اڄ پھرين جون کان فوٽبال کانپوءِ پوري دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ پسند ڪئي ويندڙ راند ڪرڪيٽ جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿي رھيو آھي. پوري دنيا ۾ لکين شوقين اڄ کان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا ڏسي دل وندرائيندا. اسان سنڌي به ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڏسڻ جا تمام گهڻا شوقين آھيون. مان سمجھان ٿو سڄي سنڌ جو ڪو واھڻ وستي رھيل نه ھوندو جتي بيٽ بال راند ڏٺي ۽ کيڏي نه ويندي ھجي. اسان وٽ ھن راند کي گھڻي قدر بيٽ بال ئي ڪوٺيو ويندو آهي. مان ته چوندو آهيان اسان کي ڀلي نيشنل ليول تي ڪرڪيٽ ۾ نه چونڊيو وڃي، پر صحتمند رهڻ لاءِ ڪرڪيٽ سان گڏ سڀ رانديون ضروري آهن ۽ کيڏڻ گهرجن. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپس ۾ وڌ ۾ وڌ روينيو پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ مان ڪٺو ڪيو ويندو آهي. انڊيا ۽ پاڪستان جي ميچ ڏسڻ وارن جو انگ تمام وڏو آهي.