مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شھري آباديءَ جي پکيڙ ۽ قديم ڳوٺن سان ٿيندڙ ناانصافي

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ترقياتي ادارو حيدرآباد، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، ڪچي آبادي ڊائريڪٽر، وزارت بلديات، آبادڪاري اھڙا ادارا آھن جن شھري آبادي جي پکيڙ کي روڪڻ بجاءِ ان جي وڌيڪ سهولتڪاري ڪئي آهي، جن شھرن ۾ موجود قديم ڳوٺن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. بجاءِ نئين آبادي جي قديم ڳوٺن جي ترقي لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي ته بھتر ٿيندو. مون ٻه سال اڳ پنھنجي ڪتاب “داستانِ حيدرآباد” ۾ قاسم آباد جي ڪچي آبادين، قديم ڳوٺن تي رپورٽ شامل ڪئي آهي، ان ۾ شھري آبادي جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ قديم ڳوٺن جي ترقي تي تجويزن ڏنيون آهن، پر افسوس مٿي ذڪر ڪيل ادارن کي ڪو احساس يا سمجھه ناھي جو ھن معاملي جي نزاڪت کي محسوس ڪري سگهن . ڪراچي جي قديم ڳوٺن جي ترقي ۽ شھري آبادي جي پکيڙ خلاف جناب گل حسن ڪلمتي صاحب خوب ڪتاب ۽ تحقيقي مضمون، رپورٽون لکيون، پر افسوس جو انتظاميه انھن تجويزن کي پنھنجي ترجيحن ۾ شامل نه ڪري سگهي آهي. جنھن جي ڪري شھر نئين آبادي جي پکيڙ سان پکڙجڻ لڳا آهن ۽ قديم ڳوٺ ان جي وچ ۾ دٻجي چڪا آهن.
اسلام آباد جي ڪچي آبادين تي جناب عاصم سجاد ۽ ناظر محمود جون رپورٽون قابل تعريف آهن جن ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪچي آبادين خلاف ڪيل ڪارروائين کي وائکو ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميه طرفان گذريل سال کان واڌو واھ، بچاءُ بند، ڦليلي واھ ڪناري تي موجود ڪچي آبادين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي هئي، جيڪو پنھنجي جاءِ تي چڱو عمل ھو، پر افسوس ته متاثر رھواسين کي ڪوبه معاوضو ادا نه ڪيو ويو يا متبادل رھائش مھيا نه ڪئي وئي جيڪا ناانصافي آهي، جتي ڪچي آبادين کي پنجاهه سالن کان برداشت ڪيو وڃي ٿو، اتي انھن جي ٻيھر آبادي لاءِ پڻ اپاءُ وٺڻ گهرجن. ضلعي انتظاميه سالن جا سال غير قانوني حد دخليون برداشت ڇو ٿي ڪري جنھن جي ڪري ماڻهو روز نيون حددخليون ڪري رهيا آهن. انتظاميه شروع ۾ غلط ڪمن کي ڇو نٿي روڪي جو بعد ۾ ڪارروائي ڪرڻ ۾ ماڻھن کي نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. قاسم آباد تعلقي جي ڳوٺن جو مثال جن ۾ ھي ڪجھه ڳوٺ شامل آهن، محمد طاھر سومرو ڳوٺ، ٻڍو پالاري ڳوٺ باءِ پاس، ڪيريو ڳوٺ ويجھو (نقاش ولاز)، منٺار شورو ڳوٺ، قادر نگر، ڪولھي ڳوٺ، اسماعيل ھليو ڳوٺ، چانڊيا ڳوٺ، رحيمداد جتوئي ڳوٺ، ڪرن شورو ڳوٺ، رياض کوکر ڳوٺ، چينل واھ روڊ قابل ذڪر آهن، جيڪي بنيادي سهولتن، ترقياتي ڪمن کان وانجھيل آهن. انتظاميه کي نئين منصوبابندي بجاءِ انھن قديم ڳوٺن جي ترقي لاءِ منصوبابندي ڪرڻ گھرجي. انھن ڳوٺن جي ترقي سان شھر ازخود سھڻا، سڌريل نظر ايندا .ايڇ ڊي اي، ايڇ ايم سي، وزارت بلديات، ڪچي آبادي جي اداري ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي قديم ڳوٺن جي ترقي تي فوڪس ڪرڻ گھرجي. انهن ڪچين آبادين جي رهائشين کي سندن پلاٽن جا مالڪاڻه حق ڏئي انهن کي پڪي آباديءَ ۾ تبديل ڪيو وڃي. اتي روڊن ۽ رستن جو ڄار وڇائي انهن کي ترقيءَ لاءِ راهه هموار ڪري ڏني وڃي. ان کانسواءِ اتي اسڪول، ڊسپينسريون قائم ڪيون وڃن ته جيئن انهن ماڻهن جون بنيادي سهولتون پوريون ٿي سگهن انهن کي بجلي، گئس ۽ پاڻيءَ جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. جڏهن انهن ماڻهن کي پڪ ٿيندي ته هاڻي کين اتان ڪير نه اٿاريندو ته پوءِ اهي پنهنجن گهرن کي بهتر انداز ۾ اڏي سگهن ٿا. هن وقت قاسم آباد ھڪ طرف جديد تعميراتي شاھڪار ته ٻئي پاسي قديم ڳوٺن جي ويراني سبب عجيب منظر پيش ڪري ٿو. ھر نئين رھائشي ڪمرشل پلازه، اسڪيم سان گڏ ڪچي آبادي جي پسماندگي ھڪ داغ نما منظر پيش ڪري ٿي. صرف باءِ پاس حيدرآباد ڪچي آبادين کان پاڪ چئي سگھجي ٿو، باقي سمورو قاسم آباد ڪچي آبادين جو مرڪز بڻيل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو