مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مزاحمت کانسواءِ ڪوئي رستو ناهي

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته سوچڻ، سمجهڻ، سوال ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت ڪو انعام ناهي، پر هڪ سزا آهي. انسان جيڪڏهن دنيا کي صرف ڏسي ته شايد نسبتن سڪون سان رهي ٿو، پر جڏهن هو دنيا کي سمجهڻ لڳندو آهي ته سندس سڪون ۾ ڏار پوڻ لڳندا آهن. کيس ظلم نظر اچڻ لڳندو آهي، ناانصافي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، خاموشي به هڪ سياسي عمل معلوم ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پوءِ سڀ کان ڏکيو سوال سامهون اچي بيهندو آهي ته ڇا ڪجي؟
اڄ پنهنجي دوست ثمر محمد عليءَ سان ان ئي سوال تي هڪ ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهه هڪ شاعر جي هڪ افسوسناڪ واقعي کان شروع ٿي ۽ پوءِ انساني جنسيت، سماجي منافقت، ڏوهه، نفسياني صحت، طبقاتي تفاوت، رياستي بي حسي ۽ مزاحمت تائين وڃي پهتي. ڳالهه اها هئي ته اسان جي سماج ۾ هم جنسيت کان وڌيڪ خطرناڪ شايد هومو فوبيا (هم جنس پرستن سان نفرت) آهي. ڪنهن انسان جي جنسي سڃاڻپ يا لاڙي کي ڏوهه قرار ڏيڻ، کيس سماجي طور تي اڪيلو ڪري ڇڏڻ، سندس لاءِ زندگي جا بنيادي رستا بند ڪرڻ ۽ پوءِ کانئس اها اُميد رکڻ ته هو مڪمل طور تي عام زندگي گذاريندو، اهو تضاد اسان جي سماجي شعور جي ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪري ٿو، پر هتي هڪ بنيادي فرق تنهن هوندي به برقرار رهڻ گهرجي. رضامندي ۽ زبردستي هڪ شيءِ ناهن. ڪنهن به جنسي تعلق ۾ زبردستي، استحصال يا ڪنهن ننڍي عمر جي فرد جو جنسي استحصال ڏوهه آهي، چاهي ڏوهاريءَ جي سڃاڻپ، شهرت، جنس يا جنسي لاڙو ڪهڙو به هجي. هڪ شاعر وڏو تخليقڪار ٿي سگهي ٿو، هڪ دانشور غير معمولي ذهين ٿي سگهي ٿو، پر ڪابه ادبي يا فڪري عظمت ڪنهن ڏوهه کي معاف نٿي ڪري سگهي. شايد ان ئي موڙ تي اسان کي پنهنجي سماج جي ٻٽن معيارن کي ڏسڻ گهرجي. اسان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مشهور شاعر يا اديب جي فن کي سندس شخصيت جي اخلاقي احتساب کان ڌار ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ ڪڏهن وري سندس ذاتي زندگيءَ کي بنياد بڻائي سندس پوري فن کي رد ڪري ڇڏيندا آهيون. اهي رويا به غير علمي آهن. تخليقڪار به آخرڪار پنهنجي ڪمزورين، خواهشن، تضادن ۽ غلطين سان گڏ هڪ انسان ئي هوندو آهي.
ثمر چيو ته اديب ۽ علم وارا ماڻهو عام ماڻهن کان وڌيڪ حساس ۽ شايد وڌيڪ باشعور هوندا آهن، ان ڪري مٿن ذميواري به وڌيڪ لاڳو ٿيندي آهي. مان هن ڳالهه سان ڪنهن حد تائين سهمت آهيان. حساسيت انسان کي ٻين جي ڏک کي سمجهڻ جي لائق ضرور بڻائيندي آهي، پر اهو ضروري ناهي ته هر حساس انسان اخلاقي طور تي به هڪ بهتر انسان هجي. تاريخ ۾ ڪيترن ئي وڏن فنڪارن جي زندگيءَ ۾ اسان کي اهي تضاد ڏسڻ لاءِ ملن ٿا.
اصل مسئلو شايد فرد کان وڌيڪ سماج جو آهي: اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي ڪنهن مختلف سوچ يا لاڙو رکندڙ انسان لاءِ عام زندگي گذارڻ سولو ناهي. جنس، جنسيت، محبت، شادي، خاندان، اولاد، لباس، پيشو، نظريو، مطلب ته هر شيءِ لاءِ سماج هڪڙو خاص سانچو ٺاهي رکيو آهي، جيڪو به ان سانچي مان ٻاهر نڪري، ان تي ترت ئي ڪنهن نه ڪنهن اخلاقي برائي يا نفسياتي بيماريءَ جو الزام هنيو ويندو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پوري زندگي هڪ ڪُوڙ سان گڏ گذاريندا آهن. هو مخالف جنس سان شادي ڪري وٺندا آهن، اولاد پيدا ڪندا آهن، هڪ خاندان جي سماجي اميدن جو حصو بڻجي ويندا آهن، پر اندروني طور تي شايد اها زندگي ڪڏهن به سندن پنهنجي هوندي ئي ناهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف هڪ فرد ناهي ٽٽندو؛ پر سندس شريڪِ حيات، ٻار ۽ پورو خاندان ان ڪُوڙ جي قيمت چڪائيندو آهي. ان ڪري منهنجي خيال ۾ ڪنهن به اهڙي شخص کي مخالف جنس سان شادي نه ڪرڻ گهرجي جيڪو ڄاڻي ٿو ته هو ان رشتي کي حقيقي معنيٰ ۾ نڀائي نه سگهندو، پر ان سان گڏ سماج کي به اهو سمجهڻو پوندو ته ڪنهن انسان کي سندس سڃاڻپ جي خلاف زندگي گذارڻ تي مجبور ڪرڻ ڪا اخلاقي ڪاميابي ناهي.
ثمر هڪ ٻي ڪڙي حقيقت ڏانهن ڌيان ڏياريو: نفسياتي مدد به آخرڪار هڪ طبقاتي سهولت بڻجي چڪي آهي. جنهن وٽ پئسو آهي، اهو ماهرِ نفسيات تائين پهچي سگهي ٿو؛ جنهن وٽ پئسو ناهي، اهو اڪثر پنهنجن ذهني مسئلن سان اڪيلو رهجي ويندو آهي. هي رڳو جنسيت جو مسئلو ناهي. پاڪستان ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ بيماري، ذهني دٻاءُ، معذوري، بيروزگاري، ٻارن جي تعليم، رهائش ۽ وڌندڙ مهانگائي، سڀ ڪجهه هڪ مسلسل ذهني ٻوجهه آهي. اسان صحت کي بنيادي حق چوڻ ۾ ته ڏاڍا سٺا آهيون، پر ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ تمام گهٽ.
پوءِ ثمر چيو: ‘ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته سوچڻ، سمجهڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت ڪو انعام ناهي پر هڪ سزا آهي.’
اهو جملو دير تائين منهنجي ذهن ۾ گونجندو رهيو. ‘واقعي، ڪڏهن ڪڏهن عقل نه هجي ته موجون ئي موجون،’ مون چيو، جيڪو شخص ڪجهه نٿو ڏسي، تنهن کي شايد ڪجهه نظر به نٿو اچي، جيڪو سوال نٿو ڪري، تنهن کي جواب نه ملڻ واري تڪليف به ناهي ٿيندي. جيڪو ظلم کي عام ڳالهه سمجهي وٺندو آهي، اهو شايد نسبتن سڪون سان رهي ٿو. ڌڻ جو حصو بڻجڻ سولو آهي؛ پر ڌڻ کان ٻاهر نڪري سوال ڪرڻ ڏکيو آهي، پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته اسان مزاحمت ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ منهنجي خيال ۾ ائين نه آهي. يورپ اڄ جنهن مقام تي بيٺو آهي، اهو ڪنهن آسماني فرمان سان اتي ناهي پهتو. پورهيتن، عورتن، شهري حقن جي تحريڪن، نسلي برابريءَ جي جدوجهد، ايل جي بي ٽي (LGBT) حقن جي تحريڪ ۽ ٻين بيشمار سماجي تحريڪن ڏهاڪن ۽ صدين تائين مزاحمت ڪئي. آمريڪا ۾ شهري حقن جي جدوجهد به ڪو هڪ ڏينهن جو واقعو نه هئي. هر سماجي تبديليءَ جي پٺيان اهڙا ماڻهو هئا جن پنهنجي دور جي عام راءِ جي خلاف بيهڻ جو خطرو کنيو، پر مزاحمت جي هڪ قيمت به ٿيندي آهي. ثمر پنهنجي خاندان جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب ٻڌايو جنهن ۾ 1971ع جي جنگ، قيد، گهر ۽ مليل فائدن جو اوچتو کسجي وڃڻ، پوءِ وري 1991ع جي فرقيواراڻي فسادن ۾ سندس نانا جو قتل، گهر کي باهه ڏيڻ ۽ خاندان تي هڪ ڊگهي وقت تائين خوف جو سايو شامل هو. اهڙي تاريخي واقعن کانپوءِ انسان لاءِ مزاحمت کي رڳو هڪ نظرياتي عمل سمجهڻ ممڪن ناهي رهندو. کيس اها خبر پوندي آهي ته رياستي طاقت، مذهبي انتهاپسندي، فرقيواراڻي سياست ۽ سماجي نفرت صرف ڪتابن جا موضوع ناهن؛ پر اهي حقيقي انسانن جي گهرن ۾ داخل ٿيندا آهن، کين ساڙي ڇڏيندا آهن، ماڻهن کي قتل ڪندا آهن ۽ ايندڙ نسلن جي ياداشت ۾ خوف ڇڏي ويندا آهن. مون کيس چيو ته مزاحمت جي قيمت مون به چڪائي آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان کي پنهنجن ئي ماڻهن کان ڌار ٿيڻو پوندو آهي. ڪڏهن دوست هليا ويندا آهن، ڪڏهن تعلقات ختم ٿي ويندا آهن، ته ڪڏهن وري انسان پنهنجي ئي ڪمري ۾ ويٺي سوچيندو رهندو آهي ته آخر هو ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهيو آهي ۽ شايد اهوئي مزاحمت جو سڀ کان ڏکيو مرحلو آهي: جڏهن ڪو به توهان سان گڏ بيٺل نه هجي، پر تاريخ جو ڪمال اهو آهي ته اها هميشه صرف ڪامياب ماڻهن کي ياد ناهي رکندي. ڪڏهن ڪڏهن اها انهن ماڻهن کي به ياد رکندي آهي جن پنهنجي دور ۾ شڪست ته کاڌي، پر ايندڙ نسلن کي کٽڻ جو امڪان ڏئي ويا. تنهن هوندي به اسان کي مزاحمت جي تصور کي رڳو رومانوي بڻائڻ کان بچڻ گهرجي. هر شخص انقلاب لاءِ ناهي ٺهيل هوندو. هر انسان وٽ هڪ جهڙا وسيلا، ذهني طاقت، مالي آزادي يا سماجي تحفظ ناهي هوندو. ڪنهن شخص کي اهو چوڻ ته آسان آهي ته ‘ڏٽجي بيهه’، جڏهن ته سندس پٺيان پورو خاندان، نوڪري، ٻار ۽ پنهنجي جان جو خوف بيٺل هجي.
ان ڪري ئي پڙهيل لکيل ۽ نسبتن خوشحال طبقن جي ذميواري وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اسان وٽ وسيلا، آواز، قلم، پليٽ فارم ۽ نسبتن هڪ محفوظ زندگي موجود آهي ته پوءِ اسان کي انهن ماڻهن جو آواز بڻجڻ گهرجي جيڪي پاڻ ڳالهائڻ جي قيمت نٿا چڪائي سگهن.
مزاحمت جو مطلب هميشه رڳو روڊن تي نڪرڻ ناهي. ڪڏهن هڪ مضمون لکڻ به مزاحمت آهي. ڪڏهن ڪنهن ٻار کي محفوظ ماحول ڏيڻ به مزاحمت آهي. ڪڏهن ڪنهن مظلوم سان گڏ بيهڻ به مزاحمت آهي. ڪڏهن ڪنهن مجبور عورت کي اهو چوڻ ته سندس زندگي سندس پنهنجي آهي، مزاحمت آهي. ڪڏهن ڪنهن ايل جي بي ٽي فرد کي اهو ويساهه ڏيارڻ ته سندس انسانيت سندس سڃاڻپ کان گهٽ ناهي، مزاحمت آهي ۽ ڪڏهن ڪنهن طاقتور اديب يا شاعر جي ڏوهه کي ان جي طاقتور هجڻ جي باوجود ڏوهه مڃائڻ به مزاحمت آهي.
اسان کي شايد اهو به سمجهڻو پوندو ته سماج هڪ ڏينهن ۾ تبديل ناهي ٿيندو. تبديلي نسلن جو ڪم آهي. اسان مان ڪجهه ماڻهو شايد ان تبديليءَ جو ڦل نه چکي سگهن. شايد اسان جي ڪوششن جو ميوو اسان کي نه ملي. شايد اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ صرف اڪيلائي، ناڪامي ۽ نقصان ئي ڏسون، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان جي ڪوشش بي معنيٰ هئي. زندگي واقعي خوبصورت آهي، بس ان کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ انسان کي ڪجهه غير ضروري خوف، ڪجهه ڪُوڙيون سماجي ديوارون ۽ ڪجهه طاقتور ماڻهن جا ٺاهيل مفروضا ٽوڙڻا پوندا آهن. ۽ آخر ۾، اسان جي هيءَ ڳالهه ٻولهه ان ئي نتيجي تي ختم ٿي ته مزاحمت کانسواءِ شايد اسان وٽ واقعي ڪو ٻيو رستو ناهي. شايد زندگي نالو ئي ڪوشش ۽ قربانيءَ جو آهي، جيتري قدر به ممڪن ٿي سگهي.
حوالو: ھم سب
موضوع: مزاحمت ڪي سوا ڪوئي چاره نهين
تحرير: ڊاڪٽر علي شاذف
تاريخ: 15 آگسٽ 2026

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو