ ڊگهي وقت تائين هن کيس اهو سفر ڪرڻ کان روڪي رکيو. فريڊرڪ کيس اچڻ لاءِ اصرار ڪيو، تنهنڪري هن انتظام ڪيو ته هُو ميڊم ڊي شيٽليٽ کي به پاڻ سان وٺي اچي. فريڊرڪ جواب ڏنو ته جيڪڏهن هو چاهي ته کيس آڻي سگهي ٿو، پر هن ترجيح اها ٿي ڏني ته والٽيئر اڪيلو اچي. نيٺ، وڏي بي دليءَ سان، ميڊم ڊي شيٽليٽ کيس وڃڻ جي موڪل ڏني ۽ هن اهو سفر ڪيو.
بادشاھہ ۽ والٽيئر ڪجهه وقت تائين هڪٻئي جي سحر ۾ گرفتار رهيا. والٽيئر فريڊرڪ جي نظمن جي اصلاح ڪندو هو، کيس فرانسيسي ٻوليءَ ۾ مدد ڪندو هو، پنهنجي شاندار صحبت سان کيس محظوظ ڪندو هو، هڪ ٻئي جي تعريف ڪندا هئا ۽ هو (والٽيئر) ان جي درٻار جي رونق هو؛ پر سڀ ذهين ماڻهو ڏکيا هوندا آهن، خاص ڪري جڏهن هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ موجود هجن. ذهانت کي تنگ حدن يا روايتن ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي، توڻي جو اهي حدون ۽ روايتون ڪنهن ٻئي ذهين ماڻهوءَ جون ئي ڇو نه هجن. سندن دوستي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ هو واپس ميڊم ڊي شيٽليٽ ڏانهن هليو ويو؛ پر تنهن هوندي به… پر هو ٻئي فاصلي جي باوجود هڪٻئي ڏانهن لکندا رهيا. والٽيئر دنيا جو هڪ عظيم ترين انسان هو ۽ فريڊرڪ ڌرتيءَ جو عظيم ترين شهزادو هو. فريڊرڪ ۽ والٽيئر ٻنهي کي جنگ کان نفرت هئي. ٻنهي جو يقين هو ته انسانن لاءِ هڪ ٻئي کي مارڻ کان بهتر ڪجھہ ٻيو به آهي. والٽيئر کي فريڊرڪ مان تڏهن وڏيون اميدون هيون، جڏهن هو بادشاھہ بڻجي ها.
والٽيئر، فريڊرڪ جي ڪمن ۽ سندس بدلجندڙ خيالن کان پنهنجي بيزاريءَ کي ڪڏهن به نه لڪايو، پر ان جي باوجود سندن دوستي قائم رهي. ورهين تائين هو هڪٻئي ڏانهن فلسفي، ادب، مذهب، زندگي، اخلاقيات ۽ جنگ بابت لڳاتار خط لکندا رهيا؛ پر پوءِ به والٽيئر ڊي شيٽليٽ جي جاگير تي ئي رهندو هو. جڏهن والٽيئر پنجاهہ سالن جو ٿيو ته ڪارڊينل فليوري لاڏاڻو ڪري ويو. هو فرينچ اڪيڊميءَ جو رڪن هو ۽ والٽيئر سندس خالي ٿيل جاءِ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو. اها رڪنيت والٽيئر لاءِ ڪهڙي ڪم جي هئي، اهو سمجهڻ ته ڏکيو آهي، پر ظاهري ڏيکاءُ، نشان ۽ تمغا هر ڪنهن کي پسند هوندا آهن. تنهنڪري والٽيئر اها سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿو. ميڊم ڊي شيٽليٽ هن جي مدد ڪئي. کيس بادشاهہ جي حمايت گهُربل هئي ۽ بادشاھہ تائين پهچڻ لاءِ سندس پسنديده مها راڻي، ميڊم ڊي پومپاڊور جو سهارو وٺڻو پيو، پر پوپ جي مرضيءَ کانسواءِ ٻئي ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيا. تنهنڪري والٽيئر سڀ کان پهريان ميیڊم ڊي پومپاڊور تي پنهنجي قلم جو جادو هلائڻ شروع ڪيو. هن سندس شان ۾ قصيدا لکيا، جن مان هڪ جو آغاز هن ريت هو: “اي پومپاڊور! هر حسن، هر ادا ۽ هر فن، تنهنجي ذات ۾ ئي سمايل آهي.” ظاهر آهي ته هوءَ هن جي سحر ۾ اچي وئي. هن بادشاهہ کي راضي ڪيو ۽ پوءِ والٽيئر پوپ جي دل کٽڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي. والٽيئر ڪوبه ڪم اڌورو نه ڇڏيندو هو. جيڪڏهن هو ڪنهن شيءِ جي پويان پوندو هو ته ان کي ختم ڪري پوءِ ڇڏيندو هو. هن اڳي ئي پنهنجو ھڪ ناٽڪ لکي ورتو هو. ان ناٽڪ کي مذهبي طور “ڪفر ۽ بي ادبي” تي ٻڌل قرار ڏئي ساڙڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، پر تنهن هوندي به والٽيئر جو خيال هو ته پوپ شايد هن جي ناٽڪ کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهي. هن سماج جي بااثر ماڻهن کي طويل خط لکيا ته جيئن ثابت ڪري سگهي ته هو ڪيترو سچو عيسائي ۽ مذهبي انسان آهي، پر هو ڪنهن کي به دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. اڪيڊمي کيس هڪ ڪارڊينل جي جانشين طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر ٻئي پاسي، انگلينڊ کيس “رائل سوسائٽي” جو رڪن چونڊيو ۽ جرمنيءَ پنهنجي “هال آف فيم” ۾ کيس جڳهه ڏني. فرانس کانسواءِ هر ڪنهن کيس مڃتا ڏني، پر هُو اڃان تائين مطمئن نه هو. هن پوپ کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. هن پنهنجا سمورا ادبي پورهيا پوپ کي پڙهي ٻڌايا، سندس وڏي تعريف ڪئي، جنهن تي پوپ کيس پنهنجو “پيارو فرزند” سمجهڻ لڳو ۽ کيس “دعائون” موڪليون. ان کانپوءِ والٽيئر پوپ کان پنهنجو هڪ ناٽڪ کيس منسوب ڪرڻ جي اجازت گهري. جيتوڻيڪ اهو ناٽڪ ڪفر قرار ڏئي ساڙيو ويو هو، پر پوپ ان جي اجازت ڏئي ڇڏي. پوپ شايد سوچيو هوندو ته والٽيئر کي دشمن بنائڻ کان بهتر آهي ته کيس دوست بڻائجي. تنهنڪري هن کيس “مقدس دعا” موڪلي ۽ ان جي ديباچي کي قبول ڪندي کيس خط لکيو. والٽيئر جواب ۾ لکيو ته: “هو هيءَ تخليق هڪ ڪوڙي مذهب جي بانيءَ جي خلاف، سچي مذهب جي سربراھہ جي قدمن ۾ پيش ڪري ٿو.” هن ڪارڊينل جي خوشامد ڪئي ۽ پوپ جي فضيلتن تي جهومي پيو.
ميڊم پومپاڊور، بادشاھہ ۽ پوپ جي پٺڀرائيءَ سان، والٽيئر جي ڪاميابي يقيني ٿي وئي. ڪجهه سالن کانپوءِ هڪ ٻي سيٽ خالي ٿي ۽ ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ والٽيئر کي آخرڪار فرينچ اڪيڊميءَ جو رڪن بڻايو ويو. اهو به تڏهن، جڏهن يورپ جون تقريبن ٻيون سڀ علمي سوسائٽيون اڳي ئي کيس پنهنجو رڪن بڻائي چڪيون هيون. نون رڪنن لاءِ اها روايت هئي ته هو اڪيڊميءَ آڏو هڪ مقالو پڙهندا هئا. جڏهن والٽيئر جو وارو آيو ته هو پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿيو. هن جو مقالو تيز، طنزيه، جرئت منداڻو ۽ مذهبي روايتن کي ڌوڏيندڙ هو. هن ان وقت جي انهن معزز شخصيتن کي ڏمرايو، جن اهو مقالو ٻڌو يا پڙهيو هو. کين پڇتاءُ ٿيڻ لڳو ته هن کي رڪن ڇو بڻايو ويو آهي، پر هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي هئي. کين اها خبر هجڻ کپندي هئي ته “چيتو پنهنجا چٽ ڪڏهن به ناهي مٽائيندو.” هڪ ڀيرو ٻيهر کيس درٻار مان تڙيو ويو ۽ تڏهن هن وڃي ميڊم ڊي شيٽليٽ وٽ پناهه ورتي. جڏهن ميڊم ڊي شيٽليٽ جو لاڏاڻو ٿيو ته والٽيئر صدمي ۾ اچي ويو. ڇو ته هنن ڪيترائي سال گڏ گذاريا هئا، والٽيئر جي دل ۾ هن لاءِ بي پناھہ عقيدت هئي. هن جي وفات کان تيرهن سال اڳ، والٽيئر کيس پنهنجي هڪ تصوير تحفي ۾ ڏني هئي، جنهن تي هي سِٽون اُڪريل هيون: “باويئر تنهنجي لاءِ هي شهپارو چِٽيو آهي، تون ان کي ۽ سندس فن کي سڃاڻجان، پر منهنجي لاءِ، ان کان به وڏي هڪ مصور، تنهنجو عڪس منهنجي دل تي اڪيري ڇڏيو آهي.”
ميڊم ڊي شيٽليٽ جي موت والٽيئر کي دنيا ۾ اڪيلو ۽ آواره ڪري ڇڏيو. سڄي فرانس ۾ سندس دشمنن ۽ حاسد نقادن جو ڄار وڇايل هو. جيئن چيو ويندو آهي ته: “اوچي اوطاق تي ويهڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته توهان بابت ڪوڙ ڳالهايو ويندو.”
فريڊرڪ اعظم ان صورتحال کي پنهنجي لاءِ هڪ موقعو سمجهيو. هو اڃان تائين والٽيئر سان محبت ڪندو هو. هڪ اهڙي محبت، جيڪا شڪ ۽ اختلافن جي ڪڪرن ۾ گهيريل هجڻ باوجود، سندس مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهي. هن والٽيئر کي منٿ ڪئي ته هو برلن هليو اچي. هن کيس اعزازن، پينشنن، تمغن ۽ ڏاهن جي سنگت جي آڇ ڪئي. والٽيئر، جنهن کي هاڻي ڪوبه روڪڻ وارو نه هو ۽ هو برلن هليو ويو. هو برلن ۾ هڪ وڏي عوامي جشن دوران پهتو. عوام بادشاھہ کي وساري والٽيئر جي پوڄا ڪرڻ لڳو. بادشاھہ کيس پوٽسڊيم جي محل ۾ وٺي ويو، کيس شاهي ڪمرا ڏنا ۽ کيس پنهنجو دائمي ساٿي بڻائي ورتو. بادشاھہ پنهنجون سموريون ادبي تخليقون والٽيئر کي اصلاح ۽ نظرثانيءَ لاءِ ڏيندو هو ۽ والٽيئر جي هٿن مان نڪرڻ کانپوءِ اهي تخليقون ڪنهن به شهزادي لاءِ فخر جو باعث بڻجي سگهيون ٿي، پر ويجهن رشتن کي ھميشه قائم رکڻ ايترو سولو ناهي هوندو، خاص طور تي جڏهن ٻئي شخصيتون ذهين ۽ باصلاحيت هجن. هڪ ڀيرو ٻيهر والٽيئر ۽ فريڊرڪ جي وچ ۾ سرد مهري پيدا ٿي وئي. ان دوران والٽيئر هڪ تجارتي معاملي ۾ پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس ڪيس هليو، جنهن درٻار ۾ هڪ اسڪينڊل برپا ڪري ڇڏيو. ٻنهي جي وچ ۾ وڇوٽي ايتري وڌي وئي، جو هاڻي سندن گڏ رهڻ ممڪن نه هو. لڳ ڀڳ ٽن سالن کانپوءِ، والٽيئر برلن مان تڪڙو فرار ٿي ويو ڇو ته کيس گرفتاريءَ جو ڊپ هو. هن تڪڙي جرمنيءَ جي سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بادشاهہ جي ماڻهن کيس گرفتار ڪري ورتو. کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين قيد ۾ رکيو ويو ته جيئن کانئس اهو مسودو واپس ورتو وڃي جنهن ۾ هن عيسائي مذهب تي سخت حملا ڪيا هئا. هڪ شهزادي لاءِ ته اهڙيون ڳالهيون ٺيڪ هيون، پر بادشاھہ لاءِ اهو سڀ ڏکيو ٿي پيو.
والٽيئر کي جلدي آزاد ڪيو ويو، پر هن پاڻ کي ان شخص هٿان ذليل ۽ خوار محسوس ڪيو، جيڪو ڪڏهن سندس گهرو دوست هو. پنهنجي ان فرار کانپوءِ والٽيئر وري ڪڏهن به “فريڊرڪ اعظم” سان نه مليو، پر خطن ذريعي سندن خيالن جي ڏي وٺ جاري رهي. جڏهن والٽيئر جي وفات ٿي ته ان موقعي تي فريڊرڪ کيس هڪ عظيم الشان خراجِ عقيدت پيش ڪيو.
برلن ۾ گذاريل اهي ٽي سال والٽيئر جي متحرڪ زندگيءَ جا سڀ کان گهٽ پيداواري سال ثابت ٿيا. اتي حد کان وڌيڪ خوشباشي، ضرورت کان وڌيڪ سماجي ميل جول، بي پناهہ واکاڻ ۽ اڻ کٽ جهيڙا هئا. اتي هن جي ذهانت، رڳو هڪ عام انسان تائين محدود ٿي وئي. والٽيئر پاڻ به اهو محسوس ڪيو ته هن اهي سال ضايع ڪري ڇڏيا آهن؛ پر هن ان عرصي جي الميي ۽ طنز کي به گهري نظر سان پرکيو. هو الميي تي به کلي سگهندو هو ته مزاح تي به. هُو ڀوڳ چرچا ڪندو رهندو هو ۽ هن جي ويجهو ڪوبه موضوع ايترو سنجيده نه هو جو ان تي مزاح نه لکي سگهجي. والٽيئر چيو هو ته: “چرچي ڀوڳ سان انسان هلڪو ڦلڪو ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري اڪثر ماڻهو خودڪشي نٿا ڪن.” هن تي اڪثر تنقيد ڪئي وئي ته هُو هر ڳالهه ۾ ٽوڪ ۽ مزاح ڳولهي وٺندو هو، پر عام ماڻهو اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته هڪ سنجيده مقصد لاءِ مزاح هڪ طاقتور هٿيار ٿي سگهي ٿو. دنيا ڪڏهن به ‘بيوقوفي’ ۽ ‘سنجيدگي’ جي وچ ۾ فرق کي نه سمجهي سگهي آهي. جيڪڏهن اهي ‘احمق سنجيده’ ماڻهو ٿورڙي به مزاح جي حس رکن ها، ته اهي پاڻ تي کلي کلي مري وڃن ها.
والٽيئر فرانس جي مختلف حصن ۾ سفر ڪندي ڪجهه وقت گذاريو، ڇاڪاڻ ته کيس پئرس واپس ويندي خوف محسوس ٿيندو هو. آخرڪار هن جنيوا جو رخ ڪيو. جنيوا تڏهن هڪ آزاد رياست هئي، جيڪا بعد ۾ فرانس سان ملائي وئي ۽ پوءِ سوئٽزرلينڊ جو حصو بڻي. پروشيا کان فرار ۽ جنيوا ۾ پناھہ، والٽيئر جي زندگيءَ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. جڏهن هو هن ننڍڙي رياست ۾ پهتو ته سندس عمر سٺ سال هئي. وڌندڙ عمر ۽ تجربن کيس سنجيده بڻائي ڇڏيو هو. هن دنيا جي بيوقوفين ۽ ڪوڙين ڳالهين کان گهڻو ڪجهه سکيو هو. کيس خبر هئي ته سندس زندگي هڪ سنجيده مقصد لاءِ هئي ۽ سندس ڪم ڪنهن به دور جي انسان پاران کنيو ويل سڀ کان عظيم پورهيو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي مقصد لاءِ نوان وچن ڪيا ۽ اهو مقصد هو ‘آزادي’. ان وقت کان وٺي، هو ان مقصد لاءِ اڻٿڪ، بي باڪ ۽ باصلاحيت ٿي اڀريو. جتي به کيس وهم پرستيءَ، ناانصافي، ظلم ۽ وحشت جو نشان مليو، والٽيئر پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪري ميدانِ جنگ ۾ لاهي ڇڏيو. چاهي سندس ڪم تاريخ هجي، شاعري، ڊراما، ناول يا پمفليٽ، سڀني جو روح هڪ ئي هو. شايد هن جون سڀئي لکڻيون ڪڏهن به هڪ هنڌ گڏ نه ڪري سگهجن. هن جا انيڪ پمفليٽ، سندس وڏن ادبي شاهڪارن کان وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيا، جن فرانس ۽ ان دور تي اثر ڇڏيا. انهن ئي لکڻين قديم ادارن، فرسوده رسمن ۽ وحشي پڻي کي پاڙن پٽي تباهہ ڪيو ۽ دنيا کي ان رواداري ۽ آزاديءَ لاءِ تيار ڪيو، جنهن لاءِ انسانيت کي انتظار هو.
جڏهن والٽيئر جنيوا ويو، ته اها رياست اڃان تائين جان ڪيلون جي عقيدن جي ذهني مفلوجيءَ ۾ جڪڙيل هئي. ان ڳالهه کي ٻه سئو سال گذري چڪا هئا، جڏهن ڪيلون، مائيڪل سرويٽس کي رڳو ان ڏوھہ ۾ وڏي عقيدت سان زنده ساڙي ڇڏيو هو ته هن انڌي يقين جي بجاءِ سوچڻ کي ترجيح ڏني. جيتوڻيڪ ڪيلون کي فوت ٿئي به اوترو ئي عرصو گذري چڪو هو، پر سندس ذهانت ۽ جنونيت جو سحر اڃان تائين ان ڌرتي تي طاري هو. جنيوا هڪ عجيب خيال جي حصار ۾ هئي، اهو خيال جيڪو اڄ به اوترو ئي عام آهي جيترو تڏهن هو ته تهذيب، سائنس، فلسفي ۽ تجربي جي باوجود هيءَ ڳالهه ختم نه ٿيندي ته: انسان کي انساني قانونن ذريعي تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ کيس ڪامل بڻائي سگهجي ٿو. جنيوا جي قانونن اهو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هو ته ماڻهن کي ڪهڙي وقت سمهڻ گهرجي ۽ ڪهڙي وقت بيدار ٿيڻ گهرجي (يقينن ٻئي وقت تمام سوير هئا)؛ کائڻ پيئڻ جي قسمن، مقدار ۽ معيار کي به مقرر ڪيو ويو هو ته هڪ ماڻهو کي ڇا کائڻ گهرجي. ان قانون مذهبي عقيدن ۽ سماجي رسمن کي پڻ ضابطي ۾ آندو هو. ڪوبه ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هو، هو جنيوا جي قانونن جي ڪتاب مان اهو معلوم ڪري سگهندو هو ته اهو عمل صحيح آهي يا غلط. اڄ به ساڳيو ئي جنون انساني نسل تي راڄ ڪري رهيو آهي. اسان پنهنجي خوراڪ، مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي ضابطن ۽ رسمن کي ته بدلائي ڇڏيو آهي، پر ان بنيادي خيال کي نه بدلائي سگهيا آهيون ته رياست اسان کي ٻڌائي ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ خاص طور تي ڇا نه ڪرڻ گهرجي ۽ اها نافرماني ڪرڻ جو مطلب ڏوهاري، سزا يافته، قانون کان ٻاهر ۽ ملعون قرار ڏيڻ آهي. اڄ جڏهن قانون ڪنهن هجوم کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي سخت ناهن هوندا، ته “مدر گرنڊي” (سماجي نفرت) اهو ڪم سنڀالي وٺندي آهي ۽ ساڳئي وحشت، گستاخي، ظلم ۽ بيدردي سان ماڻهن کي بدنام ۽ اذيت ڏيندي آهي، جيڪا قديم دنيا جي مذهبي عدالتن جو خاصو هئي. يقينن، جڏهن والٽيئر فريڊرڪ اعظم جي درٻار مان ڀڄي آيو هو، تڏهن جنيوا ۾ ٿيئٽر ۽ ناٽڪ ڪرڻ غلط سمجهيا ويندا هئا، پر ٻه شيون اهڙيون هيون جيڪي والٽيئر ھميشه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. هن پاڻ تي لازم قرار ڏنو هو ته هو دنيا جي منافقن ۽ ظالمن خلاف ضرور وڙهندو، ۽ هن پنهنجو پاڻ تي زنده رهڻ لازم ڪري ڇڏيو هو. جلد ئي هن جنيوا کان اٽڪل ٽي ميل پري، فرانس جي حدن ۾ ٻه جايون خريد ڪيون. هو جنيوا جي ايترو ويجهو هو جو پنهنجو ٿيئٽر ٺاهي سگهي ۽ ماڻهو سرحد پار ڪري سندس ناٽڪ ڏسڻ اچي سگهن، جن کي ڪيلون جا ظالماڻه قانون روڪي نٿي سگهيا. هُو فرانس جي سرحد جي به ايترو ويجهو هو ته جيئن ڪڏهن فرانس جو بادشاهہ کيس جيل ۾ موڪلڻ جو ارادو ڪري ته هُو سرت ئي سئٽزرلينڊ يا جنيوا ڏانهن ڀڄي وڃي. ان جاءِ تي جتي هن پنهنجي بقايه زندگيءَ جو گهڻو حصو گذاريو، ان کي “فرني” سڏيندو هو، جيڪا خوبصورت جنيوا ڍنڍ جي ڪناري تي، مائونٽ بلانڪ ۽ ٻين الپس جي چوٽين جي سامهون واقع هئي، جتي صاف آسمان ۽ برف سان ڍڪيل جبل، فرانس ۽ سئٽزرلينڊ جا ساوا کيت موجود هئا، زندگي گذارڻ، ڪم ڪرڻ ۽ خواب ڏسڻ لاءِ اها هڪ مثالي جاءِ هئي، پر والٽيئر هيءَ جاءِ ان ڪري چونڊي هئي جو ان کي کيس اتي پنهنجو ٿئيٽر ٺاهڻو هو. هو آرٽ جي باري ۾ گهٽ ڄاڻندو هو ۽ فطرت جي کيس ڪا پرواهه نه هئي. جيڪڏهن هو اڄ جي دور ۾ هجي ها، ته هڪ وڏو، ٻاڦ سان گرم ٿيندڙ فليٽ سندس لاءِ گهر جو بهترين انتخاب هجي ها. والٽيئر سڄي يورپ جو سفر ڪيو، پر هو ڪڏهن به ڪنهن خوبصورت تصوير، قديم مجسمي، وڏي ڪيٿڊرل يا فطرت جي ڪنهن حسين منظر کي ڏسڻ لاءِ نه بيٺو.
جتي هو رهندو هو اتان جون جايون پراڻيون ۽ زبون حال هيون، پر والٽيئر کين سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو پختو ارادو ڪيو. هن مٽيءَ کي ڳوهڻ، وڻ پوکڻ ۽ هڪ عاليشان مڪان اَڏڻ جي شروعات ڪئي. هن ڪيترائي باغائي، هاري ۽ خدمتگار مقرر ڪيا. ائين پئي لڳو ڄڻ کيس اها چڱي ريت پروڙ هئي ته پنهنجي ذهن کي ناٽڪن ۽ رسالن لکڻ سان گڏوگڏ زراعت ڏانهن ڪيئن مائل ڪجي. ٻين گهڻن فلسفين، شاعرن ۽ خيالن جي دنيا ۾ رهندڙن وانگر، هن گهٽ ۾ گهٽ چيو ضرور هو ته سندس نظر ۾ زراعت ئي اها اڪيلي شيءِ هئي، جا وقت ڏيڻ جي لائق آهي. والٽيئر چيو ته: “مون پنهنجي سڄي ڄمار ۾ رڳو هڪڙو ئي سمجهه وارو ڪم ڪيو آهي ۽ اهو آهي زمين کي آباد ڪرڻ، جيڪو ٻنيءَ کي کيڙي ٿو، اهو يورپ جي سمورن لکارين کان وڌيڪ انسانيت جي وڏي خدمت ڪري ٿو.” هڪ ڏينهن سندس هڪ دوست کيس چيو، “توهان نئين نسل لاءِ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.” والٽيئر جواب ڏنو، “جي ها، مون پنهنجي پارڪ ۾ چار هزار فوٽن تائين وڻ پوکيا آهن.” جيتوڻيڪ ڪيترائي اديب هاري به رهيا آهن، پر انهن مان تمام گهٽ اهڙا هئا، جن ان مان نفعو ڪمايو هجي، پر والٽيئر ان کي هڪ نفعي بخش ڪم بڻائي ڇڏيو. جيڪڏهن هو وڌيڪ مذهبي ۽ گهٽ گڻن وارو هجي ها، ته هو پنهنجي دور جو “پيئرپونٽ مارگن” (وڏو سرمائيدار) بڻجي سگهي ها. بعد ۾ فرني ۾ هن ٻيون صنعتون پڻ قائم ڪيون. هن ريشم جا ڪيڙا گهرايا ۽ ريشم تيار ڪرڻ شروع ڪيو. هن گهڙيال سازيءَ جو هڪ وڏو ڪارخانو لڳايو ۽ اهو ننڍڙو شهر هڪ خوشحال صنعتي مرڪز بڻجي ويو. اها آبادي خوشحال ۽ مطمئن هئي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پورهيت اتي نوڪرين جي تلاش ۾ اچڻ لڳا ۽ پناھہ گيرن به ان طرف رُخ ڪيو، پر والٽيئر جو اصل ڪم نه زراعت هئي ۽ نه ئي ڪارخانيداري. سندس قلم ڪڏهن به خاموش نه رهيو.
ڪيترن ئي سالن کان هو پنهنجي هڪ شاهڪار منظوم ناٽڪ “پوسيل” تي ڪم ڪري رهيو هو. يورپ جي تقريبن سمورين علمي مجلسن ۾ اهو پڙهيو ويو هو، پر ڪڏهن به باقاعده شايع نه ٿيو. اهو ڪجهه حد تائين تڪراري ۽ مذهبي حلقن ۾ ناپسنديده هو. عورتون ان کي خلوت ۾ پڙهنديون هيون، پر محفلن ۾ نه. مردن ان جا نسخا پنهنجي لائبريرين ۾ ته رکيا هئا، پر انهن کي پنهنجي ذاتي ۽ مخفي مجموعن جو حصو بڻائي لڪائي رکيو هو. اهو سڄي يورپ ۾ هڪ اهڙو راز هو، جنهن جو سڀني کي پتو هو. والٽيئر هميشه ڪوشش ڪئي ته ان کي پبلشر کان پري رکي، پر سندس قلمي نسخا مسلسل چوري ٿي رهيا هئا. سندس دوست ۽ ذاتي سيڪريٽري اهي نسخا چوري ڪري وڪڻي ڇڏيندا هئا. اڪثر ليکڪن کي پبلشر ڳولهڻ لاءِ سخت جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي، پر والٽيئر کي پبلشرن کي پنهنجا ڪتاب ڇاپڻ کان روڪڻ لاءِ پگهر وهائڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن هڪ پبلشر والٽيئر وٽ آيو ۽ کيس سندس ئي ڪتاب “پوسيل” جو هڪ نسخو وڪڻڻ جي آڇ ڪئي. والٽيئر انڪار ڪندي چيو ته اهو سندس لکيل ناهي ۽ اهو جنهن جو به لکيل آهي اهو ادبي شعور، عقلِ سليم ۽ اخلاقيات کان ناواقف آهي. هن ان پبلشر جي شڪايت جنیيوا جي اختيارين کي ڪئي، هو پئرس جي ان پرنٽر کان بچي ويو، جتي هرڪو اهو ڪتاب پڙهي رهيو هو. اختيارين ان ڪتاب کي ساڙي ڇڏيو ۽ پئرس جي ھڪ پبلشر کي ان جي ڇپائيءَ جي ڏوھہ ۾ نو سال سخت محنت سان سزا ڪاٽڻي پئي ۽ جنيوا جي اختيارين والٽيئر جي ان بيان تي اعتبار ڪرڻ جو ناٽڪ ڪيو ته هو ان جو ليکڪ ناهي، پر جنيوا ۾ سڀني کي خبر هئي ته اهو والٽيئر جو لکيل آهي. ساڳئي وقت، پئرس سندس ٻين ناٽڪن جي سحر ۾ مبتلا هو، جيڪي ٿيئٽرن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا هئا. سندس ڪم جي هر هنڌ واکاڻ هئي، پر ليکڪ جي نصيب ۾ جلاوطني ئي رهي.
١ نومبر ١٧٥٥ع تي، لزبن جو شهر هڪ هولناڪ زلزلي جي گهيري ۾ اچي تباهہ ٿي ويو. جڏهن آفت جي خبر والٽيئر تائين پهتي، ته سندس روح لڏي ويو. اک ڇنڀ ۾ ٽيهه هزار انساني جانيون ضايع ٿي ويون. اهو زلزلو ‘آل سينٽس ڊي’ (سڀني ولين جي ڏينهن) تي آيو هو، جنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان اتي جي وڏن گرجا گھرن ۽ عبادتگاهن ۾ ٿيو. مهينن تائين والٽيئر جا سمورا خط هن سانحي جي تذڪري سان ڀريل رهيا، جنهن هن جي ذهن تي قبضو ڪري ورتو هو. “بهترين مان بهترين دنيا!” هن طنزيه انداز ۾ چيو، “جيڪڏهن پوپ اتي موجود هجي ها، ته ڇا هو تڏهن به چئي سگهي ها ته ‘جيڪو به ٿئي ٿو، سو ڀلو آهي؟’ ‘سڀ خير آهي’ چوڻ مون کي تڏهن لغو لڳي ٿو، جڏهن سڄي زمين ۽ سمنڊ تي برائي ۽ ڏک جو راڄ هجي.” والٽيئر زندگيءَ جي مصيبتن تي هڪ گهرائيءَ سان ڀريل نظم لکيو، جنهن جو عنوان هو “لزبن جي بربادي.” ان سان گڏ ئي هن جو هڪ ٻيو نظم “فطري قانون” شايع ٿيو، جنهن ۾ زندگيءَ جي معنيٰ، مقصد ۽ پڄاڻيءَ بابت ازلي سوالن کي ڇيڙيو ويو هو. والٽيئر انهن سوالن جو جواب ائين ڏنو، جيئن اڳوڻن سياڻن ڏنو هو ته: انهن موضوعن تي انسان وٽ نه ڪو رهبر آهي ۽ نه ئي ڪا روشني، پر چرچ جي پادرين ۽ حڪمرانن جڏهن انهن نظمن بابت ٻڌو يا پڙهيو، ته پئرس ۾ انهن کي فورن باھہ ڏئي ساڙيو ويو. جنيوا جي پرهيزگارن حيرت ۽ صدمي ۾ هٿ مٿي کنيا ته هيءَ ڪهڙي علمِ الاهيات آهي، يا شايد عقيدي جي ڪمي آهي، پر لزبن جي زلزلي سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو. ايتري قدر جو فرانس جو بادشاهہ به ايترو سنجيده ٿي ويو، جو هن ميڊم پومپاڊور جي ڪمرن ڏانهن ويندڙ نجي رستو بند ڪرائي ڇڏيو.
تقريبن ان ئي عرصي ۾، ڊيمنز نالي هڪ بدقسمت سودائي لوئي پندرهين جي زندگيءَ تي هڪ ناڪام حملو ڪيو. چرچ ۽ رياست جي مدي خارج خيالن وارن ماڻهن صاف چيو ته اها ڪارروائي ان دور جي “جديد فڪر” جو نتيجو هئي. هنن لاءِ اهو چوڻ تمام آسان هو ته هڪ ديواني شخص جو اهو فعل والٽيئر جي تحريرن کان متاثر هو، جيڪو ان شخص ڪڏهن پڙهيو ئي نه هو. جڏهن اهو شخص پڪڙيو ويو، ته سندس هٿ ۾ بائبل جو “جديد عھدنامو” هو. والٽيئر اها خبر ٻڌي خوش ٿيو. سڀ قاتل پنهنجن خنجرن سان گڏ ته هجن ٿا، پر ڇا ڪڏهن ڪنهن اهڙي قاتل بابت ٻُڌو اٿو جنهن جي هٿ ۾ سيسيرو، افلاطون يا ورجل جو ڪتاب هجي؟”
…(هلندڙ)…
هي مضمون ڪيئن رهيو؟