مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو نوجوان: سياست جو نعرو نه، تعليم جو جواب

Ali Ahmed Abro

اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ بزنسمين (بينڪاڪ)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ تازو ٿيل MDCAT جي نتيجن هڪ عجيب بحث کي جنم ڏنو آهي. سوال اهو ٿيڻ گهرجي ها ته امتحان شفاف هو يا نه، ڪنهن شاگرد سان ناانصافي ته نه ٿي، جيڪڏهن ڪا انتظامي يا ٽيڪنيڪل خامي آهي ته ان کي ڪيئن درست ڪيو وڃي؟ پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي سياست تعليم جي هڪ معاملي کي به علاقائي ۽ لساني عينڪ سان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ جي شاگردن جا خدشا پنهنجي جاءِ تي اهم آهن. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي امتحاني نظام، مرڪزن، انتظامن يا نتيجن بابت شڪايت آهي ته ان جي مڪمل ۽ غير جانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي. سينيٽ جي لاڳاپيل ڪميٽي به نتيجن ۾ مبينا بي ضابطگين جي جاچ جو مطالبو ڪري چڪي آهي.
ڪراچي جو نوجوان ۽ سياست: اسان کي اهو سوال به پاڻ کان ڪرڻ گهرجي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ اسان ڪراچي جي نوجوان کي ڇا ڏنو؟ هڪ طرف ان کي سياسي نعرن، احتجاجن، شناخت جي سياست ۽ جماعتن جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جو نوجوان، جڏهن کيس سياست ۾ پنهنجي مستقبل جي ڪا واضح اميد نظر نه آئي، تڏهن هن ڪتاب کي پنهنجو سهارو بڻايو. جنهن نوجوان وٽ طاقت جو ڪو سياسي پليٽ فارم نه هو، تنهن قلم هٿ ۾ کنيو. جنهن وٽ سفارش نه هئي، تنهن امتحان جي تياري ڪئي. جنهن وٽ وڏن شهرن جون سهولتون نه هيون، تنهن محدود وسيلن سان پنهنجي لاءِ رستو ٺاهيو. هي فرق ڪنهن هڪ قوم جي برتري يا ڪنهن ٻي قوم جي گهٽتائي جو ثبوت ناهي؛ هي اسان جي معاشري جي هڪ تلخ حقيقت آهي ته مختلف علائقن جي نوجوانن کي مختلف رستا مليا آهن.
ٿر جي ٻارن تي حيرت ڇو؟: تازو MDCAT جي نتيجن ۾ ٿرپارڪر جا پنج اميدوار Top 20 ۾ شامل ٿيا. جڏهن ته پوري Top 20 ۾ ڪراچيءَ جو ڪو به اميدوار شامل نه هو. جيڪڏهن اهو نتيجو ڪنهن کي حيران ڪري ٿو ته حيرت پنهنجي جاءِ تي، پر ڇا ان جو پهريون رد عمل شڪ هجڻ گهرجي؟ ٿر اها سر زمين آهي، جتي وسيلن جي کوٽ، ڊگها فاصلا، بنيادي سهولتن جون مشڪلاتون ۽ صحت جا مسئلا اڄ به هڪ حقيقت آهن. ان جي باوجود انهيءَ خطي اهڙا ڊاڪٽر پيدا ڪيا آهن، جن پاڪستان جي طبي شعبي ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي ته پوءِ جيڪڏهن اڄ ٿر جي ڪنهن ٻار ميڊيڪل جي داخلا واري امتحان ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ته اسان جو پهريون جملو اهو ڇو نه هجي: “شاباش! تو ثابت ڪري ڇڏيو ته وسيلن جي کوٽ قابليت جي کوٽ ناهي.” جيڪڏهن واقعي ڪنهن امتحاني مرڪز تي بي ضابطگي ٿي آهي ته ضرور ان کي پڪڙيو وڃي، پر جيڪڏهن جاچ کانپوءِ معلوم ٿئي ته انهن ٻارن پنهنجي محنت سان هي مقام حاصل ڪيو آهي ته پوءِ انهن جي ڪاميابي کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ صرف انهن ٻارن سان نه، پر تعليم سان به ناانصافي هوندي.
سنڌ جو نوجوان خاموشي سان اڳتي وڌي رهيو آهي: شايد سنڌ جي نوجوان جي سڀ کان وڏي طاقت اها آهي ته هو بنا گوڙ جي اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪنهن جلسي ۾ پنهنجي قابليت جو اعلان ڪرڻ بجاءِ يا روڊن رستن تي ڊگريون کڻي ڪاميابي ثابت نٿو ڪري، پر هو خاموشيءَ سان محنت ڪري امتحان ڏئي ٿو، اسڪالرشپ حاصل ڪري ٿو، پرڏيهه وڃي ٿو ۽ دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو. اڄ سنڌ جا نوجوان دنيا جي مختلف ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ Phd جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. اها هڪ اهڙي خاموش تبديلي آهي، جنهن تي شايد سياستدانن جي نظر اڃان پوري طرح نه پئي آهي. هي نوجوان مون کي هڪ اهڙي خاموش وڻ وانگر نظر اچن ٿا، جيڪي پنهنجي پاڙن سان اڄ به مضبوط نموني ڳنڍيل آهن ۽ زمين اندر خاموشي سان پنهنجون پاڙون پکيڙي رهيا آهن. مٿان کان شايد سندن اسرڻ جي رفتار گهٽ نظر اچي، پر وقت سان گڏ ان جو ٿڙ مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ ان جون ٽاريون پري تائين پکڙجي رهيون آهن.
قابليت کي لساني مسئلو نه بڻايو: اصل خطرو اهو آهي ته هر شيءِ کي لساني عينڪ سان ڏسڻ سان اسان پنهنجن ٻارن جي وچ ۾ ديوارون کڙيون ڪري ڇڏينداسين. ٻار ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو يا سکر جو ان جي ڪاميابيءَ تي اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي ۽ فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهي سڀ سنڌ جا ٻار آهن ۽ جيڪڏهن ٿر جو ڪو ٻار ڪراچيءَ جي ڪنهن وڏي تعليمي اداري جي شاگرد کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪري ٿو ته ان کي ڪراچيءَ خلاف فتح قرار ڏيڻ به غلط آهي ۽ ان جي قابليت تي سوال اٿارڻ به. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪراچيءَ جو ڪو ٻار Top 20 ۾ اچي ها ته ان کي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن خلاف ڪاميابي قرار ڏيڻ به ايترو ئي غلط هجي ها. تعليم مقابلو ضرور آهي، پر اها نسلي يا لساني جنگ ناهي.
سياستدانن لاءِ شايد اصل حيرت اها ئي آهي: ممڪن آهي ته سنڌ جي نوجوان جي وڌندڙ تعليمي قابليت ڪجهه سياستدانن لاءِ رڳو هڪ تعليمي خبر نه، پر هڪ سياسي حيرت به هجي. ڇو ته جيڪو نوجوان تعليم يافته ٿي وڃي ٿو، اهو سوال پڇي ٿو. جيڪو تحقيق ڪرڻ سکي وڃي ٿو، اهو دعوائن کي ثبوت سان پرکي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي محنت سان اڳتي وڌڻ سکي وڃي ٿو، ان کي هر وقت سياسي نعرن جي سهاري جي ضرورت نه رهندي آهي. شايد ان ڪري اسان کي سنڌ جي نوجوان جي هن خاموش تعليمي اڳڀرائي کي وڌيڪ سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. MDCAT جي معاملي ۾ جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد سان ناانصافي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي، پر جاچ جو فيصلو اچڻ کان اڳ ڪنهن مخصوص علائقي جي ٻارن جي ڪاميابي کي مشڪوڪ بڻائڻ دانشمندي ناهي. سنڌ جي نوجوان کي سياست جو ٻارڻ نه، تعليم جو رستو گهرجي ۽ شايد اڄ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن مان ايندڙ اهي ٻار اسان کي اهوئي پيغام ڏئي رهيا آهن جيڪي سالن تائين محروميءَ جي علامت سمجهيا ويا، انهن جي هٿ ۾ جيڪڏهن ڪتاب ڏئي ڇڏجي ته اهي محرومي جي نه، ڪاميابي جي ڪهاڻي لکي سگهن ٿا.
هاڻي فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي: اسان انهن ٻارن جي ڪاميابي تي جشن ملهايون يا کين لساني سياست جي اوڙاهه ۾ اڇلايون؟ شايد اڄ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن مان ايندڙ اهي ٻار هن نظام کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته جن کي سالن کان محروم رکيو ويو، انهن پنهنجي لاءِ ڪتاب جي چونڊ ڪئي ۽ پنهنجي محرومين مان ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي لکڻ سکي ورتي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو