گهڙيءَ کي وري پوئتي موٽايو
2018 جون چونڊون کڻي مختلف هيون، ان ڪري ته ان وقت نئين پاڪستان جو منصوبو زير تعمير هو، پر هاڻي ان بانيِ نئين پاڪستان جي آزادي ممڪن ناهي، توڻي جو سمورو ملڪ ووٽن جي صورت کڻي ليٽي به پيو هجي ۽ چپي چپي تي ماڻهن کيس ووٽ ڪيا به هجن، پر هي ريفرينڊم ناهي، يا اهو ووٽ به جيڪو رڳو پنجاب جي انهن علائقن مان پيو آهي جيڪي ڪنهن صورت نوازشريف جي حيثيت کي مڃن نه ٿا. اهي سمجهن ٿا ته ووٽ هاڻي ڪنهن به صورت نوازشريف جو ناهي ۽ اهي ووٽ رڳو پي ٽي آءِ جا آهن، پر جي موازنو ڪجي ته 2024 جون عام چونڊن ۽ 2018 جون عام چونڊون پاڻ ۾ مماثلت ٿيون رکن، ڇو ته ٻئي چونڊون ساڳيا نتيجا کڻي آيون، معنيٰ ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳھه. ان ڪري حڪومت مرڪز ۾ ۽ پنجاب ۾ مخلوط ٺهندي ۽ ان حڪومت جو دور به مشڪل سان ٻه سال ئي هوندو ان ڪري ته نه پاڻ ڪم ڪندا نه ٻين کي ڪرڻ ڏيندا.