لفظن جا ڏنل گهاءُ!
لفظ انساني ذھن ۾ ھلندڙ خيالن جي جنگ دوران انھن تابعدار سپاھين جيان ھوندا آھن، جيڪي جنگ جي ميدان ۾پنھنجي سپھه سالار جي حڪم جي تابعداري ڪندي دشمنن تي وار ڪندا آهن. ساڳيءَ ريت زندگي جي ميدان ۾ لفظ انساني ذھن جي حڪم جي تابعداري ڪندي خيالن کي عملي جامو پارائيندي دشمنن لاءِ نفرت جي روپ ۾ للڪار ۽ دوستن لاءِ محبتن جي صورت ۾ دفاع ڪندا آهن. اھي لفظ ئي ته آھن جيڪي منظر ڪشي ڪندا آهن ھر اڻ ڏٺي عڪس جي، انسان جي اندر جي بي ترتيب احساسن جي، ۽ انھن ماضي جي يادن ۽ نه وسرندڙ واقعن جي جيڪي انساني ذھن جي سر زمين تي ڦٽي نڪتل اھي سدا ساوا سلا ھوندا آھن، جيڪي ڪنھن به موسم ۾ مرجھائجي ناھن سگھندا. اسان وٽ اھي لفظ ئي ته آهن جن جي آڌار تي اسان ڪنهن جي دل تي دستڪ ڏيندا آھيون، ٻئي ماڻھو جي دل ۽ دماغ ۾ پنھنجي احساسن جي اھا تصوير چٽيندا آھيون، جيڪا اڻپورين، اڌورين ۽ ھڪ طرفين لاوارث مسافر محبتن جي درد سان رڱيل ھر احساس ڀري اک لاءِ سدائين لاءِ سندر بڻجي ويندي آهي. اسان جي زبان مان نڪتل لفظ ھر حوالي سان اھميت جوڳا ھوندا آهن. ڇاڪاڻ ته ھڪ دور کان ٻئي دور تائين پهچندڙ سمورين محبتن ۽ نفرتن جا نياپا، قصا، ڪھاڻيون پڻ انھن لفظن جي ذريعي ماڻهو دلين ۾ سانڍي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پھچائيندا آھن، پوءِ انھن سان يا ته نسلن جا نسل نفرتن جي نيري نڳر ۾ ماضي جي عملن کي پيا ڀوڳيندا آهن يا ته وري ماضي جي بي مثال محبتن کي ياد ڪري پنھنجي وڏن تي پيا فخر ڪندا آهن. ائين کڻي چئجي ته ماضي جي ڪھاڻي ھجي يا مستقبل جي سوچن جو سفر اھو سڀ ڪجهه لفظن کانسواءِ اڌورو آھي، لفظن جا کوڙ قسم آھن، ڪي لفظ ته سراپا محبت ھوندا آھن، پيار جون پناھون ھوندا آھن، جيڪي انساني روين جي تتل رڻ ۾ به پيار ڇانورا بڻجي روح کي راحت ڏيندا آهن، ڪن لفظن ۾ وري ھڪڙي لڙڪ لاڙيندڙ عاجزي ھوندي آھي، ڪن لفظن ۾ ٽٽل دلين جو بي انتھا درد به ھوندو آھي ته ٻئي جي ڏک کي محسوس ڪرڻ وارو احساس به ھوندو آھي. اھي لفظ ائين کڻي چئجي ته شريف النفس، اندر جي زخمن لاءِ مرھم مثل ھوندا آھن، جيڪي اسان جي ڏکويل دلين لاءِ درد جي گهٽتائيءَ جو سبب بڻجي پوندا آھن، اڪيلائپ ۾ اسان لاءِ اڪيلو سھارو بڻجي پوندا آهن. اسان جي روح لاءِ راحت جو اھم راز ھوندا آھن، اھي ئي ڀرپور محبتن سان ڀريل لفظ ئي اسان جي اخلاقي، احساساتي سڃاڻپ جو سبب پڻ بڻبا آهن ته اسان ڪھڙو ڪردار رکون ٿا، ڇا اسين رحم دل آھيون يا پٿر دل اھو تعين اسان جا ادا ڪيل الفاظ ئي ڪندا آهن. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آھي ته: “انسان جي زندگي ھڪڙي دڪان جيان هوندي آهي ۽ انساني زبان ان جي تالي وانگر ھوندي آھي، تالو کلڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي آهي ته دڪان سون جو آھي يا ڪوئلي جو. يعني “سڄو دارومدار اسان جي زبان ۽ ان زبان جي ذريعي ادا ٿيندڙ انھن لفظن جو ئي آھي ته اسان ڪٿي ڪھڙا لفظ استعمال ٿا ڪريون. ڇاڪاڻ ته اھي لفظ ئي اسان جي جذبن، احساسن، خيالن، سوچن جي ترجماني ڪندي سوين، ھزارين ٻين انسانن جي دلين تي صدين تائين راڄ ڪرڻ جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿا ته وري اھي ئي لفظ جيڪڏهن اسان بنا سوچ، سمجھه جي انھن جو استعمال ڪريون ٿا ته اھي دليون رنجائڻ وارو ظلم پڻ اسان جي نانءُ ڪري سگھن ٿا، تنھنڪري لفظن جو وڏو تقدس ھوندو آھي، اھي ڏاڍا مقدس ھوندا آھن. جڏهن اسان انھن جو قدر نٿا ڪيون، قيمت نٿا سمجھون لفظن کي غير ضروري جاءِ غير ضروري ماڻھو آڏو پنھنجا قيمتي لفظ ضايع ڪندا آھيون ته ان وقت ڄڻ اسان پنھنجن ئي لفظن جو تقدس پائمال ڪندي پنھنجي عزت نفس جي بيحرمتي ڪري رھيا ھوندا آھيون. تنھنڪري اسان کي ڪوشش اھا ڪرڻ گھرجي ته پنهنجي لفظن کي ھميشھ مناسب جاءِ تي مناسب انداز سان ڪتب آڻيون. اھڙا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريون جيڪي ڪنهن فرد کي اسان جي باري ۾ انا، تڪبر، ھٺ وڏائي يا بداخلاق يا بي رحم شخص ھئڻ جو تاثر ڏين. باقي اسان جي زبان مان ادا ٿيل اھي لوڻاٺيل لفظ جيڪي سامھون واري ماڻهوءَ جي لاءِ لڙڪن جو سبب بڻجن، درد جي ڪا دانهن بڻجن، اھي لفظ ھزارين جنگين ۾ ڪتب آيل ھزارين ھٿيارن کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن. جڏھن به ڪنهن ماڻهو جو روح جڏهن ڪنھن پنھنجي ئي پياري ماڻهو جي لفظن سان رنج ٿئي ٿو، تڏهن ھو اندران اھڙو ته ٽٽي پوندو آهي، ھن جي شيشي جھڙي دل اھڙي شدت سان چڪنا چور ٿي پوندي آهي جو ان درد جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ يا ان سموري پيڙاءُ کي اسان محسوس ڪريون اھو ممڪن ئي ناهي، اسان شايد پنھنجي زندگيءَ ۾ ايتري لاپرواهيءَ سان ڪنهن به شيءِ جو استعمال ناھيون ڪندا جيتري لاپرواهي سان اسان پنهنجا قيمتي لفظ ادا ڪندا آهيون. لفظ محبت جي مقبرن مٿان تاج محل به بڻجي سگھن ٿا ته لفظ لوڻاٺيل بڻجي تباھ ڪن جنگين جو ڪارڻ به بڻجي سگھن ٿا، جيڪڏھن دنيا ۾ ڪا حساس کان حساس شيءِ آھي جيڪا سيڪنڊن جي وٿين ۾ ماڻھن جي دلين ۽ دماغ تي پنھنجو اھڙو ته اثر ڇڏي سگهي ٿي، جيڪو صدين تائين يا ته وڇوڙن جا ورلاپ بڻجي انھن سوچن ۾ صدائون ھڻندو ٿو رھي يا ته پيار ۽ پنهنجائپ جو اٽوٽ تعلق جو سبب بڻجي پوي ٿو ته اھو صرف ۽ صرف اسان جا ادا ڪيل لفظ آھن، اھا طاقت صرف انسان جي لفظن ۾ آھي، جنھن سان ھو کٽيل بازي ھارائي ۽ ھارايل بازي ٻيھر کٽي پڻ سگھي ٿو. جيڪڏھن اسان پنھنجي لفظن جي اھميت ۽ ٻين تي ان جي ٿيندڙ ھاڪاري توڙي ناڪاري اثرن کان واقف ٿي پئون ته ڄڻ اسان جي زندگيءَ جا اڌ کان وڌيڪ مسئلا، پريشانيون پاڻمرادو حل ٿي وڃن، باقي زبان مان ادا ڪيل لفظن کانپوءِ جو پڇتاءُ ڪڏھن به ان درد جو متبادل نٿو بڻجي سگهي، جيڪو انھن لفظن سبب ھڪ ماڻھو ڀوڳي ٿو. اسان جڏھن به پنھنجي لوڻاٺيل لفظن جي آڌار تي ڪنھن شخص جي دل تي وار ڪندا آهيون ته اھي بي رحم لفظ ھن جي دل تي ھڪ اھڙو زوردار تير بڻجي لڳندا آهن جو جڏهن اسان کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيندو آھي ۽ اسان معافي به وٺندا آھيون توڙي جو اڳيون شخص اسان کي معاف به ڪري ٿو ڇڏي، پر ان جي باوجود ھڪڙي ڳالھه ذھن نشين ڪرڻ گھرجي ته ان معافي تلافي سان اھو لڳل تير ته نڪري ويندو آهي، پر ان تير جي ڪري ان شخص جي معصوم دل تي رھجي ويل اھو گھاءُ سڄي زندگي ڀرجي ناھي سگھندو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟