هاسٽلن ۾ رهندڙ اڄ جو شاگرد وڌيڪ آسائشن جو طلبگار ۽ گهٽ ذميدار آهي
تعليم قومن جي ترقي جو بنيادي ذريعو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ جي دور ۾ ڪيترائي شاگرد تعليم جي اصل مقصد کان آهستي آهستي پري ٿيندا پيا وڃن. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد وڃڻ ٿيو، جتي شاگردن جي رهڻي ڪهڻي ۽ روزانو معمول ڏسي دل ڏاڍي اداس ٿي. اڄ جي مهانگائي واري دور ۾ هڪ وچولي طبقي جا والدين پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ وڏي قرباني ڏين ٿا. هاسٽل جي في پندرهن هزار رپين کان به مٿي آهي، پرائيويٽ لائبريري جا خرچ پنج کان ڇهه هزار رپيا، ڪتاب، ڪپڙا، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيا خرچ الڳ. ڪيترائي والدين پنهنجون ضرورتون قربان ڪري صرف ان اميد سان اولاد کي شهرن ۾ موڪلين ٿا ته هو پڙهي لکي پنهنجو ۽ سندن مستقبل بهتر ڪندا. افسوس جو ڪجهه شاگرد انهن قربانين جو احساس ڪرڻ بدران هر سهولت کي پنهنجو حق سمجهن ٿا. کين ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو گهرجي، هر آسائش موجود هجي، جڏهن ته محنت ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. مون کي پنهنجا شاگردي جا ڏينهن ياد اچن ٿا. سال 2010ع ۾ جڏهن حيدرآباد پڙهڻ ويس ته چانڊيا ڳوٺ ۾ رهندو هئس. منهنجو سينٽر سن لائيٽ اڪيڊمي، جيجل ماءُ نسيم نگر ۾ هو. آئون روزانو پنڌ ڪري سينٽر ويندو هئس ۽ ڪيترائي ڀيرا لائبريري به پنڌ ويندو هئس. ان وقت هاسٽل ۾ صرف رهائش ملندي هئي، باقي ماني، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم پاڻ ڪرڻا پوندا هئا. انهن تڪليفن باوجود اسان جي نظر صرف تعليم ۽ پنهنجي مقصد تي هوندي هئي.
اڄ صورتحال مختلف نظر اچي ٿي. ڪيترن ئي شاگردن جو قيمتي وقت موبائل فون، پبجي گيم کيڏڻ، ٽيليگرام، آن لائين جوا، سگريٽ، منشيات ۽ ٻين فضول مشغلن ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. شام جو قاسم آباد جي ڪيترن ئي هاسٽلن ۽ هوٽلن جي ڀرسان نوجوانن جا ٽولا رات دير تائين ويٺل نظر اچن ٿا. ڪي سگريٽ پي رهيا آهن ته ڪي بي مقصد ڪچهريون ڪري رهيا آهن، ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي رات جو ٽين چئين وڳي تائين جاڳندا رهن ٿا. پوءِ ڏينهن جو منجهند تائين سمهندا آهن، جنهن سبب پڙهائي، ڪلاس ۽ ٽيسٽن تي به منفي اثر پوي ٿو. يقينن سڀئي شاگرد اهڙا ناهن. ڪيترائي نوجوان اڄ به محنت، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پنهنجي والدين جي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر جيڪي شاگرد غلط صحبت ۽ غلط عادتن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، اهي نه صرف پنهنجو مستقبل، پر پنهنجي والدين ۽ پوري خاندان جي محنت، پئسي ۽ اميدن کي به نقصان پهچائين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته والدين، استاد، تعليمي ادارا ۽ خود شاگرد پنهنجي ذميوارين کي سمجهن. تعليم صرف ڊگري حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، پر ڪردار، نظم و ضبط، وقت جي پابندي ۽ ذميواريءَ جو نالو به آهي. جيڪڏهن اڄ جو نوجوان پنهنجي وقت، صحت ۽ والدين جي قربانين جو قدر ڪندو ته يقينن هو نه رڳو پنهنجي خاندان، پر سڄي سماج ۽ ملڪ لاءِ به هڪ ڪارائتو انسان ثابت ٿيندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟