سنڌ جي تاريخ پڙهجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته هيءَ ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ تي آباد قوم جي تاريخ ۽ تهذيب 6 هزار سالن کان به قديم آهي، جنهن جا آثار موهن جي دڙي، هڙپا، منصوره (برهمڻ آباد)، آمري وغيره جي ماڳن منجهان ملي وڃن ٿا جن تي اڄ به محقق، تاريخ نويس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا تحقيق ڪري رهيا آهن ته گڏوگڏ انهن دڙن ۽ ماڳن جي کوٽائي ڪري نيون شيون دريافت ڪري رهيا آهن جيڪو هڪ بهترين ۽ تاريخي عملي قدم آهي ۽ انهيءَ سموري تاريخ کي قلمڪار قلم وسيلي ڪتابن جي ورقن منجھ محفوظ ڪري ايندڙ نسلن کي آگاهي ڏيڻ ۽ انهن کي تاريخ طرف متوجھ ڪرڻ خاطر مختلف شهرن، ماڳن، مڪانن تي ڪانفرنسون ڪوٺائي نيون راهون ۽ نوان رستا جوڙي تاريخ جي تسلسل کي برقرار رکيو اچن ٿا جيڪو نهايت ئي بهترين عملي ورڪ آهي. ڇو ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن جو تحفظ نه ڪري سگهنديون آهن انهن جو اهو دعويٰ وارو رستو بند يا ختم ٿي ويندو آهي ته اهي قديم قومون آهن.