مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن
بلاگ

شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڇپيل اڻ ڇپيل ايم فل ٿيسز جا مقالا (سن 2024-1989)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان گهربل آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لطيف سائينءَ تي ٿيل ايم فل ٿيسز بابت آگاهي ڏينداسين. جن جو تعداد اسان کي صرف 9 ملي سگهيو آهي، جيڪي هند ۽ سنڌ جي مختلف درسگاهن مان ٿيون آهن. سڀ کان پهرين لطيفي ايم. فل ٿيسز سن 1989 M انڊيا ۾ ٿي. وڌيڪ ٻين ايم. فل ٿيسز جو سن وار احوال هيٺ لکي رهيا آهيون:
1. شاھ جا سرموڙ- ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻي-1989، (ڇپجڻ جو سال 1991) ممبئي يونيورسٽي انڊيا.
2. شاھ ۽ سچل جو تقابلي اڀياس- ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي-1994، (ڇپجڻ جو سال 2003) ممبئي يونيورسٽي انڊيا.
3. شاھ عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو- ڊاڪٽر مسز خورشيد عباسي-1994، (اڻ ڇپيل) ڪراچي يونيورسٽي.
4.Bhitai’s Shah jo Risalo as a source of reconstruction the history of sindh-Dr Bashir Ahmed Jatoi-2014 (un published)-Quaid e Azam University Islamabad
5. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سسئيءَ جي سرن جو فڪري مطالعو- ڊاڪٽر امداد علي مجيداڻو-2021، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
6. شاھ جي رسالي ۾ سر سارنگ جي منظر نگاري- ڊاڪٽر فهد حسين مانڊڻ-2021، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
7. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ خوش مزاجي وارا رويا، هڪ اڀياس- ڊاڪٽر منظور احمد خلجي-2022، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
8. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو- ڊاڪٽر مير محمد تنيو-2022، (اڻ ڇپيل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
9. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ سر مارئي جو فڪري اڀياس- ڊاڪٽر فهميده لغاري-2022 (اڻ ڇپيل)، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
***