سنگهرپٽ جو سفر
ڪجھه ڏينهن ٿيندا جو ڳالهين ڳالهين ۾ سير و تفريح جي ڳالھه نڪتي ۽ انهن ڳالهين ۾ اياز حسين ڪولاچي چيو ته صاحب توهان موٽر سائيڪل تي تمام گهڻا ۽ ڊگها سفر ڪيا آهن، گرمي سردي جي پرواهه نه ڪندي الله توهار ڪري نڪري پوندا آهيو، سچ ته هن عمر جي حساب ۽ اهڙن سفرن ڪرڻ تي جس هجي اوهان کي، ڳالھه کي جاري رکندي چيائين ته مونکي به سسئي پنهونءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻي آهي پر رستي جي خبر ناهي.