جهڙي طريقي سان ڪيترن ئي جانورن جون بيڪ وقت هڪ کان وڌيڪ جنسون موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن دور ۾ انسان جون به هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ جنسون موجود هيون. هڪ اندازي موجب ڇهه انساني جنسون ساڳئي ئي زمان ۾ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هيون. انيڪ فرق هجڻ باوجود، سڀني انساني جنسن ۾ ڪجھ هڪ جهڙائيون پڻ هيون، جنهن جي ڪري کين انساني جنسن جي گروهه جو حصو بنجڻ جي سعادت نصيب ٿي. انهن هڪ جهڙائين مان هڪ خاصيت سندن غير معمولي طور تي ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏو دماغ هو. 60 ڪلو گرام وزني ٿڻائتن جانورن جي سراسري دماغ جي جسامت 200 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هئي. جڏهن ته 25 لک سال اڳ، اوائلي مرد ۽ عورت جي دماغ جي جسامت اٽڪل 600 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هئي. موجودہ دور جي انسانن جي دماغ جي جسامت 1200_1400 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر آهي. جڏهن ته 30 هزار سال اڳ هڪ ٻي انساني جنس نيئيندرٿال جا دماغ اڃان به وڏا هئا.