مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حقيقي آزادي ۽ شعور

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انسان کي ٻي هر مخلوق کان ڌار ۽ اوچو درجو عطا ڪندڙ سڀ کان وڏي نعمت سندس عقل آهي. هو ڏسي ٿو، حيران ٿئي ٿو، سوال جي صورت ۾ آواز اٿاري ٿو، دليل ڳولهي ٿو، امڪانن کي پرکي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي ٿو. اهائي صلاحيت کيس رڳو زنده رهندڙ مخلوق مان هڪ باشعور وجود بڻائي ٿي، پر انساني تاريخ جو هڪ عجيب الميو اهو به آهي ته انسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ان ئي عقل کي، جنهن کيس سوال ڪرڻ سيکاريو هو، ڪنهن ٻئي انسان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي، ائين ڇو ٿيندو آهي؟
غير يقيني، خوف، اڪيلائي ۽ بحران جي گهڙين ۾ انسان اهڙي شخص ڏانهن متوجهه ٿيندو آهي جيڪو کيس يقين، رستو ۽ مقصد ڏئي سگهي. شروعات ۾ هي لاڳاپو رهنمائيءَ‌ جو هوندو آهي، پر آھستي آھستي رهنمائي فرمانبرداري ۾، فرمانبرداري عقيدت ۾ ۽ عقيدت شخصيت پرستيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ان مقام تي انسان ڪنهن شخصيت کي صرف اڳواڻ ناهي سمجهندو، پر کيس پنهنجن فيصلن، پنهنجي يقين ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زندگيءَ جو مرڪز بڻائي ڇڏيندو آهي.
جم جونز (1931ع کان 1978ع) هڪ آمريڪي مذهبي مبلغ ۽ ڪرشماتي اڳواڻ هو، جيڪو انساني ڪمزوريءَ جو هڪ دردناڪ مثال آهي. هن “پيپلز ٽيمپل” نالي هڪ مذهبي ۽ سماجي تحريڪ جو بنياد رکيو. شروعات ۾ هو نسلي متڀيد، غربت ۽ سماجي ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندو هو، برابريءَ جو تصور پيش ڪندو هو ۽ محروم طبقن کي هڪ بهتر سماج جو خواب ڏيکاريندو هو. ان پيغام مختلف طبقن جي ماڻهن کي سندس ويجهو آندو، پر وقت گذرڻ سان گڏ تحريڪ جي اصولن کان وڌيڪ خود جونز جي شخصيت اهم ٿيندي وئي. اهوئي اهو موڙ هو جتي هڪ اڳواڻ، اڳواڻ کان وڌيڪ سچائيءَ جو مکيه حوالو بڻجڻ لڳو.
جڏهن ڪنهن تحريڪ ۾ اصول کان وڌيڪ شخصيت، دليل کان وڌيڪ عقيدت ۽ سوال کان وڌيڪ اطاعت اهم ٿي وڃي، ته انسان ڪنهن ڳالهه کي ان ڪري درست ناهي سمجهندو جو اها عقلي طور درست آهي، پر ان ڪري قبول ڪرڻ لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڪنهن بااثر شخصيت چئي آهي. ائين سچائيءَ جو پيمانو دليل تان هٽي، شخصيت بڻجي ويندو آهي. هي انساني آزاديءَ لاءِ هڪ خطرناڪ مرحلو آهي.
جونز جي پوئلڳن جو هڪ وڏو تعداد گيانا منتقل ٿي ويو، جتي ”جونز ٽائون“ جي نالي سان هڪ گڏيل وسندي قائم ڪئي وئي. وقت سان گڏ اهو ماحول اهڙو بڻجي ويو، جتي اڳواڻ جو اثر ماڻهن جي روزاني زندگي، لاڳاپن ۽ ذاتي فيصلن تائين پکڙجي ويو. آخرڪار 18 نومبر 1978ع تي اهو تجربو هڪ هولناڪ گڏيل سانحي جي صورت ۾ پڄاڻيءَ تي پھتو. 900 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر ليو رائن ۽ سندس ساٿي به ان سانحي کان اڳ ٿيندڙ حملي ۾ قتل ڪيا ويا.
پر ان واقعي مان هڪ وڏو سوال پيدا ٿئي ٿو: آخر اهي ڪهڙا ماڻهو هئا جيڪي ان نظام جو حصو بڻيا؟ اهي سڀ جاهل يا گهٽ تعليم يافته نه هئا. “پيپلز ٽيمپل” ۾ مختلف نسلي، سماجي ۽ تعليمي پسمنظر رکندڙ ماڻهو شامل هئا. ڪجهه تنظيمي ذميواريون نڀائيندا هئا، ڪجهه سماجي خدمت سان وابسته هئا، ڪجهه طبي سهولتون ڏيندا هئا ۽ ڪجهه پنهنجي سماجي حلقن جا ذميدار ۽ بااثر سمجهيا ويندڙ ماڻهو هئا. ان مان هڪ اهم حقيقت سامهون اچي ٿي: تعليم ۽ ذهانت انسان کي هر نفسياتي اثر کان محفوظ ناهن رکنديون. انسان کي غلام بڻائڻ لاءِ هميشه زنجيرن جي ضرورت ناهي هوندي. ڪڏهن لباس جو رنگ گروهي سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي، ڪڏهن پڳ يا مخصوص شڪل شباهت وفاداريءَ جي علامت، ڪڏهن نعرو سوچڻ جو بدل، ڪڏهن جهنڊو حق ۽ باطل جو اڪيلو پيمانو، ڪڏهن ڪنهن بزرگ يا سياسي اڳواڻ جي تصوير عقيدت کان وڌيڪ اطاعت جي علامت، ڪڏهن مخصوص لفظ سڄي گروهه جي ذهني سرحد، ڪڏهن پارٽيءَ جو نشان سچائيءَ جي سند، ۽ ڪڏهن سوشل ميڊيا جو مسلسل بيانيو حقيقت جو متبادل بڻجي ويندو آهي.
جڏهن انسان صرف هڪ ئي رنگ ڏسندو آهي، هڪ ئي نعرو ٻڌندو آهي، هڪ ئي نشاني سان جڙيل رهندو آهي ۽ هڪ ئي قسم جي معلومات وري وري حاصل ڪندو آهي، ته کيس پنهنجي گروهه واري لڳاءُ ۽ سچائيءَ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. پوءِ اختلاف کيس دليل نه، پر هڪ خطرو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.
هتان کان ئي تنقيدي شعور جي اهميت سامهون اچي ٿي. سوال ڪرڻ صرف هڪ ذهني عادت ناهي؛ هي آزاديءَ جي حفاظت به آهي. سوال انسان کي پنهنجي سامهون رکيل حقيقت کي پرکڻ جو موقعو ڏيندو آهي. هو پڇندو آهي: هيءَ ڳالهه ڇو درست آهي؟ ان جو دليل ڇا آهي؟ ان جي خلاف ڇا چيو ويو آهي؟ ڇا منهنجي راءِ حقيقت تي ٻڌل آهي يا صرف منهنجي پسند جو نتيجو آهي؟
انسان لاءِ يقين ضروري آهي، پر انڌو اعتماد کيس پنهنجي ئي سوچ کان پري ڪري سگهي ٿو. حيرت انسان کي بيهاري سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي؛ سوال کيس ڳولا ڏانهن وٺي ويندو آهي؛ ڳولا علم جو دروازو کوليندي آهي؛ ۽ علم انسان کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جي سگهه عطا ڪندو آهي. ان ڪري ئي سوال کي شڪ يا بغاوت سمجهڻ درست ناهي. سوال حقيقت تائين پهچڻ جو هڪ رستو به ٿي سگهي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجي يقين بابت پڇندو آهي، اهو اصل ۾ ان جو بنياد ڳوليندو آهي ۽ جيڪو بنياد ڳوليندو آهي، اهو ورثي ۾ مليل راءِ، غور ۽ فڪر سان حاصل ٿيندڙ يقين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ سکي ويندو آهي.
اهو فرق دين جي ميدان ۾ خاص اهميت رکي ٿو. دين انسان کي خدا سان جوڙي ٿو، جڏهن ته شخصيت پرستي انسان کي هڪ انسان سان ٻڌي ڇڏيندي آهي. عالم مان علم حاصل ڪرڻ درست آهي، پر عالم کي غلطيءَ کان پاڪ سمجهڻ ضروري ناهي. اڳواڻ کان رهنمائي وٺڻ فائديمند آهي، پر پنهنجو عقل ۽ اخلاقي ذميواري سندس حوالي ڪري ڇڏڻ آزادي ناهي. حقيقي يقين عقل کي ختم ناهي ڪندو، پر کيس ذميوار بڻائيندو آهي.
انسان پنهنجو عقل ڪنهن ٻئي جي حوالي هڪ ئي پل ۾ ناهي ڪندو. اهو اختيار خاموشيءَ سان ٻئي ڏانهن منتقل ٿيندو آهي. پهريان هو سوچيندو آهي: “هو مون کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو.” پوءِ کيس محسوس ٿيندو آهي: “کانئس سوال نه ڪرڻ گهرجي.” ان کانپوءِ هو چوندو آهي: “سندس ڳالهه ئي ڪافي آهي.” ۽ آخرڪار هڪ ڏينهن هو ان مقام تي پهچي ويندو آهي جتي سندس فيصلا به ڪو ٻيو ڪرڻ لڳندو آهي. اهوئي اهو لمحو هوندو آهي، جڏهن شخصيت شعور تي غالب اچي ويندي آهي.
حقيقي آزادي هر ڳالهه کي رد ڪرڻ ناهي، پر ان کي سمجهي قبول ڪرڻ آهي. آزاد انسان پنهنجي پسنديدہ اڳواڻ سان به اختلاف ڪري سگهي ٿو، پنهنجي پسند جي نظريي تي به سوال اٿاري سگهي ٿو، پنهنجي ئي راءِ تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي بدلائي به سگهي ٿو. هيءَ ڪا ڪمزوري ناهي، پر ذهني پختگي آهي.
هڪ انسان عالم مان سکي سگهي ٿو، استاد کان رهنمائي وٺي سگهي ٿو، پنهنجي مذهب سان جڙيل رهي سگهي ٿو، ڪنهن سياسي نظريي کي پسند ڪري سگهي ٿو، ڪنهن اڳواڻ جو احترام ڪري سگهي ٿو، پر کيس پنهنجي عقل جي آخري ذميواري پاڻ وٽ ئي رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اصل سوال صرف اهو ناهي ته انسان ڇا ٿو مڃي؛ اصل سوال اهو آهي ته هو “ڇو” ٿو مڃي. اهو “ڇو” ئي شعور جي شروعات آهي.
جڏهن انسان پنهنجي يقين جا سبب ڳوليندو آهي، ته هو پنهنجي عقيدي، پنهنجي سياست، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي لڳاءُ کي سمجهڻ لڳندو آهي. پوءِ ڪوبه نعرو، رنگ، لباس، علامت يا شخصيت ان لاءِ حقيقت جو مڪمل متبادل ناهي بڻجندي.
شعور کان سواءِ تعليم صرف معلومات جو هڪ ڍير بڻجي سگهي ٿي، مذهب هڪ رسم بڻجي سگهي ٿو، سياست شخصيت پرستي بڻجي سگهي ٿي ۽ اجتماعي لڳاءُ انڌي اطاعت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن سوال زنده رهي، ته رستو کليل رهندو آهي. شايد حقيقي آزادي به اهائي آهي ته انسان وٽ يقين هجي، پر سوال ڪرڻ جي همت به؛ عقيدو هجي، پر شعور سان گڏ؛ رهنمائي هجي، پر پنهنجي عقل جي قيمت تي نه.
انسان کي اڳواڻ جي ضرورت ٿي سگهي ٿي، پر پنهنجي عقل جي مالڪ جي ضرورت کيس پاڻ کي آهي. کيس استاد جي ضرورت ٿي سگهي ٿي، پر پنهنجي شعور تان هٿ کڻڻ جي ضرورت ناهي. کيس عقيدي جي ضرورت ٿي سگهي ٿي، پر عقيدي کي سمجهڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ جي آزادي به ضروري آهي. آخرڪار انسان جي فڪری آزادي ڪنهن آخري جواب جي ملي وڃڻ ۾ ناهي، پر سوال ڪرڻ جي صلاحيت کي زنده رکڻ ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن انسان جي اندر سوال زنده آهي، تنهن جي اندر شعور زنده آهي؛ ۽ جنهن جو شعور زنده آهي، تنهن لاءِ پنهنجو عقل ڪنهن ٻئي انسان جي حوالي ڪرڻ آسان ناهي رهندو، اها ئي حقيقي آزادي آهي.
حوالو: ھم سب
تاريخ: 15 آگسٽ 2026
موضوع:حقیقی آزادی اور شعور

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو