چوٿين جولاءِ تي گهوٽڪي ضلعي ۾ قبائلي سردارن ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي نگرانيءَ هيٺ ساوند ۽ سندراڻي برادرين وچ ۾ ٽن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ هڪ جرڳو منعقد ڪيو ويو. جرڳي ۾ ٽن سالن کان هلندڙ ان قبائلي رتوڇاڻ کي سردارن فيصلو ڪري ٻنهي ڌُرين تي 24 خُونن جي عيوض 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. اهو قبائلي جهيڙو هونئن ته ٽن سالن کان گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ جاري هو پر سال کن اڳ اهو جهيڙو ان وقت ملڪي ۽ صوبائي سطح تي ميڊيا ۾ اُڀريو، جڏهن سکر آءِ بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند کي ڏينهن ڏٺي جو بيدرديءَ سان گولين جو بک بڻايو ويو. سڄي سنڌ ان انتهائي باصلاحيت سائنسدان ۽ اُستاد جي خُون تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيا پر حُڪمران سندس قاتل گرفتار ڪري نه سگهيا. آئين ۽ قانون هيٺ هلندڙ رياست نيٺ قبائلي سردارن وسيلي اهو جهيڙو نبيري سڀني قاتلن کي آجو ڪري ڇڏيو.