مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عوام جي بجيٽ جو انتظار اجايو آهي!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪو دور هو جڏهن ماڻهو سڄو سال بجيٽ جو انتظار ڪندا هئا ته جون ۾ بجيٽ پيش ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو ۽ سڄي سال جا ٿڪ لهي ويندا. ڇو ته عوام کي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو بجيٽ جي وڏي خبر ملندي هئي ته ڪهڙي شيءِ سستي ٿيندي ۽ ڪهڙي شيءِ مهانگي ٿيندي، پر هاڻي ته روزاني جي بنياد تي نئين بجيٽ غريب عوام تي مسلط ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب عوام کي هاڻي سال ۾ هڪ ڀيرو پيش ٿيندڙ بجيٽ جو ڪوبه اوسيئڙو ناهي هوندو، جتي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ روزانو اضافو ٿئي اتي جون واري بجيٽ طرف ماڻهو ڇو ڏسندا. هن وقت ظلم اهو آهي ته جيئن ئي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌن ٿيون ته روزمره جون شيون هڪدم آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿيون. اڳي هڪ دفعو سال ۾ بجيٽ پيش ٿيندي هئي ته سڄو سال ان تي عوام گذر ڪري وٺندو هو، پر هاڻي نه عوام حڪومتي فيصلن تي ڌيان ٿو ڏئي ۽ نه حڪومت عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ٿي. ان ڪري هاڻي بجيٽ مان اميدون رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. ڇو ته بجيٽ اچڻ کان اڳ ئي جيڪي خبرون گردش ڪري رهيون آهن، انهن مان غريب جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. خبرون ٻڌائين ٿيون ته حڪومت کي آئي ايم ايف جي شرطن اڳيان جهڪايو ويو آهي. بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ، سڀ امير ٽيڪسن کان آجا ۽ غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ جو رجحان قائم آهي. هاڻي سولر پليٽ تي به ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. نه رڳو جنرل سيلز ٽيڪس ۾ اضافي جا واضح اشارا ملي رهيا آهن، پر مختلف قسمن جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون عروج تي آهن. هن وقت مڊل ڪلاس ۽ غريب طبقي جي معاشي حالت بدتر آهي، هو علاج ۽ ٻارن جي تعليم جا خرچ به برداشت نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن وچولي طبقي جي ڳالهه ڪجي ته اهو به پنهنجي سفيد پوشيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ زندگي جي گاڏي کي ڌڪي رهيو آهي. مهانگائي جنهن رفتار سان وڌي رهي آهي، تنهن ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون اٽي ۾ لوڻ برابر محسوس ٿين ٿيون. ان ڪري ملازم مجبور ٿي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۽ پنهنجن حقن جي جنگ وڙهڻ لاءِ پارليامينٽ جي ايوانن ڏانهن رخ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن.
اصل ڳالهه اها آهي ته حڪمران عوام جي نالي تي قرض کڻي پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ڀري پنهنجون ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن ۽ قوم کي آءِ ايم ايف جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هن وقت قرضن جي ان ڦاهي کان بچڻ لاءِ ڪو به رستو نظر نه ٿو اچي. چند ارب ڊالر جي قرضن جي حصول لاءِ پنهنجي قوم کي گروي رکڻ ڪٿان جو انصاف آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت پنهنجي شهرين کي رليف ڏيڻ بدران آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي مٿن وڌيڪ بار وجهي رهي آهي. ان ڪري غريب عوام لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪابه اميد جهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي. ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ ٻين ضروري شيون جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جا اشارا پڻ ملي رهيا آهن. جتي جنگ ٿي رهي آهي اتي عوام کي ڀرپور رليف ڏنو پيو وڃي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ جنگ جي نالي تي مهانگائي جو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ عوام کي نه گئس مهيا آهي نه بجلي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه تعليم، نه صحت، نه سيڪيورٽي ۽ نه امن و امان حاصل آهن. اهڙي ملڪ ۾ زندگي گذارڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي. هن وقت ڳالهه صاف آهي ته مشڪلاتن جو طوفان اڃان مڪمل نه ٿيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته ڪنهن به جنگ کانسواءِ ملڪ جي معيشت جو سڌرڻ ناممڪن آهي. پگهاردار طبقو هتي ٽيڪس ڏئي ٿڪجي پيو آهي ۽ حاڪم جن کان ٽيڪس گڏ ڪرڻ گهرجي انهن ۾ هٿ وجهڻ کان ڪيٻائي ٿو ۽ ڪمزور طبقي مٿان هر هر ٽيڪس لاڳو ڪري ان کي دٻاءُ ۾ وجهي رهيو آهي. بيروزگاري خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي آهي، نوجوان طبقو مايوسيءَ جو شڪار آهي ۽ روزانو غربت سبب خودڪشيون ٿي رهيون آهن. صنعتون بند ٿي رهيون آهن، سرڪاري شعبن ۾ روزگار جا ذريعي محدود ڪيا ويا آهن. عوام لاءِ پاليسيون سخت ڪيون پيون وڃن. لڳي ٿو ته اسان جي حڪمرانن کان ملڪ نه هلي رهيو آهي. حڪمرانن کي عوام جو وڌيڪ امتحان نه وٺڻ گهرجي، انهن کي عوام جي رد عمل کان ڊڄڻ گهرجي. عوام مهانگائيءَ سبب پنهنجو اولاد ۽ پنهنجي جسم جا عضوا وڪڻڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪمران واقعي ملڪ ۽ عوام سان مخلص آهن ته انهن غريبن جو خون چوسڻ بدران اشرافيه جي مٿان ٽيڪس لڳائين، انهن جون مراعات ختم ڪن ۽ پنهنجن شاهي خرچن ۾ گهٽتائي آهي عوام کي رليف فراهم ڪن. بک هميشه انقلاب لاءِ راهون هموار ڪندي آهي، عوام جي صبر جي هڪ حد هوندي آهي. عوام جي صبر کي وڌيڪ نه آزمايو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو