غلاميءَ جا اوزار ننڍي کنڊ کان اڄ جي پاڪستان تائين
Tufail Magsi
ڪالم نگار
فطرت جو قانون اهو آهي ته گڏهه پيٽان گڏھ ۽ گهوڙيءَ پيٽان گهوڙو پيدا ٿيندو آهي. اسان به پنهنجن ابن ڏاڏن جا وارث آهيون ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي تاريخ به غلامي ۽ خدمتن جي داستان سان ڀريل آهي.
انگريز جي دور ۾ ننڍي کنڊ جو منظرنامو: برطانيه، هندستان تي لڳ ڀڳ هڪ صدي حڪومت ڪئي، پر ان جي ٽوٽل آبادي هتي ڪڏهن 25 هزارن کان وڌيڪ نه هئي. باوجود انهيءَ جي هن ننڍي کنڊ جي ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجو پوئلڳ ڪري رکيو، جيڪو عمل صرف فوجي قوت سان نه، پر مقامي ماڻهن جي وفاداري، ڀرتي ۽ غداري سان ممڪن ٿيو. انگلينڊ جيMigration Registers مطابق 15,447 برطانوي فوجي هندستان آيا، پر ننڍي کنڊ جا اٽڪل 3 لک سپاهي برطانوي فوج ۾ ڀرتي ٿيا. اهي ئي ماڻهو بنگال ريجمينٽ، پنجاب ريجمينٽ ۽ بلوچ ريجمينٽ جو حصو بڻيا ۽ انهن ئي هٿن سان انگريز پنهنجن مقامي ماڻهن کي چٿيو.
جيئن پلاسي واري جنگ سراج الدولھ جي خلاف انگريز فوج ۾ 90 سيڪڙو سپاهي هندستاني هئا ۽ فيصلو ڪندڙ غدار مير جعفر به مقامي هو. 1799ع سرنگاپٽم سلطان ٽيپو جي خلاف چئن جنگين ۾ اڪثريت هندستاني سپاهين جي هئي ۽ مير صادق جي غداريءَ برطانوي فتح کي يقيني بڻايو. سنڌ ۾ حر تحريڪ انگريزن جي خلاف وڙهڻ وارن جو مقابلو ڪرڻ وارا به مقامي بلوچ قبيلا هئا جن کي انعام ۾ جاگيرون مليون.
مذهب ۽ سامراج هڪ حڪمت عملي: برطانوي پاليسيءَ جو هڪ بنيادي مقصد مذهبي ادارن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ هو. تاريخي رڪارڊ مان پتو پوي ٿو ته دارالعلوم ديوبند جي قيام کانپوءِ انگريز حاڪم ان جو دورو ڪندا هئا ۽ وظيفا ڏيندا هئا. بريلوي، اهل حديث ۽ ٻين فڪرن سان سلهاڙيل عالمن کي به حڪومتي گرانٽون ملنديون رهيون. مذهبي اختلافن کي وڌائي سڌائي نور و بشر، حيات و ممات، اوليائن جي ڪرامتن جهڙا بحث عام ڪيا ويا ته جيئن اصل آزادي جي جدوجهد پسمنظر ۾ هلي وڃي. اهوئي سبب آهي جو اسلام جي 1500سالن واري تاريخ ۾ جيترا پير، مجدد ۽ ڪرامتي بزرگ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي 100سالن واري دور ۾ پيدا ٿيا، اهي ڪنهن ٻئي پرڳڻي ۾ نه ٿيا. اها محض روحاني پيداوار نه، بلڪه سوچيل سمجهيل سياسي حڪمت عملي هئي.
آزادي يا ڍانچن جي منتقلي؟: 1947ع کانپوءِ اسان جهنڊو بدلايو، پر فوجي ريجمينٽس، قانون، عدالتي نظام ۽ بيوروڪريسي جو نظام ساڳيو ئي رهيو، جيڪو انگريز ڇڏي ويو هو. فوجي، اشرافيه ۽ سول بيوروڪريسي اڄ به طاقت جو اصل مرڪز آهن. عوام جي حيثيت محڪوم واري آهي، يعني اڄ به ڪلهه جهڙي آهي. راشن لاءِ قطارون، مهانگائي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ به اڄ غلامي جي ياد کي تازو ڪن ٿيون.
موجوده پاڪستان تاريخ جو تسلسل: جڏهن مستقبل جو موءرخ پاڪستان تي لکندو ته شايد هينئن لکندو: اها هڪ اهڙي قوم هئي جيڪا الله جو نالو ته وٺندي هئي، پر مڃيندي پنهنجين شخيصتن کي هئي، طاقتور لاءِ الڳ قانون ۽ ڪمزور جي لاءِ الڳ قانون هو، جتي مذهبي بزرگ عوام کي غربت ۾ جنت جا خواب ڏيکاريندا هئا، پر پاڻ دنيا جي آسائشن ۾ رهندا هئا، جتي حرامخور عزت وارو ۽ محنت ڪشن کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهيو ويندو هو، جتي سياستدان نااهل، خود غرض ۽ ڪرپٽ هئا، پر عوام انهن کي ئي مسيحا مڃيندا هئا.
نتيجو- غلامي جي اصل پاڙ: اسان جي بدقسمتي اها آهي ته آزادي کي محض جاگرافيائي تبديلي سمجهون ٿا، پر اصل آزادي تڏهن ٿيندي جڏهن اسان تاريخ جو سامهون ڪيون، پنهنجين گڏيل غدارين کي تسليم ڪيون ۽ انهيءَ غلاماڻي ذهنيت کي تبديل ڪيون جيڪا نسل در نسل هلندي پئي اچي. نه ته اها ڳالھه سچ ثابت ٿيندي ته قوم عاد، قوم سمود ۽ قوم لوط جا گناھ ته الڳ الڳ قومن ۾ هئا، پر هن قوم ۾ سڀ گڏ هئا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟