مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽريفڪ حادثا ۽ انھن کان بچاءُ

Wasiuddin Junejo ڪالم نگار

ايم.ايس.سي ( ڪيمسٽري)، رٽائرڊ ڊپٽي مينيجر (FFC)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“ڊمپر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو” “ھاءِ وي تي بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي، 10 مسافر اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي.” اھڙي قسم جون خبرون اسان روزاني اخبارن ۾ پڙھندا ۽ ٽي وي تي ٻڌندا آھيون. دنيا ۾ ٽريفڪ حادثا روزانو جو معمول بڻيل آهن. ترقي پذير ملڪن ۾ اھڙن حادثن جو انگ ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو ھوندو آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي ڳالھه ڪجي ته وڏن شھرن ۾ ۽ ھاءِ ويز تي اھو انگ گھٽ آباديءَ وارن شھرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ھوندو آھي. عالمي صحت واري اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ دنيا ۾ ساليانو 12 لک جي لڳ ڀڳ جانيون ضايع ٿين ٿيون. دنيا ۾ روڊن تي ٿيندڙ 92 سيڪڙو موت گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ ٿين ٿا. جيتوڻيڪ انهن ملڪن ۾ دنيا جي گاڏين جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آهي. روڊ ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين مان اڌ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ خراب روڊ استعمال ڪندڙن جا ٿين ٿا، جن ۾ پيادل، سائيڪل سوار ۽ موٽرسائيڪل سوار شامل آهن. پاڪستان جي سماجي اداري “ڇيپا” موجب صرف ڪراچيءَ ۾ سال 2025 دوران ٿيل ٽريفڪ حادثن ۾ 857 ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا، جن ۾ 670 مرد، 89 عورتون، 74 ڇوڪرا ۽ 24 ڇوڪريون شامل آهن. ٽريفڪ حادثن ۾ زخمين جو تعداد 12,188 تائين پهچي ويو، جن ۾ 9,550 مرد، 1,904 عورتون، 563 ٻار ۽ 171 ڇوڪريون متاثر ٿيون.
روڊن رستن تي ٿيندڙ ٽريفڪ حادثن جا اھم سبب تعليم ۽ شعور جي گھٽتائي ۽ ڪرپشن آھن. اسان وٽ ڊرائيونگ لائسنس جو حصول انتهائي آسان آهي جيڪو چند رپين عيوض آسانيءَ سان ملي سگھي ٿو. ڊرائيونگ لائسنس وٺڻ وارن جي طبي معائني جي نالي ۾ صرف نظر جي چڪاس ڪئي وڃي ٿي. جسماني يا ذھني حالت تي ڪنھن به قسم جي توجهه نٿي ڏني وڃي. تعليمي معيار کي به مدنظر نٿو رکيو وڃي. نتيجي طور اڪثر ڊرائيورن کي ٽريفڪ سيفٽي متعلق آگاھي ڏيڻ وارن بورڊن کي پڙھڻ ئي نٿو اچي.ترقي يافته ملڪن ۾ ٽريفڪ متعلق سخت قانون نافذ آھن جنھن ڪري اتي حادثن جو انگ پاڪستان جھڙن ملڪن جي مقابلي ۾ گھٽ آھي. پاڪستان ۾ ٽريفڪ حادثن جا ھيٺيان ڪارڻ آھن.
1) ٽريفڪ سيفٽي متعلق آگاهي نہه ھجڻ: عام طور ڊرائيور ڊرائيونگ ڪنھن سٺي اداري کان سکڻ بجاءِ پنھنجن دوستن يا گھرڀاتين کان سکن ٿا. جنھن جي نتيجي ۾ انھن کي ٽريفڪ سيفٽي متعلق ڪا ڄاڻ نہه ٿي ملي. انھن کي صرف گاڏي ھلائڻ سيکاريو ويندو آهي. نتيجي طور ھنن کي اھا خبر بہه نہه ھوندي آھي تہه انھن کي ڪھڙي گاڏي ڪھڙي لين ۾ ھلائڻ گھرجي، اڳيان ويندڙ گاڏيءَ کان ڪيترو مفاصلو رکڻ گھرجي، ڪنھن چوراھي تي ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ لاءِ ڪھڙي لين ۾ ھلجي، پيڊسٽيرين ڪراسنگ تي ڪھڙا احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن وغيره.
2) حد کان وڌيڪ خود اعتمادي: ٻارن ۽ نوجوانن ۾ اڪثر اھو ڏٺو وڃي ٿو تہه جڏھن انھن جي ھٿ ۾ گاڏيءَ جو اسٽيئرنگ اچي ٿو تہه اھي سمجھن ٿا تہه انھن کان وڌيڪ سٺي ۽ تيز ڊرائيونگ ڪير بہه نہه ٿو ڪري سگهي. نتيجي طور اھي نہه صرف تيز رفتاريءَ سان گاڏي ھلائن ٿا گڏوگڏ گاڏيءَ ۾ وڏي آواز سان ميوزڪ بہه ھلائين ٿا جيڪا انھن جو ڌيان ڊرائيونگ کان ھٽائي ڇڏي ٿي.
3)نشيدار شين جو استعمال: ڏٺو ويو آھي تہه ڪافي ماڻهو خصوصاً نوجوان طبقو جيڪو نشي جو عادي آهي، حادثن جو ڪارڻ بڻجي ٿو.اڪثر ٽرڪن جا ڊرائيور جيڪي ڊگھن فاصلن تي سفر ڪن ٿا پڻ نشہه آور شين جو استعمال ڪن ٿا جنھن ڪري روڊن تي تمام خطرناڪ حادثا ٿين ٿا.
4) والدين جي غفلت: موجوده دور ۾ والدين ۽ ٻارن وچ ۾ رابطن جو فقدان بہه حادثن جو سبب بڻجي ٿو. ٻار جڏھن ڪجھه سمجھه سان ٿين ٿا تہه والدين انھن کي موٽرسائيڪل يا ڪار ھلائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏين ٿا، نہه پاڻ اھو سمجھن ٿا نه ٻارن کي اھو ٻڌائن ٿا ته ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ گاڏي ھلائڻ قانوناً ڏوهه آھي. ٻار انھن موٽر سائيڪلن تي ٻين ٻارن کي ويھاري تيز رفتاري ۽ ون ويلنگ ڪرڻ کي پنھنجي بھادري سمجھي ڊرائيونگ ڪن ٿا جنھن سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. اھڙي طرح ڪجھه دولتمندن جا ٻار بہه مھانگين گاڏين تي ويھي تيز رفتاريءَ جو مظاهرو ڪندا نظر اچن ٿا ۽ پنھنجي ۽ ٻين جي زندگين کي خطري ۾ وجھن ٿا.
5) قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪوتاهي: شھرن ۽ روڊن تي اڪثر ٽريفڪ اھلڪار موجود تہه ھوندا آھن پر اھي يا تہه ڪن لاٽار ڪندي نظر ايندا آهن يا ڏوڪڙن ڪمائڻ جي چڪر ۾ ھوندا آھن. انھن جو اڪثر شڪار موٽر سائيڪل، رڪشا يا ننڍين گاڏين وارا ھوندا آھن. وڏين ۽ لگزري گاڏين کان اھي لنوائيندا نظر ايندا آھن. سندن اھو عمل پڻ حادثن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو آهي.
ٽريفڪ حادثن کي روڪڻ لاءِ ھيٺيان اپاءَ وٺڻ سان انھن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي.
1) ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ لاءِاميدوارن جو مڪمل طبي معائنو لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ طريقہ ڪار کي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي. ڊرائيورن لاءِ مناسب تعليمي قابليت جي حد مقرر ڪئي وڃي. گھٽ عمر وارن ٻارن کي بنا ڪنھن مت ڀيد جي ڊرائيونگ ڪرڻ جي اجازت نہه ڏيڻ گھرجي. ھن ڏس ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارا ھر شھريءَ سان ھڪجھڙو سلوڪ روا رکن.
2) والدين پنھنجن ٻارن تي ڪڙي نظر رکن ۽ انھن کي ٽريفڪ قانونن متعلق وقتاً فوقتاً ڄاڻ ڏيندا رھن. ننڍي عمر ۾ کين موٽر سائيڪل يا گاڏي ھلائڻ لاءِ ڏيڻ کان پرھيز ڪن.
3) روڊن رستن تي جابجا حد رفتار جا بورڊ لڳل ھجن ۽ مختلف قسم جي ٽريفڪ لاءِ لين مختص ڪيا وڃن. شھرن ۾ موجود فٽ پاٿ تان حد دخليون هٽايون وڃن جيئن پنڌ ھلڻ وارن کي ھلڻ لاءِ محفوظ جڳھه ملي سگھي. شھرن ۾ سگنل تي پنڻ وارن جو ھڪ وڏو انگ موجود ھوندو آھي جيڪي ٽريفڪ جي نظام ۾ خلل وجھندا آھن. اھڙن پيشہه ورن کي اھڙين جاين تي بيھڻ نہه ڏجي.
4) اسڪولن ۾ ٻارن کي حفاظتي طريقن متعلق ڄاڻ مھيا ڪئي وڃي جيڪا سندن سليبس جو حصو ھجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو