سر نسريا پاند اتر لڳا آءُ پرين..!
ھر ڏينھن جو پنھنجو ڏيک ھوندو آھي، ھر رات جي پنھنجي رمتا ھوندي آھي، ھر سال جون پنھنجون صدائون ھونديون آھن ۽ ھر موسم جا ھر ماڻھو جيان پنھنجا رنگ، ڍنگ ۽ مزاج ھوندا آھن. ڇاڪاڻ ته موسم، انساني مزاج ۽ موسيقي انھن ٽنھي شين جو پاڻ ۾ فطرتي طور انتھائي گھرو ڳانڍاپو آھي، ماڻهو تي سڀ کان وڌيڪ اثر موسم ۽ انساني مزاج جو ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ھي موسمون انساني مزاج جو اٽوٽ حصو آھن، برسات کانپوءِ ٿڌڙي ھير جئين گھلندي آھي ته مايوس من اندر خاموش خزائن جو به انت اچي ويندو آهي ۽ اسين من موهيندڙ موسم سان گڏجي مھڪڻ لڳندا آھيون، ھي ھاڻ بدلجندڙ دلربا موسم جنھن جو ھر بدلاءُ محبوب جي پھرين نگاھ جيان نرالو آهي. جڏهن سر نسرڻ لڳا آھن، اتر جا واھوندا ھاڻ شرميلي نگاھن جيان ڄڻ ته ڀت جي اوٽ مان ھر ھر ليئا پائي رھيا آھن، ھن موسم جي ھر ادا ھن جي ادائن جھڙي حسين آھي، ھن رت جي ھر رنگيني محبوب جي خوبصورت اکين جيان ھڪ حسين راز ٿي لڳي. ھن مند جو ھر رنگ الھڙ جوانيءَ جي پھرين محبت جي پڙلاءُ جھڙو آھي، ھاڻ جڏھن خزان جو اڌوري محبت جيان وڌيڪ انھن بي اعتبار اتر جي واھوندن مٿان ڪو زور نه ھلندو، بس! ھي آڪٽوبر جيئن ئي اختمام پذير ٿيندو ته نومبر ۾ جڏھن اھي اتر جا واءُ پنھنجي جوڀن کي پھچندا، تڏھن ھڪ پاسي ننڍا ٻار ھٿن ۾ لغڙ جي ڏور کڻي لغڙ جي آسمان ڏانهن اکيون اڙائي لغڙ جي اڏام تڪيندا…!
ھا تڏھن! تڏھن ٻئي پاسي نوان نوان نينهن نوجوان نگاھن ۾ پلجڻ لگندا، انيڪ دلين جي ڌڙڪڻ بي ترتيب بڻجڻ لڳندي، ٿڌا ساھ مقناطيسي رفتار کان به تيز روح جي رڻ مان نڪري افق ۾ ڀٽڪندي پنھنجو دڳ تلاش ڪرڻ لڳندا، ڪنھن گھر جي در تي بيٺل اداس اکيون شھر کان ايندڙ شام واري آخري لاري لاءِ انتظاريءَ جا ڪبوتر اڏارڻ لڳنديون ۽ جڏھن وري ڪا دل ڪنھن جي اعتبار جي وادي ۾ ڊنل ڪنھن هرڻي جيان ٿر جي ڀٽن ۾ ڪنھن جي بي رخين جي ھڪڙي ھانءُ ڏاريندڙ ھڪل سان وڇوڙن جو پڙاڏو بڻجي پوندي…! بقول لطيف:
سر نسريا پاند اتر لڳا آء پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ،
سهسين سکائون ڪيون.
تڏھن مون کي ھي مند ڏاڍو ماندو ڪري ڇڏيندي آهي، جڏھن ھن موسم جا سمورا محبوب ماڻا حساس دلين لاءِ درد، ورلاپ، سڏڪا ۽ محبوب ماڻھن جي يادن جا نوان تاڪيا کولي ڇڏيندا آهن. ھن مند جي ھر شام دلفريب ھوندي آھي، ھر چانڊوڪي رات ۾ چنڊ جون چلولايون اندر جي انتطار کي وڌيڪَ طويل ڪري وجهنديون آهن، ھر سرد رات جي پوئين پھر ۾ ڪوئل جي ڪوڪ، ڪنھن ويران اسٽيشن تان گذرندڙ ڪنھن اڪيلي ٽرين جو البيلو آواز ننڊاکڙن نيڻن کان ننڊ کسي اوجاڳن جا تحفا ارپي ٿو ڇڏي. ڏينهن ته ھر ماڻھو وقت جي گھڙين جي ان ولر کي پنھنجن توڙي پراون جوڙ ماڻھن جي ھجومن سان ھڪليندي گذاريو ڇڏي، پر جڏهن شام جا پاڇا لڙندي ماڻهو جي من جي دنيا ۾ ھلچل شروع ٿي ويندي آهي، سج لھڻ کانپوءِ جيئن ئي اندر جي سنساني پنھنجي ھيڻن ساھن سان ساٿي بڻجي پوي ٿي تڏھن ماڻهو اڪيلائپ ۾ ماضيءَ جي محبوب يادن جا اوتڻ جا نشا چڙھڻ لڳندا آهن. جڏھن دل رڳو پنهنجي من پسند شخص جي ٻن ٻولن لاءِ ليلائڻ لڳندي آهي، تڏهن ماڻھو جي من اندر ۾ سوين سڪ ۽ اڪير جا جا ٻيڙا ماضي جي يادن سان لھرن جيان لڙندي پنھنجي اکين جي ڪنارن کي اچي ٽڪرائيندا آھن، تڏھن سواءِ دردناڪ خاموشي جي پنھنجي پلئه ڪجھه به ناھي پوندو…!
ھي موسم جڏهن ماڻھو ٻاھر جي ويراني سبب پنھنجي اندر جي دنيا ۾ پنھنجي پاڻ سان جڏھن منھ مقابل ٿيندو آھي، تڏھن حقيقت اھا آھي ته ماڻهو جي پنھنجي پاڻ سان روح رھاڻ ۾ رڳو اھي سوال آڏو ايندا آھن، جن جا جواب ماڻهو جي زبان بدران آليون اکيون ڏينديون آھن، ڪڏھن ڪڏھن جڏھن ھن موسم جي شامن کي اداسي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي آھي تڏھن پنھنجي دل انھن لطيف چواڻي اڻ ڏٺا آرا ڪرڻ لڳندي آهي، پنھنجي دل انھن ماڻھن جا پار پڇائيندي آھي جن کي ماڻھو وڏي ڪوشش کانپوءِ زھر جو ڍڪ اوتي پنھنجي حافظي جي سليٽ تان معصوم ٻار جي لکيل سبق جيان مٽائي ڇڏيو ھوندو آھي ۽ اھڙي ڪيفيت ۾ بس! پوءِ موسيقي، شاعري ئي ھن موسم جي ھر شام اداس دلين لاءِ دل وندرائڻ جو آخري دڳ ھونديون آھن.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟