منفرد موسيقار اي آر رحمان
ڪنهن به ڪم ۾ منفرد هجڻ ئي نرالوپڻ آهي. جيئن ئي اُهو ڪم سامهون اچي ته پنهنجي نرالي پڻ سان منفرد هجڻ جو ثبوت ڏي ۽ خبر پئجي وڃي ته هي ڪم ڪنهن جو آهي. دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي اِن سطح تي پهچندا آهن ته سندن ڪم ئي سندن سڃاڻپ بڻجي پوي. اڄ اسان موسيقيءَ جي هڪ اهڙي نانءَ جو ذڪر ڪنداسين، جيڪو ٻين کان بيحد منفرد آهي. سندس موسيقي، سماعتن تي پوڻ سان ئي خبر پئجي ويندي آهي ته هي موسيقي ڪنهن جي آهي. اُهو نرالو موسيقار اي آر رحمان آهي. جنهن کي ڀارت ۾ ”موزارٽ آف مدراس“ به سڏين ٿا. اِهو لقب کيس مشهور موسيقار وولف گينگ اميڊس موزارٽ سان ڀيٽ طور ڏنو ويو آهي. وائيولن ۽ ڪيبورڊ اُهي ٻئي ساز آهن، جن ۾ موزارٽ به مهارت رکندو هو ۽ انهن ئي سازن ۾ اي آر رحمان به ڄاڻ رکي ٿو.