دنيا کي جنگ نه پر امن گهرجي
تاريخ گواهه آهي ته انساني سماج جڏهن به ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن ته ان جي پٺيان امن، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. ان جي برعڪس، جڏهن به انساني عقل تي انا، حوس ۽ جنگي جنون سوار ٿيو آهي، تڏهن سڄي دنيا مسمار ٿيل شهرن، سڙيل لاشن ۽ معصوم ٻارن جي دانهن جو داستان بڻجي ويندي آهي. اڄ جڏهن اسان جي اها سهڻي ڌرتي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيڪل عروج جي دور مان گذري رهي آهي، تڏهن به افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان اڃان تائين جنگ جي خوفناڪ پاڇن کان آزاد ٿي نه سگهيا آهيون. اڄ جي صورتحال کي ڏسي هر شعور واري انسان جي دل مان هڪ ئي سڏ اڀري ٿو ته دنيا کي جنگ نه، پر امن گهرجي. جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي رهي، پر اها پاڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، جيڪو پنهنجي پٺيان بک، بدحالي، بيماريون ۽ نسل ڪشي ڇڏي وڃي ٿو. جڏهن به ڪٿي جنگ جا نغارا وڄن ٿا ته سڀ کان پهرين انساني اخلاقيات ۽ سچ جو قتل ٿيندو آهي. بم ۽ بارود رڳو ڪانڪريٽ جي عمارتن کي ناهن ڊاهيندا، پر اهي لکن مائٽن جا گهر، ٻارن جون معصوميتون، نوجوانن جا خواب ۽ مستقبل مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. جنگ جي ميدان مان ڪڏهن به فتح جي خوشخبري ناهي ايندي، ڇو ته کٽيندڙ ڌر به پنهنجي هزارين نوجوانن جا لاش کڻي پنهنجي گهر موٽندي آهي ته هارائيندڙ به. حقيقي معنيٰ ۾ جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جي شڪست ٿيندي آهي ۽ انسانيت هارائي ويندي آهي.
اڄوڪي جديد دور ۾ امن جي اهميت اڳي کان وڌيڪ ان ڪري به وڌي وئي آهي، جو اڄ جا هٿيار اڳئين دور جهڙا تير ۽ تلوارون ناهن. اڄ دنيا جي طاقتور ملڪن وٽ اهڙا خطرناڪ نيوڪليئر ۽ ڪيميائي هٿيار موجود آهن، جيڪي هڪ بٽڻ دٻائڻ سان سڄي دنيا کي سيڪنڊن ۾ رک جو ڍير بڻائي سگهن ٿا. ان ڪري هاڻي جنگ جو مطلب رڳو ٻن ملڪن جي دشمني ناهي، پر جنگ جو مطلب سڄي انساني نسل جو مڪمل خاتمو آهي. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته امن ڪا عياشي يا خواب ناهي، پر اهو اسان جي بقا جو واحد ضامن آهي. جيڪڏهن امن هوندو، ته اسان جا ٻار اسڪول ويندا، دنيا جو مستقبل روشن ڪندا. ڪو به سماج، ملڪ يا رياست جنگ جي حالت ۾ ڪڏهن به خوشحال نٿو ٿي سگهي، ڇو ته ترقيءَ جا سڀ رستا امن جي رستي مان لنگهي اچن ٿا.
اهو نهايت افسوسناڪ پهلو آهي ته اڄ عالمي سطح تي جنگي بجيٽن ۾ اربين ڊالرن جو اضافو ڪيو پيو وڃي، پر ٻئي پاسي دنيا ۾ لکين ماڻهو اڄ به صاف پيئڻ جي پاڻي، اڌ گرهه، بيمارين جي علاج ۽ تعليم جهڙي بنيادي حقن کان محروم آهن. جيڪڏهن اها ئي اربين ڊالرن جي بجيٽ هٿيارن جي خريداريءَ بدران غربت جي خاتمي، صحت جي سهولتن، ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن خطرناڪ چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي خرچ ڪئي وڃي، ته هيءَ ڌرتي جنت جو منظر پيش ڪندي، پر بدقسمتيءَ سان هٿيارن جي واپارين ۽ سرمائيدارن جي لالچ انسانيت جي مستقبل تي وڏو سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي.
تنهنڪري، اڄ وقت جي اهم ضرورت آهي ته دنيا جا تمام اڳواڻ، عالمي ادارا ۽ سول سوسائٽي هٿيارن جي ان انڌي ڊوڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪن. طاقت جي ٻولي ۽ هٺ ڌرمي بدران ڳالهين، مصلحت ۽ سفارتڪاريءَ جو رستو اختيار ڪيو وڃي. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي هڪ تباهه ٿيل ۽ خوفزده دنيا ناهي ڏيڻي، پر کين پيار، امن ۽ رواداريءَ جو اهڙو سماج تحفي ۾ ڏيڻو آهي، جتي اهي بنا ڪنهن خوف جي رهي سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟